پشاور: پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحدن ڀرسان قبائلي پرڳڻي اندر ڪُرم ايجنسيءَ جي رهواسڻ ماه رخ جبين کي جيڪا ڳالهه کيس ٻين کان منفرد ڪري ٿي اها سندس جنس آهي. قبائلي پرڳڻي جي سوين صحافين ۾ هوءَ اڪيلي عورت آهي.

Mahrukh Jabeen, TNN Reporter. Photo by News Lens Pakistan

ڪُرم ايجنسيءَ جي علائقي پارا چِنار سان تعلق رکندڙ ماه رخ، پشاور ۾ قائم آن لائن ۽ ريڊيو نيوز وائر سروس ”ٽرائبل نيوز نيٽ ورڪ (ٽي اين اين)“ جي نمائندي طور ڪم ڪري پئي. ڊيورينڊ لائين سان لڳو لڳ 25 سو ڪلوميٽرن تي ڦهليل وفاق جي انتظام هيٺ رهندڙ قبائلي علائقن (فاٽا) جي ستن مان باقي ڇهن قبائلي ايجنسين (ضلعن) ۾ ڪا به عورت صحافِڻ ڪم نه پئي ڪري.

ٽرٿ ٽريڪر سا ڳالهه ٻولهه ڪندي ماه رخ چيو ته ”فاٽا مان صحافت ڪرڻ ته مردن لاءِ ئي مشڪل پيشو آهي، ملازمت پيشه عورتن کي قبائلي ماڻهو هونئن ئي تِر جيترو به برداشت ناهن ڪندا ته اهڙي ماحول ۾ عورت لاءِ صحافي ٿيڻ تهائين وڌيڪ ڏکيو ٿي پوي ٿو“. سندس اَباڻي شهر پارا چِنار جو ذڪر 1980 کان وٺي فرقيواريت جي بدترين واقعن سبب خبرن ۾شامل رهندو آهي.

جڏهن ته ويجهي ماضيءَ دوران، هن علائقي جو تعلق باقي ملڪ سان چئن سالن تائين ان وقت ڪٽجي ويو جڏهن 2007 ۾ طالبان ”ٿل-پارا چِنار“ روڊ کي بند ڪري ڇڏيو هو. جنهن جي ڪري هن علائقي ڏانهن اچي ۽ وڃي سگھڻ توڙي سامان جي رسد رڪجي وئي هئي.

پشاور يونيورسٽيءَ جي جرنلزم اينڊ ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي اڳوڻي شاگرد ريحان محمد پاران ايم اي جي ڊگريءَ خاطر ”فاٽا جي پريس ڪلبن جو تعارف“ جي عنوان سان لکيل ٿيسز ۾ تفصيل ڏنا ويا آهن ته ”فاٽا جي صحافين جو تعداد 324 آهي. اهي مختلف ملڪي توڙي پرڏيهي خابرو ادارن سان واڳيل آهن جڏهن ته اهي سمورا صحافي قبائلي علائقي جي 07 ايجنسين ۽ 06 سرحدي پرڳڻن ۾ واقع 12 مختلف پريس ڪلبن ۾ ميمبر طور رجسٽر ٿيل آهن“. 2013 ۾ شايع ٿيل انهيءَ تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته ”فاٽا مان ڪم ڪندڙ صحافين ۾ هڪ به عورت شامل نه آهي“.

ٽرائبل نيوز نيٽ ورڪ پاران ڪُرم ايجنسيءَ ۾ رهندڙ عورتن جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ رابطو ڪرڻ کانپوءِ ماه رخ ويجهڙائيءَ ۾ ئي صحافت جي پيشي سان وابستگي اختيار ڪئي آهي. فاٽا هاڻي به سخت قدامت پسند علائقو آهي جتي عورتن جو گھرن کان ٻاهر نڪري سگھڻ تمام گھڻو محدو ڪيل آهي ۽ عورتن کي ملازمت جي اجازت ملڻ ته انتهائي مشڪل آهي.

سَوارا، ولوَر ۽ طور جهڙن صديون پراڻن رواجن تي اڄ به عمل ڪيو ويندو آهي جن جا  نقصان عورتن کي ڀوڳڻا پون ٿا. گذريل 15 سالن دوران، دهشتگرديءَ ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيل فوجي ڪاررواين جي ڪري انهيءَ قبائلي پرڳڻي ۾ آزاديءَ سان گھمي ڦري سگھڻ ۽ جان جو تحفظ وڏو مسئلو بڻجي چڪو آهي، ان کان علاوه عورتن کي مردن جي ڀيٽ ۾ پوئتي رکڻ جي ڪري عورتن لاءِ ميڊيا جي وڏن ادارن لاءِ خبرون يا معلومات ڪٺي ڪرڻ جا ذريعا انتهائي محدود ٿي وڃن ٿا.

