پنجاب جي تعليمي ادارن ۾ نشي واپرائڻ جو رجحان تيز، گرفتار جوابدارن جو اعتراف

0
1333

لاهور: نشي جو ڪاروبار ڪندڙن انڪشاف ڪيو آهي ته نوجوانن خاص ڪري ڪاليج ويندڙ شاگردن ۾ نشي جو رجحان وڌي رهيو آهي ۽ اهي ئي سندن گراهڪ آهن. اهڙو انڪشاف 84 مرد ۽ عورت جوابدارن اينٽي نارڪوٽيڪس فورس لاهور جي جاچ دوران ڪيو آهي، ان لاءِ جيڪڏهن توهان جا ٻار خاص ڪري ڪراچي، اسلام آباد، لاهور ۽ ٻين وڏن شهرن جي ڪاليجن ۾ ويندڙ آهن ته انهن تي ڪرڙي نظر رکو.

اي اين ايف انهن جوابدارن کي ڳجهي اطلاع تي تعليمي ادارن ٻاهران نشو وڪرو ڪرڻ جي الزامن هيٺ سوگهو ڪيو هو. اي اين ايف جي هڪ اهم عملدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ان آپريشن دوران هر مهيني اندر 72 کان 100 تائين نشو وڪرو ڪندڙ گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ اهڙي ڪارروائي گذريل ٽن مهينن کان جاري آهي.

ياد رهي ته شاگردن ۾ نشي جي لت واريون خبرون ان وڌيڪ سامهون آيون جڏهن لاهور يونيورسٽيءَ جي هڪ شاگرد جو لاش هاسٽل جي ڪمري مان مليو هيو ۽ ان بعد ئي ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو هيو. جڏهن ته قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي ڊين پاران به اهڙو ئي انڪشاف ٿيو ۽ ان بعد حڪومت آپريشن جو حڪم ڏنو هو.

اي اين ايف جي عملدار ٻڌايو ته انهن جوابدارن جي ڏس تي تعليمي ادارن ۾ نشو وڪرو ڪندڙ شاگردن کي به گرفتار ڪيو ويو. جڏهن ته گرفتار جوابدارن پاران ڏوهه تسليم ڪرڻ بعد انهن کي جيل موڪليو ويو آهي. اي اين ايف عملدارن صوبي جي 500 تعليمي ادارن مان 114 کي ”گري“ قرار ڏنو آهي جتي شاگرد وڏي مقدار ۾ نشو واپرائين ٿا.

تازو ئي پنجاب جي اسپيشل برانچ انڪشاف ڪيو آهي ته بهاءُالدين ذڪريا يونيورسٽي جا شاگرد وڏي انگ ۾ نه رڳو نشو واپرائين ٿا پر وڪري ۾ به ملوث آهن. ان ڳجهي رپورٽ ۾ يونيورسٽيءَ جي گارڊن ۽ هيٺئين عملي کي ملوث قرار ڏنو ويو آهي.

سماجي ڪارڪن ۽ نشي خلاف مهم هلائيندڙ سيد ذوالفقار ٻڌايو ته پنجاب حڪومت 14 ميمبرن تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي تعليم واري وزير رانا مشهود جي نگرانيءَ ۾ ٺاهي هئي ۽ ان ڪاميٽي اهو مشاهدو ڪيو ته جن تعليمي ادارن ۾ گڏيل تعليمي نظام آهي، اتي مرد توڙي عورتون وڏي انگ ۾ نشو واپرائڻ ۾ ملوث آهن. هن ٻڌايو ته نجي اسڪولن ۾ اهڙن شاگردن جو انگ وڏو آهي.

آرٽس ڪاليج لاهور جي اڳوڻي گريجوئيٽ ۽ آرٽسٽ احمد سعيد پنهنجي دوست نول جاويد کي معمولي ڳالهه تان قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو ۽ اهو مڃيو ته هو ٻئي ان وقت نشو ڪري رهيا هئا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته نشي لاءِ هن، نول کان 5000 روپيه ورتا هئا ۽ بيروزگاريءَ سبب ان کي واپس نه ڪري سگهيس. ان وقت هن پئسا واپس ڪرڻ تي زورڀريو ۽ آءُ نشي ۾ هيس ۽ چاقوءَ جا وار ڪري ان کي قتل ڪري ڇڏيم.

سعيد اهو پڻ چيو ته هن کي نشي جي عادت يونيورسٽيءَ ۾ پئي ڇو ته هو داخلا کان اڳ نشو نه ڪندو هيو. اتي اهڙو ماحول هيو جو جيڪڏهن توهان نشو نه ڪيو ته هو ائين ٽريٽ ڪندا ڄڻ توهان ڌاريا هجو.

پروفيسر قمر چيما نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ڪمزور يونيورسٽي ريگيوليشن ان جا ذميوار آهن، والدين، انتظاميه ۽ شاگردن جي گڏيل رابطي سان مافيا کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي. هن ٻڌايو ته شهري تعليمي اداران ۾ نشو وڏي پئماني تي واپرايو پيو وڃي.

ان صورتحال جي سنگينيءَ کي ڏسندي سياسي جماعتون توڙي هاير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ ٻيا ادارا گڏيل لائحه عمل تيار ڪن ته جيئن نوجوان نسل کي تباهيءَ کان بچائي سگهجي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here