پشاور: ريڊيو تهذيب جي جهيڻي روشنيءَ واري اسٽوڊيو مان، چهري تي مسڪراهٽ وکيريندي رومِين خان مائيڪرو فون ۾ ڳالهائڻ کان اڳ ڳلو صاف ڪرڻ بعد چيو ته ”هي ريڊيو تهذيب آهي ۽ مان آهيان توهان جي ميزبان رومِين خان. اڄوڪي پروگرام ۾ توهان ڪهڙي موضوع بابت ڳالهائڻ چاهيو ٿا؟“.

رومِين، پشاور جي ڪارخانو مارڪيٽ ۾ قائم ايف ايم ريڊيو اسٽيشن جي پيشڪار آهي. ڪارخانو مارڪيٽ کي عام طور تي اسمگلرن جي بازار سڏيو ويندو آهي، جتي چين مان ٺهيل سستين شين کان وٺي غسل خاني ۾ استعمال ٿيندڙ برطانوي ساخت جو مهانگو سامان ۽ افغانستان ۾ مقرر آمريڪي ميرين فوجين لاءِ اماڻيل شيون، جيڪي ڪنٽينرن مان چوري ڪيون يا افعانستان مان اسمگل ٿي اچن ٿيون ڌڙا ڌڙ وڪرو ٿينديون آهن.

رومِين جو ريڊيو وفاق جي انتظام واري قبائلي علائقي خيبرايجنسيءَ جي نوجوانن لا خصوصي ۽ تفريحي پروگرام نشر ڪندو آهي. رومِين جو پروگرام ”رنگُونا“ جنهن جو مطلب آهي ”رنگ“، وسيلي اهڙي پرڳڻي سان لاڳاپيل مسئلن تي بحث ڪندي ٻڌندڙن جو ڌيان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي جنهن پرڳڻي مٿان لاڳو ٿيل قانون فرنٽير ڪرائيمز ريگيوليشن تحت مقامي سطح تي ميڊيا جو ڪو به ذريعو قائم نه ٿو ڪري سگھجي.

رومِين خان ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته ”سامعين منهنجي پروگرام کي جيڪا موٽ ڏين ٿا اهي بهترين آهي“. رومِين خان جو تعلق خيبرپختونخواه جي چارسده ضلعي سان آهي جيڪو فاٽا جي پسگردائيءَ ۾ واقع آهي. رومين خان ٻڌايو ته ”اڪثر مرد فون ڪري پنهنجي پسند جا گيت نشر ڪرڻ لاءِ چوندا آهن يا مسئلن تي راءِ ڏيندا آهن پر اهي فاٽا جون عورتون آهن جيڪي هن پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ کي گھڻو پسند ڪن ٿيون“.

رومين خان پاران ٻڌايل ڳالهين مطابق، پروگرام بابت هن کي روزانو جي بنياد تي رايا ملندا رهندا آهن، کيس روزانو 80 ايس ايم ايس ۽ 50 ڪالز وصول ٿينديون آهن اهي ايس ايم ايس ۽ ڪالز ڪرڻ وارن مان 60 سيڪڙو فاٽا جون عورتون هونديون آهن. رومين خان اهو  به ٻڌايو ته ”فاٽا ۾ ثقافتي ۽ روايتي بندشن جي ڪري اسان وٽ فاٽا سان تعلق رکندڙ ڪا به عورت پيشڪار موجود نه آهي“.

پنهنجي پروگرام وسيلي هوءَ ڪوشش ڪري ٿي ته پنهنجي سامعين عورتن کي انهن مسئلن بابت آگاهي ڏيندي رهي جيڪي عورتن کي ڀوڳڻا پون ٿا.

رومين جو چوڻ هو ته ”مان چاهيان ٿي ته فاٽا جي عورتن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ همٿائيندي کين سندن حقن ۽ ذميوارين بابت آگاهه ڪيان ۽ انهن لاءِ مثالي شخصيت بڻجي وڃان. مان چاهيان ٿي ته هو پنهنجون زندگيون پنهنجي مرضيءَ سان گذارين. جيتوڻيڪ فاٽا عورتن کي اڃان به ثقافتي رنڊڪن جو مقابلو ڪرڻو پوي ٿو پر هاڻي سندن رويي مان انهن مسئلن بابت جيڪي کين متاثر ڪندا رهن ٿا انهن بابت ”ڌيان ڇڪائي وٺندڙ تبديليءَ“ کي محسوس ڪري سگھجي ٿو“.

