ڊيرا اسماعيل خان (رحمت محسود وٽان) افغانستان سان لڳندڙ سرحدي پٽيءَ ۾ ڦهليل ڏورانهين ۽ ترقيءَ کان محروم قبائلي پرڳڻي فاٽا جي سڀ کان پهرين ”فاٽا يونيورسٽيءَ“ ۾ آڪٽوبر مهيني کان تدريسي ڪلاسن جي باضابطه شروعات ٿي ويندي.

يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ايم طاهر شاهه، نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته اها قبائلي ماڻهن جي پراڻي خواهش هئي ته هن پرڳڻي کي پنهنجي يونيورسٽي هجي ۽ هو جن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، تن کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجن شاگردن کي تيار ڪري سگهن.

ڊاڪٽر ايم طاهر شاهه پاڪستان جي بهترين ساک رکندڙ ناليوارن سماجي سائنسدانن مان هڪ آهي، هو ملڪي ۽ عالمي سطح جي ڪانفرنسن ۾ 75 مقالا پيش ڪري چڪو آهي ۽ ان کان به اهم ترين ڳالهه اها آهي ته عالمي معيار جي جرنلز ۾ ڊاڪٽر طاهر شاهه جا 160 تحقيقي مقالا پڻ شايع ٿي چڪا آهن.

نيوز لينز پاڪستان پاران جن سرڪاري دستاويزن جو جائزو ورتو ويو آهي، انهن مان معلوم ٿيو آهي ته فاٽا يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو اعلان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي گذريل حڪومتي دور ۾ ڪيو ويو. انهن ئي دستاويزن مان پتو پيو آهي ته، فاٽا جي چونڊيل نمائندن سان 16 جنوري 2009 واري ڏهاڙي ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ فاٽا يونيورسٽيءَ کي قائم ڪرڻ جو باضابطه فيصلو ڪندي، فاٽا ۾ عالمي معيار جي يونيورسٽي قائم ڪرڻ واري اعلان تي عملي ڪم جي شروعات پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلانيءَ پاران ڪرايو ويو. جنهن کانپوءِ مئي 2013 ۾ ان وقت جي صدر آصف علي زرداريءَ فاٽا يونيورسٽي ريگيوليشنز جي منظوري ڏني.

ان بعد، مسلم ليگ (ن) جي موجوده حڪومت ”فاٽا يونيورسٽيءَ جي قيام“ واري منصوبي تي عمل کي اڳتي وڌائيندي ان کي سال 2015-16 جي سرڪاري شعبي جي ترقيءَ واري پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ شامل ڪندي منصوبي تي 4.7 ارب روپين جي خرچ اچڻ جو ڪاٿو لڳايو ۽ مالي سال 2015-16 جي بجيٽ ۾ منصوبي تي عملي ڪم ڪرائڻ خاطر 250.00 ملين جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني.

ڊاڪٽر ايم طاهر شاهه جو چوڻ هو ته اهڙا هوشيار ۽ قابل شاگرد، جيڪي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ وڃي ٻين جو مقابلو ڪري سگھن، تيار ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين. هن ٻڌايو ته، يونيورسٽيءَ پاران ابتدائي طور تي سڄي ملڪ جي 100 شاگردن کي پوليٽيڪل سائنس، مئنيجمينٽ سائنسز، سوشيالاجي ۽ بي ايس ميٿميٽڪس شعبن ۾ اهليت جي بنياد تي داخلائن جي آڇ ڪئي وئي آهي.

وفاق جي انتظام هيٺ هلندڙ قبائلي علائقا، جن کي عام طور تي قبائلي پٽي به سڏيو وڃي ٿو، طالبان ۽ سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ ٿيندڙ خوني جهڙپن جي ڪري تباهي ۽ بحران جي وَرِ پڻ چڙهيل رهيا آهن. فزيشن فار سوشل ريسپانسبلٽي (پي ايس آر) مطابق گذريل هڪ ڏهاڪي دوران سموري پاڪستان ۾ ٿيل تشدد جي اهڙن واقعن سبب گھٽ ۾ گھٽ 80 هزار پاڪستاني (جن ۾ تخريبڪار، سيڪيورٽي فورسز جا جوان ۽ عام شهري شامل آهن) حياتيون وڃائي ويٺا.

پشاور جي ڊگري ڪاليج ۾ تعليم پرائيندڙ فاٽا جي هڪ شاگردياڻي عائله نيلم جو چوڻ هو ته، فاٽا ۾ يونيورسٽي قائم ٿيڻ سان علائقي ۾ ترقي ۽ انقلاب جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿي ويندي. عائله نيلم جي راءِ هئي ته قبائلي پرڳڻي کي تعليم حاصل ڪرڻ جي موقعن جي کوٽ، صحت ۽ زراعت جي شعبي سان لاڳاپيل سهولتن جي اڻهوند وارن مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ انهن مسئلن کي اوليتي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ ڌيان ڏيڻ جي ضروت آهي.

فاٽا سيڪريٽريٽ ۽ شمارياتي بيورو پاران ويجهڙائيءَ ۾ ڪيل سروي جي نتيجن مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته 2013-14 جي مجموعي ملڪي خواندگي شرح 58 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ فاٽا جي خواندگي شرح گھڻي گھٽ 33.3 سيڪڙو تي بيٺل آهي.

ساڳيءَ ريت فاٽا ۾ بالغ ماڻهن جي خواندگيءَ واري شرح 28.4 سيڪڙو آهي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ قومي شرح 57 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه تعليم پرائڻ جي سلسلي ۾ صنفي نوعيت جي تمام وڏي وِٿي به موجود آهي. جنهن مطابق فاٽا ۾ بالغ مردن جي خواندگيءَ واري شرح 45 سيڪڙو ۽ بالغ عورتن جي خواندگيءَ واري شرح انتهائي گھٽ 7.8 سيڪڙو آهي.

