اسلام آباد (رحمت محسود وٽان) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پاران هڪ ارب وڻ پوکڻ واري جنهن ”سونامي مهم“ جي گھڻي مشهوري ڪئي پئي وڃي، تنهن کي ماحولياتي ماهرن پاران رد ڪندي ”غلط جڳهن تي غلط قسم جا وڻ پوکڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي“.
ماحولياتي ماهر ۽ پشاور يونيورسٽيءَ ۾ باٽني (نباتات) شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر لعل بادشاهه نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو آهي ته ”بنان ڪنهن شڪ جي وڻ پوکڻ واري مهم هڪ بهترين ڪوشش آهي پر اسانجو مکيه اعتراض اهو آهي ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻيءَ هيٺ هلندڙ حڪومت پاران غلط قسم جا ٻوٽا غيرسازگار جاين تي پوکيا پيا وڃن.

ڊاڪٽر لعل بادشاهه جو چوڻ آهي ته، ڪُونو ڪارپس ٻوٽو خيبرپختونخواه صوبي جي گاديءَ واري شهر، پشاور جي آسپاس وارن علائقن ۾ پوکيو ويندو. اهو ٻوٽو انهيءَ علائقي جي ماحوليات سان مطابقت رکڻ وارو ٻوٽو نه آهي“.
هن موجب ”ڊوڊوينيا نالي ٻوٽو پڻ پوکيو پيو وڃي، جنهن جو مطلب اهو ٿيندو ته قوم جي پيسي کي برباد ڪيو ويندو ڇو ته اهو ٻوٽو به انهيءَ علائقي لاءِ سازگار نه آهي. هنن کي ززيفس قسم جا وڻ پوکڻ گھرجن جيڪي ٻين جي مقابلي ۾ تيزيءَ سان نسرندا آهن ۽ وڌيڪ ماحول دوست به آهن“.

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، خيبرپختونخواه جي ضلعي هريپور ۾ جڏهن ٻوٽو پوکيو ته هن ماحولياتي نظام جي بقا، ماحوليات جي پائيداريءَ ۽ ڳوٺاڻي سطح جي رهڻي ڪهڻيءَ کي هٿي وٺرائڻ خاطر وڻن جي وسيع پوکيءَ واري مهم شروع ڪرڻ لاءِ ڀرپور طريقي سان ڪم ڪرڻ واري ضرورت تي گھڻو زور ڀريو هو. هن اميد ظاهر ڪندي چيو هيو ته ”وڻن جي پوکيءَ واري مهم ڌرتيءَ جي کاڌِ کي روڪڻ ۽ قدرتي وسيلن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندي“. ان ڏس ۾ هن مقامي ماڻهن کي اڳتي اچي وڻن جي پوکيءَ واري مهم کي حقيقي معنيٰ ۾ ڪامياب ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني هئي.

ڊاڪٽر لعل بادشاهه ڪي ڳالهيون ياد ڪندي ٻڌايو ته ”ڪجهه وقت ڪونُو ڪارپس وڻ کي سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ به آزمايو ويو هيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته ان وڻ سبب پولن اِلرجيءَ جي صورت ۾ ماحول لاءِ ڊگهي مدي وارا اهڙا ته منفي اثر سامهون آيا جن جو تڪڙو ازالو به ممڪن نه آهي. انهن وڻن جا ٻين وڻن توڙي گلن ۽ ٻوٽن تي به شديد ناڪاري اثر پون ٿا، پکي به انهن وڻن تي ويهڻ لاءِ ناهن ايندا ۽ انهن وڻن تي رهڻ خاطر پنهنجا آکيرا ٺاهڻ کان به لنوائيندا آهن“.
هڪ ٻئي ماحولياتي ماهر ڊاڪٽر فرخ حسين جو چوڻ آهي ته ”تحريڪ انصاف جي وڻ پوکڻ واري مهم جي نتيجي ۾ ماحول تي ڊگهي مدي وارا تمام گھڻا مثبت اثر ظاهر ٿيندا“.
هن دعويٰ ڪئي ته ”ڊوڊينيا قسم جو وڻ پشاور شهر ۾ پوکڻ تمام وڏي غلطي هوندي“. ڊاڪٽر فرخ صلاح ڏني ته ان بجاءِ پشاور جي مختلف علائقن ۾ ”ززيفس نموليريا“ نالي وڻ پوکيو وڃي ته ماحول ان لاءِ سازگار هوندو.
جڏهن ته ڊاڪٽر لعل بادشاهه جي راءِ آهي ته ”ان قسم جا وڻ پوکڻ جيڪي ”بروسونيشيا“ قسم جي وڻن جهڙا ئي آهن، اهڙا وڻ 60 واري ڏهاڪي جي ابتدا ۾ وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ به پوکيا ويا هئا، پر وڻن جا اهي قسم هاڻي پولن الرجي ڦهلائڻ جو مکيه سبب بڻيل آهن“.

ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جي هڪ سينيئر عملدار، ميڊيا سان ڳالهائڻ متعلق بااختيار نه هجڻ جي ڪري پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته، پولن الرجي جي سلسلي ۾ عوامي شڪايتن سبب اسانجو ادارو اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ موجود، مسئلا پيدا ڪندڙ وڻن جي ڪٽائيءَ تي جهجها وسيلا خرچ ڪري رهيو آهي.
پاڪستاني سياست ۾، عوام جو ڌيان ترت ڇڪائڻ خاطر يا سياسي مخالفن تي سياسي دٻاءُ وجهڻ لاءِ، سياستدان اڪثر ڪري ”سُونامي“ لفظ جو استعمال ڪندا رهن ٿا.
خيبرپختونخواه صوبي جي زراعت واري وزير اِڪرام الله گنڊاپور، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته ”تحريڪ انصاف پاران وڻن پوکڻ واري مهم لاءِ سونامي لفظ ان ڪري چونڊيو ويو ته جيئن هن مهم کي عوام ۾ فوري طور تي مشهور ڪري سگھجي. هڪ ارب ٻوٽا پوکڻ واري مهم سڄي صوبي اندر شروع ڪئي وئي آهي ۽ ان مهم ۾ تيزي اچڻ لڳي آهي“.
هن اهو پڻ ٻڌايو ته، حڪومت پاران اڳ ۾ ئي ”سرسبز واڌ ويجهه لاءِ قدم“ تحت هڪ لک وڻ پوکڻ جو حدف مقرر ڪرڻ بابت اعلان ڪيو ويو هيو. اڪرام الله گنڊاپور اميد ظاهر ڪندي چيو ته ”هن مهم جي نتيجي ۾ ٻيلائي ايراضيءِ ۾ 22 سيڪڙو ڦهلاءُ ٿيندو ۽ خيبرپختونخواه ۾ حڪومت ڪرڻ خاطر تحريڪ انصاف کي مليل پنجن سالن واري مدي دوران قومي باغن جي انگ ۾ پڻ ٻيڻِ تي واڌارو ٿي ويندو“.
صوبائي وزير اهو پڻ ٻڌايو ته ”هڪ ارب وڻ پوکڻ واري ”سونامي مهم“ تي ايندڙ تقريبن 300 ملين روپين جي لاڳت صوبائي حڪومت پاران مهيا ڪئي ويندي. مهم دوران 17 ملين وڻ هلندڙ سال پوکيا ويندا جڏهن ته 248 ملين ٻوٽا پڻ هن سال دوران پوکيا ويندا“.
هوڏانهن ڊاڪٽر لعل بادشاهه جو چوڻ آهي ته ”حڪومت اهڙي قسم جا وڻ پوکي رهي آهي جيڪي ڏيهي قسم جا نه آهن ۽ اهي ماحول لاءِ پڻ مطابقت رکندڙ ناهن“.
اسلام آباد ۾ رهندڙ ماڻهن جو تمام گھڻو انگ ”بروسونيشيا“ قسم جي وڻن متعلق هڪ اُگري تجربي مان گذري چڪو آهي، جيڪو هزارين ماڻهن کي الرجيءَ ۾ مبتلا ڪرڻ جو مکيه سبب بڻجندو رهيو آهي.
ڊاڪٽر لعل بادشاهه چيو آهي ته، پاڪستان ۾ تقريبن 6 هزار ڏيهي نباتات جي نشاندهي ٿيل آهي ۽ ديسي قسم جا وڻ پڻ اڻ ڳڻيا آهن. هن صلاح ڏني ته، پرديسين بجاءِ ديسي وڻن جي پوکيءَ کي اوليت ڏيڻ گھرجي، جيڪي ڌارين وڻن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ماحول دوست پڻ آهن.
PTI one billion tree campaignان سلسلي ۾ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي هن تاڪيد ڪئي ته، ماحولياتي ماهرن جي سفارش مطابق اڪيشيا (ٻٻر جا وڻ)، مونوٿيڪا، اوليا، اڪياموڊيسٽا، ڊلبرجياسيسو، اڪيانيلوٽيڪا، ززيفس، رزاسٽريڪا ۽ وِٽينيگنڊو قسمن جا وڻ پوکڻ گھرجن جيڪي ماحول لاءِ تمام گھڻا مفيد آهن.

صوبائي وزير اڪرام الله گنڊاپور چيو آهي ته ”ٻيلن جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو، ايتري حد تائين جو حفاظت ۾ ڏنل ٻيلائي ايراضيءَ ۾ جانورن جي چَرڻ تي پڻ مڪمل بندش هوندي. جڏهن ته اهڙي حڪمت عملي پڻ تيار ڪئي وئي آهي جنهن تحت ڪاٺ جي اسمگلنگ ڪرڻ واري مافيا کي به روڪي سگهجي، جنهن جي ڪري قومي خزاني کي هر سال اربين روپين جو خسارو ٿيندو آهي“. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته، صوبائي حڪومت پاران رٿابندي ڪئي وئي آهي ته، ايندڙ نسلن لاءِ سرسبز ۽ سکيو ستابو ماحول ڇڏي وڃئون.

ٻئي طرف پاڪستان پيپلزپارٽيءَ سان تعلق رکندڙ صوبائي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ فخر اعظم وزير مهم تي شديد تنقيد ڪندي چيو آهي ته ”تحريڪ انصاف جي حڪومت وارن ڏينهن ۾ اسان نه ته ڪو سبز انقلاب نه ئي ڪو تعليمي انقلاب ايندي پيا ڏسئون“. هن، وڻ پوکڻ واري مهم کي ٻيو ڪجهه نه پر تحريڪ انصاف سان لاڳاپيل قانونسازن پاران غلط طريقن وسيلي پيسا ڪمائڻ واري مهم قرار ڏنو آهي.

نيوز لينز پاران موقف وٺڻ خاطر خيبرپختونخواه ۾ تحريڪ انصاف جي ”سرسبز واڌ ويجهه واري اڳڀرائي“ مهم جي چيئرمين ملڪ امين اسلم سان ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪرڻ باوجود رابطو نه ٿي سگھيو.
جڏهن ته هن پاران لکيل هڪ مضمون ۾، ملڪ امين اسلم پاران هڪ ارب وڻ پوکڻ واري ”سونامي مهم“ کي شاندار رٿا قرار ڏيندي ان کي صوبي، ملڪ توڙي دنيا لاءِ فائديمند پڻ قرار ڏنو ويو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here