ويڙهاڪ گروهن کي سياسي ڌارا ۾ آڻڻ وارو بحث، جهادي ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب

0
1175

لاهو: حافظ سعيد ۽ سندس سربراهيءَ ۾ هلندڙ مشهور ويڙهاڪ گروهه جماعت الدعوه گذريل ڪيتري ئي وقت کان ڪشمير بابت جهاد جي ڪري سڄي دنيا لاءِ وڏين خبرن مهيا ڪرڻ جو وسيلو بڻجي پون ٿا ۽ پاڪستان ۾ ”فلاح انسانيت فائونڊيشن“ وسيلي عام ڀلائيءَ وارا ڪم ڪندڙ هي ماڻهو فوج جي حمايت ۽ ڀارت مخالف احتجاج سبب به هميشهه ڌيان جو مرڪز بڻيل رهن ٿا. 14 مارچ 2017 واري ڏهاڙي شايد عالمي دٻاءَ تحت حافظ سعيد کي سندس گھر ۾ نظربند ڪرڻ واري حڪم جاري ٿيڻ کانپوءِ جماعت الدعوه پنهنجي سگھ ٻيهر بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

جماعت الدعوه ويجهڙائيءَ ۾ قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 120 لاهور ۾ ٿيل ضمني چونڊ ۾ حصو وٺندي پنهنجي اميدوار شيخ يعقوب کي ”مِلي مسلم ليگ (ايم ايم ايل) جي اميدوار طور ميدان ۾ لاٿو جيتوڻيڪ اها پارٽي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان اهو نالو سياسي مقصدن جي استعمال خاطر حاصل ڪرڻ واري ارادي ۾ ڪجهه فني سببن جي ڪري ناڪام ثابت ٿي پر اهو في الحال موجوده وقت جو معاملو آهي اڳتي هلي ٿي سگھي ٿو ته راهه آڏو آيل فني رڪاوٽون هٽي وڃن جنهن بعد ان پارٽيءَ کي به اهڙا سمورا حق حاصل ٿي سگھن ٿا جن آڌارا 2018 ۾ رٿيل ايندڙ عام چونڊن دوران ملي مسلم ليگ جا اميدوار پوري جوش خروش سان چونڊن ۾ حصو وٺي سگھندا.

لاهور جي ضمني چونڊن دوران مِلي مسلم ليگ جي اميدوار پنهنجي چونڊ مهم وارن پوسٽرن ۽ بينرن ۾ حافظ سعيد جي تصويرن کي استعمال ڪيو ۽ نتيجي ۾ 5 هزار ووٽ کڻي مقابلي ۾ چوٿين پوزيشن حاصل ڪئي.
انهيءَ ضمني چونڊ واري صورتحال ۾ اسلامي نظرين واري هڪ ٻي پارٽي ”تحريڪ لبيڪ پاڪستان پارٽي“ به نڪري نروار ٿي بيٺي جنهن جماعت الدعوه جي اميدوار سامهون پنهنجو اميدوار بيهاري حيران ڪري ڇڏيو. اها پارٽي پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير کي قتل ڪندڙ پوليس گارڊ ممتاز قادريءَ کان گھڻو متاثر آهي ۽ توهين رسالت جو ڏوهه ڪندڙ هر هڪ ماڻهوءَ کي قتل ڪرڻ واري عزم جو اظهار به ڪري چڪي آهي. انهيءَ پارٽيءَ اليڪشن جي نتيجن تحت 7 هزار ووٽ حاصل ڪري ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. ”تحريڪِ لبيڪ يا رسول الله“ (ٽي ايل واءِ آر) جون ريليون ۽ جلسا بريلوي مسلڪ جي پوئلڳن جي مدد سان منعقد ڪيا ويا. انهيءَ مسلڪ کي ٻين جي ڀيٽ ۾ اعتدال پسند سمجهيو ويندو آهي پر هي گروپ ممتاز قادريءَ کي تمام گھڻي اهميت ڏئي ٿو.

ياد رهي ته پوليس اهلڪار ممتاز قادريءَ پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير کي 2011 دوران اسلام آباد ۾ ان وقت قتل ڪيو جڏهن هو سندس حفاظت واري ڊيوٽيءَ تي مقرر ٿيل هيو. پنجاب جو تڏهوڪو گورنر سلمان تاثير انهن ڏينهن ۾ توهين رسالت قانون کي ذاتي مقصدن خاطر غلط ارادي سان استعمال ڪرڻ واري عمل کي روڪڻ خاطر انهيءَ قانون ۾ ترميم ڪرڻ واري موقف جي حمايت ڪري رهيو هيو.

تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه خادم حسين رضويءَ نيوزلينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته هو 2018 جي عام چونڊن ۾ حصو وٺندا ۽ سندن ارادو اهو آهي ته عوامي طاقت حاصل ڪري ملڪ اندر شريعت کي لاڳو ڪيو وڃي. هن انهيءَ عزم جو به اظهار ڪيو ته هو اڳوڻي گورنر جي قاتل جي تصوير کي پنهنجي سياسي پارٽيءَ جي پوسٽرن ۽ بينرن تي شايع ڪندا رهندا.

