پشاور: غلط معلومات جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو ئي نه آهي ته عام ماڻهو ان تي يقين ڪري وٺندا آهن پر اڪثر معتبر ماڻهن پاران جيڪو مواد پڌرو ڪيو ويندو آهي اهو سندن پوئلڳن تي گهڻا اثر ڇڏيندو آهي ۽ سندن اهي پوئلڳ اهڙي معلومات جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کانسواءِ ئي ان کي وڌيڪ ڦهلائڻ شروع ڪري ڏيندا آهن. جنهن ڪري اهڙي معلومات ترت گرما گرم موضوع بڻجي پوندي آهي ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا (ٽي وي چينلن) پاران انهيءَ معلومات کي نشر ڪرڻ جا امڪان به پيدا ٿي پوندا آهن.

گذريل ٻن ڏهاڪن دوران طويل مفاصلن باوجود ماڻهن کي اک ڇِنڀ ۾ خبرن ۽ معلومات وسيلي ڳنڍڻ ۽ معلومات تائين رسائيءَ وارو يقين ڏياريندي سوشل ميڊيا عالمي سطح تي انتهائي اهميت حاصل ڪري ورتي آهي. جڏهن ته قطر مان هلندڙ هڪ نيوز چينل پاران تسليم ڪيو ويو آهي ته ”نشرياتي ميڊيا بهترين رپورٽنگ بجاءِ وڌ کان وڌ ڏسجڻ خاطر سنسي خيزي ڦهلائڻ جو ذميوار آهي“.

انٽرنيٽ وسيلي اشتعال ڦهلائڻ، هيسائڻ ۽ شناخت جي چوري اڄوڪن وقتن ۾ عام ڳالهه ٿي چڪي آهي. انتهائي پڙهيل ڳڙهيل ۽ نام نهاد عوامي شخصيتن پاران ٺوس ذريعا ڄاڻائڻ کانسواءِ غلط معلومات ڦهلائڻ ۽ ونڊڻ ورڇڻ به عام معمول بڻجي چڪو آهي. ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته غلط معلومات ڪهڙيءَ ريت توهان جي موت جو سبب بڻجي سگھي ٿي؟ سخت تشدد جي نتيجي ۾ قتل ٿي ويل مشال خان سان پيش آيل واقعو پاڪستان جي اجتماعي شعور لاءِ تازه ترين يادگيري آهي. ان واقعي مان ڪوڙ تي ٻڌل معلومات جي هاڃيڪار اثرن جو درست اندازو لڳائي سگھجي ٿو.

باچا خان يونيورسٽيءَ ۾ گڏ ٿيل هجوم کي مڇرائڻ لاءِ جيڪي ڳالهيون ٻڌايون ويون اهي مشال خان کي ڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي تصور ڪيون ويون. مشال خان اها دعويٰ به ڪئي ته سندس فيس بوڪ جو اڪائونٽ هيڪ (ٻئي پاران قبضي ۾) ڪيو ويو آهي. پر جيڪي به ماڻهو آن لائن ٿين ٿا ضروري نه آهي ته اهي صحيح ۽ غلط اطلاعن ۾ فرق ڪرڻ وارو شعور رکندڙ هجن.

اهو ئي سبب آهي ته نوجوان مشال خان کي سندس موت واقع ٿيڻ تائين تشدد جو نشانو بڻائيندڙن اها زحمت به نه ڪئي ته سوشل ميڊيا وسيلي سامهون آيل تفصيلن جي مناسب تصديق به ڪري وٺن. ويجهي ماضيءَ ۾ پاڪستان جي گھرو معاملن واري اڳوڻي وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان پاران خبردار ڪيو هو ته اهي ٽوئيٽس (جيڪي غيرضروري طور تي لکيون وڃن ٿيون) اهي پاڪستان جي اندروني نظام، جمهوريت ۽ انصاف لاءِ خطرو بڻجي سگھن ٿيون.

فاٽا ۾ موبائل انٽرنيٽ جي معطلي

ڪجهه ڏينهن اڳ انٽرنيٽ وسيلي هلندڙ ميگزين ”پروپاڪستاني“ پاران پاڪستان ۾ موبائل وسيلي انٽرنيٽ هلائيندڙ واهپيدارن جي شمارياتي انگ اکرن متعلق ٽوئيٽ ڪئي وئي. ان جي جواب ۾ فني معلومات نه هجڻ ۽ ڪمزور ذريعن تي ڀاڙڻ سبب هڪ مقامي تنظيم ”فائونڊر اينڊ لائير“ پاران جوابي ٽوئيٽ ڪندي چيو ويو ته ”فاٽا جي عوام کي ٿري جي/فور جي استعمال ڪرڻ وارن ۾ شمار نه ڪيو وڃي ڇو ته انهيءَ علائقي لاءِ گذريل هڪ سال کان انٽرنيٽ جي سهولت معطل آهي“. ان بعد آن لائن بحث مباحثي دوران فاٽا ۾ انٽرنيٽ جي سهولت ميسر نه هجڻ واري ڳالهه متعلق ذريعي جي نشاندهي به ڪئي وئي. ان ذريعي به بعد ۾ اها دعويٰ ڪئي ته 12 جون 2016 کان وٺي سموري فاٽا اندر موبائل انٽرنيٽ جي سهولت معطل ٿيل آهي.