فاٽا يونيورسٽيءَ جي فنانس اينڊ ڊويلپمينٽ مئنيجر محمد اسد جان جو چوڻ هو ته يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن جي پهرين کيپ جون داخلائون هڪ ڀيرو مڪمل ٿي وڃن ته ان بعد ئي فاٽا جي شاگردن لاءِ سيٽون ترتيبوار مخصوص ڪري ڇڏبيون.

هڪ قبائلي چڱي مڙس عالم شاهه سان جڏهن رابطو ڪيو ويو ته هن اها راءِ ڏني ته، پهريان فاٽا جي سموري قبائلي پرڳڻي ۾ هڪ به يونيورسٽي نه هئي ۽ هتان جي شاگردن کي پنهنجي گھر کان پري ملڪ جي ڏورانهن علائقن ڪراچي، لاهور ۽ پشاور جي تعليمي ادارن ۾ ڊگھو سفر ڪرڻ بعد تعليم پرائڻي پوندي هئي. فاٽا يونيورسٽي قائم ٿيڻ سان هاڻي هتان جي نوجوانن کي مرد ۽ عورت جي فرق کانسواءِ خالص ميرٽ جي بنياد تي تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا ميسر ٿي پوندا.

قبائلي چڱي مڙس انهيءَ اميد جو اظهار پڻ ڪيو ته، يونيورسٽي قائم ٿيڻ ۽ پرڳڻي ۾ تعليمي سرگرمين ۾ واڌارو ٿيڻ جي نتيجي ۾ هتان جي ماڻهن ۾ موجود شدت پسنديءَ واري رجحان کي گھٽائڻ جي سلسلي ۾ پڻ مدد ملي سگھندي.

يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ٻڌايو ته، يونيورسٽيءَ جي انتظاميا پاران اها رٿابندي پڻ ڪئي وئي آهي ته قبائلي پرڳڻي جي پٺتي پيل علائقن مهمند ۽ اتر وزيرستان ايجنسيءَ ۾ به يونيورسٽيءَ جون شاخون قائم ڪيون وينديون.

دستاويزن مان پتو پئجي رهيو آهي ته، فاٽا يونيورسٽي، پشاور سان ويجهڙائي رکندڙ ڪوهاٽ شهر ۾ قائم ڪئي پئي وڃي ۽ فاٽا سيڪريٽريٽ پاران ان مقصد لاءِ 33 ايڪڙ زمين خريد ڪئي وئي آهي، جڏهن ته وڌيڪ 25 ايڪڙ زمين خريدڻ لاءِ ڳالهيون هلندڙ آهن.

تعليم واري وفاقي وزارت پاران ”پاڪستان جي تعليمي صورتحال 2004-2005“ بابت تيار ڪيل رپورٽ ۾ ڏنل سرڪاري انگن اکرن مطابق، فاٽا ۾ تعليمي ادارن جو تعداد 6 لک 74 هزار 567 آهي. انهن ۾ پرائمري، سيڪنڊري، مڊل، هاءِ اسڪول، هائير سيڪنڊري اسڪول، ڪاليج ۽ مدرسا توڙي ڪميونٽي اسڪول وغيره شامل آهن.

فاٽا رسرچ سينٽر پاران تيار ڪيل هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته، پرڳڻي جا طالبان پنهنجي هٿ ٺوڪين مذهبي دليلن جي بنياد تي علي الاعلان تعليمي ادارن ۾ ڏني ويندڙ تعليم خاص ڪري ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ جي مخالفت ڪندا رهندا هئا. انهيءَ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، طالبان پاران ڪل 458 تعليمي ادارا (پرائمري، مڊل، هاءِ ۽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۽ ڪاليج) تباهه ڪيا ويا، جن مان 317 ڇوڪرن ۽ 141 ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ وارو ڪم ڪري رهيا هئا.

فاٽا سان تعلق رکندڙ هڪ ليڪچرار گل ولي دوتاڻيءَ جو چوڻ هو ته، فاٽا لاءِ يونيورسٽي قائم ڪرڻ حقيقت ۾ حڪومت جو هڪ نمايان قدم آهي، قبائلي پرڳڻي جا شاگرد هاڻي پنهنجي گھر ڀرسان تعليم حاصل ڪري سگھندا. هن اميد جو اظهار ڪندي چيو ته، ويڙهه جي ستايل سندن پرڳڻي ۾ هاڻي تعليمي سرگرمين ۾ تيزي ۽ ترقي آڻڻ وارو ماحول جڙي پوندو.

”فاٽا ۾ تعليم“ جي عنوان سان 2013 ۾ شايع ٿيل پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ نزاڪت اعواڻ نشاندهي ڪئي هئي ته، پاڪستان جي 1973 واري آئين جي شق 37 مطابق ناخواندگيءَ جو خاتمو آڻڻ ۽ لازمي تعليم مفت ۾ مهيا ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. انهيءَ تحقيقي مقالي ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته، فاٽا جي تعليم لاءِ رکي ويندڙ بجيٽ 2001 تائين تسلسل سان 1.5 ارب روپين جي حساب سان گھٽ رکي پئي وئي ۽ 2004-05 ۾ پهريون ڀيرو اضافو ڪندي فاٽا ۾ تعليم جي شعبي لاءِ 2.7 ارب روپين جي بجيٽ رکي وئي.

فاٽا سان تعلق رکندڙ هڪ قانونساز سجاد حسين طُوريءَ چيو ته هو ۽ فاٽا جا قانونساز، حڪومت کي مڃائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته قبائلي پرڳڻي جي ٻين ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ به تعليمي ادارا قائم ڪيا وڃن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here