اسلام آباد: شاگردن جي ڳالهين ۽ دستاويزن مان مليل معلومات مطابق، هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اِي سي) پاران انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد (آءِ آءِ يو آءِ) ۾ قائم ڪيل نئين شعبي نيچرل سائنسز جي درجي بندي مناسب انداز سان نه ٿيل هجڻ جو دليل ڏيندي شعبي کي قائم ڪرڻ لاءِ گھربل معيار پورا ڪرڻ واري سفارش جاري ڪرڻ بعد ايم ايس ۽ پي ايڇ ڊيءَ جي درجنين شاگردن جو مستقبل داوَ تي لڳي ويو آهي.

پي ايڇ ڊي ۽ ايم ايس جي ڪيترن ئي شاگردن ٽرٿ ٽريڪر سان رابطو ڪري ايم ايس جي 40 ۽ پي ايڇ ڊيءَ جي 24 مرد توڙي عورت شاگردن جي وسيع مفادن سندن مسئلو اختيارين تائين پهچائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

هن معاملي بابت هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ڊائريڪٽر ميڊيا عائشه اِڪرام سان رابطو ڪيو ويو ته اِي ميل وسيلي اماڻيل جواب ۾ هن موقف ڏيندي چيو ته ”ايڇ اِي سيءَ جي پي ايڇ ڊي پروگرام رِويو ڪاميٽيءَ پاران يونيورسٽيءَ جي نيچرل سائنسز شعبي جي پي ايڇ ڊي پروگرام کي انهيءَ شعبي کان ڌار ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.

عائشه اِڪرام چيو ته، ”سينٽر فار انٽر ڊسپلينري رسرچ اِن بيسڪ سائنس“ (سي آءِ آر بي ايس) هڪ سينٽر طور ڪم ڪري سگھي ٿو ۽ مختلف مضمونن سان لاڳاپو رکندڙ محقق ان وسيلي ٻين شعبن ۾ به تحقيق ڪري سگھن ٿا. جڏهن ته عائشه اِڪرام اهو پڻ چيو آهي ته، ايڇ اِي سيءَ جي پي ايڇ ڊي پروگرام جو جائزو وٺڻ واري ڪاميٽيءَ مطابق سي آءِ آر بي ايس معرفت پي ايڇ ڊي ڪندڙ محققن کي سندن لاڳاپيل مضمون بابت مڃتا واريون سَندون ملڻ گھرجن.

هن واضح ڪيو ته ”اهڙي مقصد خاطر محققن کي سندن لاڳاپيل مضمونن جي تدريسي شعبن ڏانهن منتقل ڪرڻ گھرجي جتي سندن مخصوص علمي تحقيق جا سمورا وسيلا ميسر آهن“.

هن چيو ته، محقق لاڳاپيل تدريسي شعبن ۾ ڊگريون حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي تحقيق جاري رکي سگھن ٿا، ايڇ اِي سيءَ صرف اها سفارش ڪئي آهي ته شاگردن کي سندن لاڳاپي وارن شعبن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي. ”ايڇ اِي سي هميشهه کان محققن جي مستقبل جو تحفظ ڪندي رهندي آهي، هي فيصلو به پي ايڇ ڊيءَ جي محققن جي بهتر مفاد ۾ ڪيو ويو آهي“.

”پي ايڇ ڊي پروگرام رِويو آف انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد (آءِ آءِ يو آءِ)“ جي عنوان سان 14 ڊسمبر 2016 واري تاريخ تي لکيل ايڇ اِي سيءَ جي هڪ ليٽر موجب، جنهن جي ڪاپي ٽرٿ ٽريڪر به حاصل ڪري ورتي آهي، ”يونيورسٽيءَ کي گھرجي ته نيچرل سائنسز جي پي ايڇ ڊي پروگرام کي لاڳاپيل تدريسي مضمونن مطابق ترتيب ڏيڻ گھرجي ۽ محققن کي سندن ڊگريون مڪمل ڪرڻ لاءِ سندن مضمونن سان لاڳاپو رکندڙ تدريسي شعبن ڏانهن اماڻڻ گھرجي“. اها ڳالهه به ڄاڻ ۾ آئي آهي ته، ايڇ اِي سيءَ پاران اعليٰ ڊگرين وارين پروگرامن متعلق گھٽ ۾ گھٽ اهليت جي حد طئي ڪرڻ بعد ان متعلق سمورن اعليٰ ڊگريون ڏيندڙ سرڪاري توڙي نجي تعليمي ادارن کي ڄاڻ ڏيندي ايڇ اي سيءَ ۾ پي ايڇ ڊي پروگرام جي جائزي واريون ڪاميٽيون به جوڙي ورتيون آهن.