جڏهن ته فاٽا پرڳڻي جي مختلف ادارن ۽ ذريعن کان تصديق ڪرڻ جي نتيجي ۾ معلوم ٿيو ته فاٽا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ موبائل وسيلي صرف ٿري جي/فور جي سهولت فعال نه آهي. ڪجهه مخصوص علائقن ۾ مختلف موبائل ڪمپنين پاران واهپيدارن کي صرف ٽو جي ۽ جي پي آر ايس جي سهولت ڏنل آهي. ذريعي پاران انهيءَ معاملي متعلق ڪيل دعويٰ غلط ثابت ٿي پر صرف لنڊي ڪوتل بابت ان جي ڳالهه درست آهي جتي انٽرنيٽ جي سهولت ميسر نه آهي.

اهڙي قسم جي معلومات نه صرف آن لائين ٿيندڙ عام شهرين پر ٻين ملڪن جي مشاهدو ڪندڙن کي به فاٽا جي صورتحال متعلق گمراهه ڪيو. اهڙو ئي مسئلو صرف انٽرنيٽ جي سهولت ميسر هجڻ يا نه هجڻ بابت ئي نه آهي پر فاٽا جي غيرمحفوظ ۽ عدم استحڪام جو شڪار هجڻ متعلق به غيرتصديقي غلط معلومات سامهون ايندي رهي ٿي ۽ ان مان اندازو هڻي سگھجي ٿو ته غلط معلومات وسيلي ڪنهن علائقي يا ماڳ مڪان بابت شهرين کي گمراهه يا غلط نتيجي تي پهچايو وڃي ٿو. ٽي اين اين ريڊيو جي ڊائريڪٽر طيب آفريديءَ صلاح ڏيندي چيو ته ميڊيا مٿان معلومات جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۽ ٻيهر تصديق ڪرڻ جا جيڪي قانون لاڳو ٿين ٿا انهن جي مدد سان ئي درست معلومات قابل اعتبار ذريعن وسيلي فراهم ڪري سگھجي ٿي ۽ گمراهه ٿيڻ کان بچي سگھجي ٿو.

ويجهڙائيءَ ۾ ڦهلجي ويل وڊيو

ويجهڙائيءَ ۾ سوشل ميڊيا تي هڪ اهڙي وڊيو تيزيءَ سان ڦهلجڻ لڳي جنهن ۾ ڏيکاريل هيو ته اسلام آباد ۾ هڪ ڊانس پارٽيءَ مٿان پوليس ڇاپو هنيو آهي ۽ آن لائين ويٺل انٽرنيٽ جي صارفن پاران ان متعلق پريشانيءَ واري انداز سان رايا ڏيڻ شروع ٿي ويا. بعد ۾ اهو ثابت ٿيو ته اها وڊيو اصل ۾ وچ اوڀر جي هڪ ملڪ بابت هئي ۽ اها ڪجهه مهينا پراڻي هئي. ان مان به آسانيءَ سان اهو اندازو ڪري سگھجي ٿو ته ڪهڙيءَ ريت انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ عام ماڻهو جعلي وڊيوز وسيلي متاثر ٿي سگھن ٿا ۽ انهن حقيقت ڄاڻڻ جي تڪليف ڪرڻ کانسواءِ ئي ان وڊيو تي رايا ڏيڻ به شروع ڪري ڏنا.

هڪ ٽوئيٽ ڪهڙيءَ ريت ڦهلجڻ لڳي ٿو؟

ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ انتهائي سمجهدار، سينيئر صحافيءَ ۽ ٽي وي پروگرام جي ميزبان پاران پنهنجي ٽوئيٽر وال تي پوسٽ شيئر ڪندي ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي سان تعلق رکندڙ اعجاز هارون جهاز جي بزنس ڪلاس وارين ٽن سيٽن تي سمهي سفر ڪندو رهيو جڏهن ته مسافرن کي اهو چئي ٽڪيٽون نه ڏنيون ويون ته سيٽون خالي نه آهن. ڪجهه وقت کانپوءِ انهيءَ اينڪر جي پوئلڳي ڪندڙ هڪ ماڻهوءَ اصلي پوسٽ ۾ تبديلي ڪندي ان کي پنهنجي وال تي پڌرو ڪيو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته انٽرنيٽ جي عادي صارفن ان جي گھڻي پذيرائي ڪئي ۽ گھڻن ماڻهن ان پوسٽ جي پوئواري ڪندي ان تي خوب تبصرا به ڪيا ته ان پوسٽ کي ٻين ماڻهن تائين ڦهلائيندا به رهيا. بعد ۾ اها حقيقت سامهون آئي ته اها پوسٽ غلط معلومات تي ٻڌل آهي.

سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ وقت اها ئي وڏي بدقسمتي هوندي آهي ته جيتري خبرداري گھربل هوندي آهي ماڻهو ان کان محروم هوندا آهن ۽ حڪومت کي گھرجي ته انٽرنيٽ جي عادي صارفن متعلق سائبر ڏوهن وارا قانون لاڳو ڪري ڇو ته اهڙا صارف ٻين ماڻهن جي توجهه حاصل ڪرڻ لاءِ انڌائپ واري انداز سان معلومات ڦهلائيندا رهن ٿا. ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته غلط معلومات ڦهلائڻ جي روڪٿام خاطر سائبر ڏوهن متعلق قانونن ۾ وڌيڪ سختي آڻيندي انهن تي عمل پڻ ڪيو وڃي.

توهان قصوروار هجو يا بي قصور پر اسان سچ ڄاڻڻ کانسواءِ ئي اطلاع ڏيندا رهنداسين

خيبرپختونخواه جي اسلاميا ڪاليج اينڊ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ استاد کي پوليس پاران حراست ۾ وٺڻ وارو هڪ واقعو سماجي رابطن واري ميڊيا استعمال ڪندڙن لاءِ گرما گرم بحث جو موضوع بڻجي ويو. انٽرنيٽ وسيلي گھڻو ئي گند اڇلائجڻ کانپوءِ اها حقيقت سامهون آئي ته ڄاڻايل ليڪچرار کي غلطيءَ سان حراست ۾ ورتو ويو هيو.

جهڙيءَ ريت وصول ٿيو آهي انهيءَ حالت ۾ ئي اڳتي وڌايون ٿا

ساڳي قسم جي صورتحال ان وقت به پيدا ٿي جڏهن سينئر صحافڻ ۽ تجزئي نگار پاران خيبرپختونخواه جي نوجوان ڊاڪٽرن پاران ڪيل هڙتال بابت پراڻي پوسٽ کي ٻيهر شيئر ڪيو ان پوسٽ ۾ هڪ ڊاڪٽر پاران صوبي جي حڪمران پارٽيءَ متعلق اعتراض اٿاريا پئي ويا، بعد ۾ اها حقيقت آشڪار ٿي ته هڪ ماڻهوءَ انهيءَ پراڻي پوسٽ تي پنهنجي راءِ تحرير ڪري ان کي ٻيهر شيئر ڪيو ۽ بعد ۾ هن تسليم ڪيو ته هن اهڙو ڪم سياسي ارادن تحت ڪيو.

لاڳاپيل امڪان ۽ ساڳي صورتحال بابت احتسابي عمل

مواد بابت مڪمل ڄاڻ جي اڻهوند باوجود انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ ڪيترائي آن لائين رهندڙ شهري گمراهه ٿيندا رهن ٿا جنهن ڪري ماڻهن جا نظريا، اعتبار ۽ تشخص شديد انداز سان متاثر ٿين ٿا. ساڳي صورتحال جو فائدو هيڪر ۽ معلومات چوري ڪندڙ ٻيا ماڻهو به وٺن ٿا اهي پڻ ماڻهن جو ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ ڦير گھير ڪيل وڊيوز وسيلي ڪوڙ تي ٻڌل ڳالهيون ڦهلائيندا رهندا آهن ته جيئن ماڻهو سندن مواد تي ڪِلڪ ڪن ۽ هو سندن معلومات چورائي وٺن ۽ سندن اڪائونٽ جو غلط استعمال به ڪن. ان کان علاوه مختلف قسم جا آن لائن پيج ۽ ويب سائيٽون انهيءَ صورتحال جو فائدو وٺندي وڌيڪ پذيرائي وٺڻ ۽ فائدا ماڻڻ خاطر ماڻهن کي گمراهه ڪندا رهندا آهن.

ڏکائيندڙ ڳالهه اها به آهي ته اهي سرگرميون اتي ئي ڇيهه نه ٿيون ڪن. ڪوڙين خبرن ۽ معلومات سبب سماجي رابطن واري ميڊيا وڌيڪ مشڪلاتن جو سبب بڻجي سگھي ٿي. ميڊيا ۽ سائبر سهولتن مٿان لاڳو ٿيندڙ قانون سخت کان سخت بنائڻ ۽ عمل هيٺ آڻڻ جي ضرورت آهي. آن لائين ٿيندڙ انٽرنيٽ واهپيدارن مٿان به لازم آهي ته اهي پنهنجي وال تي ڪا به پوسٽ شيئر ڪرڻ، ڪنهن ٻئي جي پوسٽ تي تبصرو ڪرڻ يا ان کي شيئر ڪرڻ کان اڳ ان متعلق غور ۽ ويچار ضرور ڪن ته اها ٻين ماڻهن جي تشخص تي ڪهڙا اثر وجهندي.

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.