پشاور يونيورسٽيءَ جي سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ قائم ”انسٽيٽيوٽ آف سوشل ورڪ، سوشيالاجي اينڊ جينڊر اسٽڊيز“ جي ليڪچرار نائله امان خان پاران ”ٽِگاهه“ جي عنوان سان لکيل ٿيسز رپورٽ ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته ”ٻيو ته ڇڏيو پر قبائلي عورتن کي پنهنجي عام زندگيءَ سان لاڳاپيل معاملن بابت راءِ ڏيڻ جو به اختيار حاصل نه آهي. هو پنهنجا فيصلا به پاڻ نه ٿيون ڪري سگھن. فاٽا جي عورتن وٽ پنهنجي ڪا ملڪيت ناهي هوندي، نه ئي اهي ڪنهن شئي جون مالڪ ٿي سگھن ٿيون“. نائله خان اها نشاندهي به ڪئي آهي ته، خيبر ايجنسيءَ سان تعلق رکندڙ سماجي ڪارڪن فريده جيڪا پنهنجي علائقي ۾ عورتن کي سندن معاشي حقن بابت آگاهي ڏيڻ وارو ڪم ڪندي هئي ان کي سندس ئي ڳوٺ ۾ 2012 دوران قتل ڪيو ويو.

ماه رخ ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته ”قبائلي عورتن جي راهه ۾ جيڪي رڪاوٽون موجود آهن انهن جي ڪري هو پنهنجي گھر مان به چڱائيءَ جي شروعات نه ٿيون ڪري سگھن“. هن جو چوڻ هو ته، هن جي خاندان جو هر هڪ ڀاتي مٿس اهو زور ڀريندو رهندو آهي ته هو صحافت ڇڏي ڏئي ڇو ته ريڊيو تي نشر ٿيندڙ سندس آواز خاندان جي مردن کان علاوه غير مرد به ٻڌن ٿا ته کين الاهي شرم محسوس ٿئي ٿو.

ماهه رخ چيو ته اهو جنون ۽ شوق ئي آهي جيڪو کيس هر روز تڪرارن جي ڳڙهه واري علائقي مان صحافت جو ڏکيو ڪم ڪري سگھڻ جو حوصلو ڏيندو رهي ٿو. پردي سان ڍڪيل هن جي چهري مان جيڪا ڳالهه واضح نظر اچي ٿي اهو سندس اکين مان جهلڪندڙ فخر ۽ اعتماد جو جذبو ئي آهي.

ماهه رخ جو چاچو جيڪو مستقل طور تي سندس حمايت ڪندو رهي ٿو اهو جيڪڏهن سندس حمايت نه ڪندو رهي ها ته خاندان جي ٻين ڀاتين پاران سندس ڪم جي جيتري مزاحمت ڪئي وڃي ٿي ان جي ڪري هوءَ هن پيشي کان ڪافي وقت اڳ الڳ ٿي چڪي هجي ها.

قبائلي علائقن سان تعلق رکندڙ پر پشاور ۾ صحافت ڪندڙ ٽي اين اين جي هڪ ٻي رپورٽر شفق صبا جو چوڻ هو ته ”فاٽا ۾ رهندڙ وڏي عمر جون عورتون به ٻيو ته ٺهيو پر اهو تصور به خيال ۾ آڻي نه ٿيون سگھن ته هو گھر کان ٻاهر نڪري سگھن ٿيون. قبائلي ان ڳالهه کي بلڪل پسند ناهن ڪندا ته سندن عورتون گھر کان ٻاهر واري ماحول ۾ ڪنهن به ٻئي مرد کي بظاهر نظر اچي سگھن يا سندن آواز ئي ٻڌڻ ۾ اچي. جيڪڏهن ڪنهن هنگامي صورتحال يا ڪنهن مسئلي خاطر عورت جو گھر کان ٻاهر نڪرڻ اڻ ٽر به ٿي پوندو آهي ته ان صورت ۾ به ٻي عورت يا گھر جي مرد جو گڏ هجڻ لازمي هوندو آهي.

شفق صبا جو چوڻ هو ته قبائلي ماڻهو پنهنجي خاندان جي عورتن جي معاملي ۾ سخت گير، قدامت پسند ۽ تمام گھڻا خودغرض آهن. هن اهو پڻ ٻڌايو ته قبائلي رواجن تحت فاٽا ۾ گڏيل خانداني نظام آڌار گھر جو هر مرد خاندان جي سمورين عورتن جو وارث آهي انهيءَ اختيار مطابق خاندان جو هر مرد عورتن متعلق فيصلا ڪري سگھي ٿو ۽ پنهنجي مرضي مٿن مڙهي سگھي ٿو.