هن کان اڳ عورتن کي ايتري به اجازت نه هوندي هئي ته اهي ڪنهن ريڊيو اسٽيشن تي ڪال ڪري ريڊيو تان نشر ٿيندڙ پروگرامن بابت پنهنجي پسند ۽ ناپسند جو اظهار ڪري سگھن يا نشر ٿيڻ خاطر پنهنجا نالا ظاهر ڪري سگھن. هاڻي عورتون مستقل طور تي ريڊيو اسٽيشن کي ڪال ڪري پروگرامن ۾ پنهنجي پسند جي مواد ۽ پنهنجي مسئلن بابت رايا ڏينديون رهن ٿيون.

پشاور يونيورسٽيءَ جي شعبه صحافت جي اڳوڻي شاگرد دانش بابر پاران ”فاٽا جي ماڻهن جو خبرون ڏيندڙ غير ملڪي ريڊيوز تي انحصار“ جي عنوان سان ڪيل اڀياس مطابق، گذريل 15 سالن دوران ٿيل ڪيترن ئي اڀياسن مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته سرحدي پرڳڻي فاٽا ۾ ريڊيو مقبول وسيلو آهي.

اڀياس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته، ثقافتي ۽ روايتي بندشن سان گڏ خواندگيءَ جي گھٽ شرح جي ڪري فاٽا جون عورتون ميڊيا جي ذريعن ريڊيو، ٽي وي ۽ اخبارن تائين رسائي حاصل ناهن ڪري سگھنديون جيڪي سڌيءَ يا اڻ سڌي ريت سندن زندگين تي اثر انداز ٿي سگھندا آهن. مثال طور، هنن کي سندن بنيادي حقن جي ڄاڻ ئي نه آهي ۽ کين تعليم، تفريح توڙي ٻين ڳالهين کان پري رکيو وڃي ٿو.

گذريل 15 سالن دوران قبائلي پرڳڻي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ قائم ڪيل فاٽا سيڪريٽريٽ پاران قبائلي علائقن ۾ سرڪاري انتظام هيٺ هلڻ واريون 04 ايف ايم ريڊيو اسٽيشنون قائم ڪيون ويون.

انهن مان هڪ ڏکڻ وزيرستان جي شهر وانا ۾ قائم ٿيل هئي جنهن کي 2006 ۾ طالبان پاران بارودي مواد سان اڏايو ويو، جڏهن ته ايف ايم جون ٻه اسٽيشنون اتر وزيرستان ۾ هڪ خيبرايجنسيءَ ۾ کوليون ويون جيڪي مالي وسيلن جي اڻهوند جو شڪار ٿيڻ جي ڪري 2013 کان بند پيل آهن.

باجوڙ ايجنسيءَ جي پوليٽيڪل انتظاميا پاران 2016 ۾ نجي ايف ايم ريڊيو ”شمال ريڊيو“ کي قبائلي علائقي ۾ نشريات شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.

اها ڳالهه به مشاهدي ۾ آئي آهي ته، تهذيب، مشعل ۽ وفاقي حڪومت جي انتظام تحت هلندڙ ريڊيو پاڪستان جي نشريات به هن سرحدي قبائلي پرڳڻي ۾ ٻڌي سگھجي ٿي، پر دانش بابر پاران ڪيل اڀياس مطابق، وائس آف آمريڪا، مشعل ريڊيو ۽ بي بي سيءَ جي نشريات اڃان به قبائلي پرڳڻي ۾ گھڻي پسند ڪئي وڃي ٿي ڇاڪاڻ ته انهن جي نشريات چِٽي ۽ صاف توڙي آسانيءَ سان ٻڌڻ لاءِ ملي وڃي ٿي، ان کان علاوه انهن ريڊيوز جي نشريات وسيلي مستند معلومات، خبرون ڏيڻ، سامعين سان مخاطب ٿيڻ جو انداز، مقصد، متوازن مواد، پروگرامن جي ترتيب ۽ سموري معلومات بروقت ڏيڻ واريون خاصيتون اهم آهن.

اڀياس ۾ اها ڳالهه به چيل آهي ته، فاٽا جا 80 سيڪڙو مرد ۽ 70 سيڪڙو عورتون ريڊيو جي نشريات باقاعدگيءَ سان ٻڌن ٿيون، پر مقامي سطح تي نشريات ڏيندڙ ايف ايم ريڊيو اسٽيشن 2013 تائين قبائلي پرڳڻي جي عورتن لاءِ ڪو به خاص پروگرام نشر نه ڪندا هئا.