آءِ آءِ يو آءِ جي نيچرل سائنسز شعبي جي عملي کي لکيل خط ۾ ايڇ اِي سيءَ پاران چيو ويو آهي ته، ڄاڻايل معاملي بابت پي ايڇ ڊي پروگرامن جي جائزه ڪاميٽيءَ پاران 26 ۽ 27 آڪٽوبر 2016 تي يونيورسٽيءَ جو دورو پڻ ڪيو ويو.

انهيءَ خط ۾ وڌيڪ لکيو ويو آهي ته، يونيورسٽيءَ کي گھرجي ته پنهنجا اهڙا سڀ پروگرام بشمول ڪلاس، امتحان، ٿيسز، ڊگرين ڏيڻ وغيره واريون سرگرميون معطل ڪري ڇڏي جيستائين ايڇ اي سي اهڙين سرگرمين جي اجازت نه ڏئي. خط ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته ”يونيورسٽيءَ کي گھرجي ته ڪنهن به محقق کي پي ايڇ ڊي پروگرام ۾ تيستائين داخلا نه ڏئي جيستائين ايڇ اي سي ان عمل جي اجازت نه ڏئي“. ايم ايس جي هڪ شاگرد، يونيورسٽيءَ جي انتظاميا طرفان جوابي ردعمل ڪرڻ جي امڪان سبب پنهنجو نالو راز ۾ رکڻ جي شرط تحت ٻڌايو ته ”ايم ايس ۽ پي ايڇ ڊيءَ جي 50 کان وڌيڪ محققن جو مستقبل حقيقت ۾ داوَ تي لڳي چڪو آهي“.

هن ٻڌايو ته هو حقيقت ۾ پريشانيءَ ۾ ورتل آهن ۽ کين پنهنجي مستقبل بابت ڪا به خبر نه آهي ڇاڪاڻ ته ايڇ اِي سيءَ پاران سندن بيسڪ سائنس انٽرڊسپلينري رسرچ سينٽر (سي آءِ آر بي ايس) کي اين او سي جاري ناهي ڪيو ويو.

هڪ نئين يونيورسٽي/اعليٰ تعليم وارو ادارو قائم ڪرڻ بابت ايڇ اِي سيءَ جي ”اسٽينڊرڊ آپريٽنگ پروسيجرز (ايس او پيز)“ مطابق ”ايڇ اِي سيءَ کي اهو اختيار حاصل آهي ته هي ادارو وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن کي سندن تجويز مطابق سرڪاري توڙي نجي شعبي جي انتظام وارا ادارا قائم ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگھي ٿو“.

انهن ايس او پيز مطابق، يونيورسٽي توڙي اعليٰ تعليم جي ڊگري ڏيندڙ ادارو قائم ڪرڻ گھڻ رخن قدمن وارو هڪ عمل هوندو آهي، جنهن تحت مختلف نوعيت جي قانوني گھرجن کي پورو ڪرڻ سان گڏ گھربل تدريسي عملو، مالي توڙي جاين جڳهن وارو بنيادي ڍانچو به مهيا ڪرڻو هوندو آهي.

سي آءِ آر بي ايس شعبي جي سربراهه اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر عمران خان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ”مون ايڇ اِي سيءَ کان نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ رابطا ڪيا آهن ۽ اميد آهي ته هڪ مهيني اندر اهو سرٽيفڪيٽ ملي ويندو“.