ساڳيءَ ريت مِلي مسلم ليگ جي صدر سيف الله خالد ٻڌايو ته حافظ سعيد (جنهن جي تنظيم جماعت الدعوه کي گڏيل قومن (يو اين) پاران دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو ويو آهي ۽ آمريڪا پاران حافظ سعيد جي سِر تي 10 ملين ڊالر انعام رکيو ويو آهي) ئي اليڪشني سرگرمين دوران سندن پارٽيءَ جي علامت طور مستقل موجود رهندو. جڏهن ته پارٽيءَ طرفان اڃان بهرحال اهو واضح فيصلو ناهي ڪيو ويو ته اليڪشن سرگرمين دوران حافظ سعيد جو ڪهڙو ڪردار رهندو.

انگريزي اخبار ڊان جي اڳوڻي ايڊيٽر عباس ناصر ڊان ۾ شايع ٿيل پنهنجي ڪالم ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ”ويڙهاڪ گروپن کي مک سياسي ڌارا ۾ وٺي اچڻ جي اها چال اسٽيبلشمينٽ پاران تيار ڪئي وئي آهي“. پنهنجي موقف جي مضبوطيءَ خاطر دليل طور هن اڳوڻي فوجي جرنيل امجد شعيب پاران اليڪشن کان هڪ مهينو اڳ هڪ ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويوءَ جو حوالو به ڏنو آهي جنهن ۾ جنرل امجد چيو هو ته ”انٽر سروسز انٽيليجنس ايجنسيءَ جي ڊائريڪٽر جنرل پاران شدت پسند تنظيمن کي مک سياسي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي“.

سينيئر صحافي، سياسي معاملن ۽ چونڊن واري عمل جي پارکو حسن شهزاد جو چوڻ هو ته ”جهڙيءَ ريت انهن جهادي يا سخت گير پارٽين لاهور جي تڪ اين اي 120 واري ضمني چونڊ ۾ حصو ورتو آهي ان کي ڏسندي اڻ ڳڻين ماڻهن جون اکيون کلي ويون آهن. اليڪشن ڪميشن جهادي ۽ بندش پيل اڳواڻن جي واکاڻ ٿيڻ جو ڪو به نوٽيس ڇو ناهي ورتو؟ اليڪشن واري عمل جو جائزو وٺندڙن به انهن پارٽين پاران هٿ ڪيل مالي وسيلن جي ذريعن جا تفصيل ڇو هٿ ناهن ڪيا ۽ اهو سوال ڇو ناهي اٿاريو ته انهن ڪهڙيءَ ريت مسجدن کي سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪيو آهي؟“. حسن شهزاد اهڙي نوعيت جا ٻيا به ڪيترائي سوال اٿاريا.

اين اي 120 واري ضمني چونڊ دوران اليڪشن ڪميشن پاران ڪارروائي نه ٿيڻ ۽ حامي ووٽرن طرفان ڀرپور ساٿ ڏيڻ سبب هاڻي اهي امڪان وڌي ويا آهن ته 2018 جي چونڊن ۾ جهادي يا سخت گير پارٽين جا ٻيا به ڪيترائي اميدوار مختلف تڪن تان چونڊن ۾ حصو وٺندا. آمريڪا پاران چِٽائيءَ سان دهشتگرد قرار ڏنل فضل الرحمان خليل جي هڪ ويجهي ساٿيءَ نالو راز ۾ رکڻ جي شرط آڌار ٻڌايو ته مولانا فضل الرحمان خليل به پنهنجي ماڻهن کي چوڻ شروع ڪيو آهي ته ”مان به جلد پنهنجي پارٽيءَ جو اعلان ڪري چونڊن واري سياسي عمل ۾ حصو وٺندس. اها هاڻي رب جي رضا آهي جنهن آڌار اسان مک سياسي ڌارا ۾ حصو وٺنداسين ڇو ته اسانجي ملڪ کي محب وطن ماڻهن جي موجوده وقت ۾ سخت ضرورت آهي“.

حسن شهزاد جو چوڻ هو ته ”مونکي ته هاڻي اهو خدشو به رهڻ لڳو آهي ته ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ تحريڪ طالبان پاڪستان جي احسان الله احسان جهڙن اڳواڻن کي به مک سياسي ڌارا ۾ آڻڻ وارو قدم کڻي سگھي ٿي“. ياد رهي ته ته احسان الله احسان گذريل سال هٿيار ڦٽا ڪري فوج آڏو پيش پيو هيو ۽ هن وقت فوج جي تحويل ۾ آهي.

حسن شهزاد پنهنجي ڳالهه اُڪلائيندي چيو ته ”جهادين جي اليڪشني سرگرمين ۾ اچي وڃڻ سان سياست بابت نئون اصولي موقف سامهون آيو آهي. اهي اڳواڻ جيڪي بندوقن سان سلهاڙيل رهيا آهن، اهي هاڻي سماج ۾ به بندوق جو نئون نظريو لاڳو ڪندا. جهادي تنظيمن کي روڪڻ جو هي موذون وقت آهي ۽ اهڙي ڪوشش وقت گذري وڃڻ کان پهريان ٿيڻ گھرجي ۽ اهو به چِٽائيءَ سان ياد رکڻ گھرجي ته اسان سڀني وٽ وقت تمام ٿورو آهي“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here