اڀياس مان معلوم ٿيو آهي ته ”حڪومت جي سرپرستيءَ ۾ هلندڙ فاٽا جي ٽنهي ايف ايم ريڊيوز تان عورتن کي نظرانداز ڪيو ويندو هيو ۽ انهن تان اهڙي نشريات جاري ڪئي ويندي هئي جيڪا مڪمل طور تي مردن جي دلچسپيءَ وٽان هوندي هئي“.

فاٽا سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي آسيه شاهه جو چوڻ هو ته ”شام جي پهر ۾ روزانو مان وائيس آف آمريڪا ۽ مشعل ريڊيو پاران فاٽا جي عورتن لاءِ نشر ڪيا ويندڙ پروگرام ٻڌندي آهيان، انهن پروگرامن وسيلي فاٽا جي عورتن جي قابليت بابت حقيقي ڄاڻ مهيا ڪئي ويندي آهي ۽ سندن صحت توڙي تعليم سان لاڳاپيل مسئلن کي بحث هيٺ آندو ويندو آهي“.

آسيه شاهه اهو پڻ چيو ته ”مان خاص ڪري انهن پروگرامن کي پسند ڪندي آهيان جن وسيلي فاٽا جي مردن کي عورتن جي حقن بابت آگاهي ڏني ويندي آهي. مان چاهيان ٿي ته اهڙا پروگرام هلندا رهن جن وسيلي فاٽا جي مردن کي عورتن جي تعليم واري اهميت بابت سمجهاڻي ڏئي سگھجي ۽ عورتن کي سندن بنيادي حقن بابت ڄاڻ ملندي رهي ته جيئن جسماني تشدد جي جنهن سنگين مسئلي کي هو برداشت ڪري رهيون آهن ان جو خاتمو به اچي سگھي“.

قبائلي علائقي خيبرايجنسيءَ جي گھريلو عورت زرمينا جو چوڻ هو ته، هوءَ وائيس آف آمريڪا، دِيوا ريڊيو ۽ بي بي سيءَ جا پروگرام گھڻي شوق سان ٻڌندي آهي ڇاڪاڻ ته سرحدن جي ڀرسان وارن قبائلي علائقن جي عورتن کي ثقافتي ۽ رايتي بندشن سبب ٽي وي ڏسڻ جي اجازت ناهي هوندي.

زرمينا ٻڌايو ته ”مونکي صحت بابت پروگرام گھڻا وڻندا آهن جن ۾ هڪ ڊاڪٽر عورتن کي سندن صحت جي مسئلن جي حل بابت صلاحون ڏيندو آهي ۽ اهو پڻ ٻڌائيندو آهي ته ڪهڙيءَ ريت بيمارين کان بچي يا انهن جو علاج ڪري سگھجي ٿو. صحت جي مسئلن کان علاوه مونکي تفريحي پروگرام به پسند آهن“.

فاٽا جي هڪ قبائلي شاهه نواز چيو ته، قبائلي پرڳڻي جي عورتن کي اها اجازت حاصل نه آهي ته اهي گھرن کان ٻاهر نڪري سگھن ان ڪري ريڊيو ئي هنن لاءِ تفريح جو واحد وسيلو آهي جنهن وسيلي هو زندگيءَ جي مختلف معاملن مذهب، صحت، تعليم ۽ ٻين معاملن بابت معلومات به حاصل ڪنديون رهن ٿيون.

باجوڙ ايجنسيءَ ۾ قائم شمال ايف ايم جي پروگرام مئنيجر زاهد خان ريڊيو جي عورت سامعين جي ترجيحن بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ”اسان جا 40 سيڪڙو پروگرام عورتن لاءِ مخصوص آهن. انهن پروگرامن ۾ صحت، تعليم ۽ ٻين بنيادي معاملن بابت آگاهي ڏيڻ وارو مواد شامل ڪيو ويندو آهي. انهن پروگرامن ۾ عورتن پاران رايا ڏيڻ لاءِ شامل ٿيڻ جي شرح 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي ۽ هنن پاران سڀ کان گھڻا رايا صبح جي 10 وڳي کان 12 وڳي تائين ڏنا ويندا آهن“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here