ان ڪري، اهڙي سخت ۽ مردن جي حاڪميت واري صورتحال خلاف بغاوت ڪرڻ کانسواءِ هڪ عورت صحافت جهڙي پيشي ۾ اچي سگھڻ جو تصور به ڪيئن ڪري سگھي ٿي؟

عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڪارڪنن جو چوڻ هو ته، عورتن لاءِ سماجي ۽ معاشي مشڪلاتون هجڻ کان علاوه موقعن جي کوٽ هجڻ به هڪ سنگين مسئلو آهي، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن عورتون صحافت ڪرڻ لڳنديون ته قبائلي علائقن جي عورتن جا مخصوص مسئلا باقي دنيا کان ڳجها نه رهي سگھندا.

پشاور سان تعلق رکندڙ سماجي ڪارڪن ثنا اعجاز  ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته ميڊيا ته بس مردن کان ئي موقف وٺي پنهنجو ڪم پورو ڪري وٺي ٿو ان سان صنف جي بنياد تي عورتن جو موقف سڀني جي سامهون اچي ئي نه ٿو سگھي.

ثنا اعجاز کي يقين آهي ته فاٽا جون عورتون پنهنجي خاندان جي مردن کي به پنهنجا ڪيترائي مسئلا ناهن ٻڌائي سگھنديون ڇو ته مرد کين ايتري حجت ڪرڻ جي به اجازت ناهن ڏيندا. اها ڳالهه خاص طور تي هڪ سچ آهي ته ڪجهه اهڙا ممنوع معاملا آهن جيڪي مردن ۽ عورتن وچ ۾ بحث هيٺ اچي ناهن سگھندا.

لَنڊي ڪوتل پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر ۽ صحافي اڪمل خان قادريءَ جي راءِ هئي ته فاٽا ۾ عورت صحافين جو نه هجڻ ڪنهن به ريت ڪو مسئلو نه آهي. عورتن جا ٻيا الائي ته ڪيترائي اهڙا مسئلا آهن جن کي پهريان حل ٿيڻ گھرجي ان بعد هو ڀلي صحافت ۾ اچن.

گذريل هڪ ڏهاڪي کان به وڌيڪ وقت تائين صحافت سان وابسته رهندڙ اڪمل قادريءَ جي دعويٰ آهي ته ”عورتن وٽ ممڪنه طور تي جيتري قابليت ٿي سگھي ٿي ان جي ڀيٽ ۾ مرد وڌيڪ موثر انداز سان صحافت ڪري سگھن ٿا.

اڪمل قادريءَ جو چوڻ هو ته، قبائلي مرد پنهنجين عورتن کي ان جي ڪري گھرن تائين محدود رکندا آهن ڇو ته هو صديون پراڻي قبائلي رواجن تحت ايئن ڪري کين عزت ڀريو مقام ڏيندا آهن.

ٽرائبل نيوز نيٽ ورڪ جي ڊائريڪٽر نيوز طيب آفريديءَ جو چوڻ هو ته اداري پاران ڪم شروع ڪرڻ کان وٺي هن مهل تائين فاٽا جي 25 عورتن کي رپورٽر، نيوز ايڊيٽر ۽ نيوز ڪاسٽر ٿيڻ لاءِ تربيت ڏني وئي آهي، انهن مان ڪجهه عورتون هاڻي خيبرپختونخواه توڙي ٻين صوبن مان ڪم ڪندڙ مختلف ميڊيائي ادارن لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته قبائلي عورتن ۾ صحافي ٿي سگھڻ جي اهليت موجود آهي پر انهن مان ڪا هڪ به عورت ان وقت پنهنجو صحافتي ڪم جاري رکي نه سگھندي جڏهن هوءَ واپس پنهنجي اباڻي قبائلي علائقي ڏانهن هلي ويندي ڇاڪاڻ ته اتان جو ماحول غيردوستاڻو ۽ آجيان ڪرڻ وارو نه آهي.

طيب آفريديءَ وڌيڪ چيو ته، عورتون انهيءَ جي ڪري مشڪلاتون ڀوڳي رهيون آهن جو سندن آواز کي سگھ ڏيڻ بجاءِ ان کي وڌيڪ دٻايو وڃي ٿو. مرداڻي غلبي واري سماج ۾ جتي مرد صحافين لاءِ عورتن سان رابطو ڪري سگھڻ ناممڪن هجي اهڙي ماحول ۾ عورت صحافي ئي عورتن جا مسئلا منظر عام تي آڻڻ خاطر موثر ڪم ڪري سگھن ٿيون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here