ٽرٿ ٽريڪر کي خط ۽ ڪتابت وارا جيڪي دستاويز مليا آهن انهن مان اهو انڪشاف ٿيو آهي ته ”ملڪ اندر تعليم جي معاملن جي نگراني ڪندڙ اعليٰ اداري ايڇ اي سيءَ پاران سي آءِ آر بي ايس جي شعبن جا ڪيترائي دورا ڪرڻ کانپوءِ اها ڳالهه پروڙي ورتي ته 2014 کان ڪم ڪندڙ نيچرل سائنسز جي شعبي پاران يونيورسٽيءَ توڙي ايڇ اِي سيءَ جي رهنما هدايتن جي پوئواري ناهي ڪئي وئي“.

پروفيسر ڊاڪٽر عمران پنهنجي پي ايڇ ڊي ڊگري جرمنيءَ مان ايڇ اِي سيءَ جي ”وِيڪر يونيورسٽي پروگرام“ تحت حاصل ڪئي ۽ هن کان اڳ هو گومل يونيورسٽي ڊيرا اسماعيل خان ۾ پڙهائيندو هيو.

پاڪستان جي تعليم واري وزارت پاران جاري ڪيل تعليمي پاليسي 2009 مطابق نون تعليمي ادارن کي قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ مکيه خسارو اهو هوندو آهي ته تعليمي اڳڀرائين ۽ انهن مان نتيجا حاصل ڪرڻ خاطر گھٽ کان گھٽ معيار کي برقرار رکڻ وارن اصولن جي به پوئواري ناهي ڪئي ويندي.

اها رپورٽ اهو پڻ ٻڌائي رهي آهي ته، ايتري تائين جو جتي اهي تعليمي ادارا قائم ڪيا ويندا آهن اتي جاين جڳهن جي گھربل ماپ جي اصولن جي پوئواري به ناهي ڪئي ويندي. جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته اهڙين مداخلتن تي اعتراض اٿڻ شروع ويندا آهن ۽ مختلف ابهام پيدا ٿيڻ جي ڪري حقيقي صورتحال ڪڏهن به سامهون اچي ناهي سگھندي.

انهيءَ سوال ته ڇا يونيورسٽيءِ جا اعليٰ عملدار ان قابل آهن ته ايڇ اي سيءَ کان اهڙو اين او سي وٺي سگھن جنهن تحت نيچرل سائنس شعبو ڪم ڪندو رهي جي جواب ۾ آءِ آءِ يو آءِ جي معصوم ياسين زئيءَ چيو ته ”نيچرل سائنس شعبي ۾ تعليم پرائيندڙ محققن جو مستقبل روشن آهي ڇاڪاڻ ته اسان اهو معاملو پهريان ئي اڪلائڻ جون ڪوششون شروع ڪري چڪا آهيون“.

دستاويزن مطابق، آءِ آءِ يو آءِ سرڪاري انتظام هيٺ هلندڙ يونيورسٽي آهي جيڪا 1980 ۾ قائم ٿي. پاڪستان جي ڪنهن به يونيورسٽيءَ اندر ڪو نئون تدريسي شعبو قائم ڪرڻ کان اڳ اين او سي وٺڻ لازم قرار ڏنل آهي پر سي آءِ آر بي ايس کي نيچرل سائنس پروگرام لاءِ ايڇ اِي سيءَ اڃان تائين منظوري ناهي ڏني.

دستاويزن مطابق، يونيورسٽي پنهنجي 32 تدريسي شعبن ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي ۽ يونيورسٽيءَ ۾ هن وقت 1 هزار 334 پي ايڇ ڊي محقق تعليم پرائي رهيا آهن.

سي آءِ آر بي ايس شعبي جي شاگردن جو چوڻ آهي ته، ڪيترن ئي شاگردن جو مستقبل هاڻي تدريسي شعبي جي انهن قابليتن سان لاڳاپجي چڪو آهي جن تحت ايڇ اي سيءَ جي هدايتن مطابق ان اداري کان ئي اين او سي وٺڻو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here