خيبر پختونخواه جي ڪوهستان ضلعن ۾ 42 گوسٽ اسڪول هجڻ جو انڪشاف

0
1514

پشاور: ڪوهستان ضلعي اندر تعليم بابت ڪم ڪندڙ هڪ غيرسرڪاري سماجي تنظيم واضح ڪيو آهي ته صوبائي حڪومت پاران تعليم جي شعبي ۾ سڌارا آڻڻ واري منصوبي تي عمل ڪرڻ وارين دعوائن باوجود خيبرپختونخواه صوبي جي ڪوهستان ضلعي ۾ ”گھوسٽ“ اسڪولن جي موجودگي هڪ عام ڳالهه بڻجي چڪي آهي.

”ڪوهستان ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن (ڪي ڊي اي)“ مطابق اپر ۽ لوئر ڪوهستان ضلعن ۾ 42 گھوسٽ اسڪول موجود آهن جن مان 39 گرلز پرائمري اسڪول آهن. ڪي ڊي اي جي چيئرمين حفيظ الرحمان چيو ته انهن اسڪولن جو سرڪاري عملو ڊيوٽي نه ڪرڻ باوجود پگھارون باقاعدگيءَ سان وصول ڪري رهيو آهي.

Govt, Girls Primary School, Chawa
Govt, Girls Primary School, Chawa / Photo by News Lens Pakistan
Govt, Girls Primary School, Ghun Bair Pattan
Govt, Girls Primary School, Ghun Bair Pattan / Photo by News Lens Pakistan
Govt, Girls Primary School, Kuz Chawa / Photo by News Lens Pakistan

هن نيوز لينز پاڪستان سان فون وسيلي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ”تعليم جي شعبي ۾ انقلابي سڌارا آڻڻ وارين حڪومت جي سمورين دعوائن جي ابتڙ ٻنهي ضلعن جي تعليمي ادارن ۾ انارڪيءَ واري صورتحال ڦهليل آهي“. هن جو چوڻ هو ته اسڪولن جون عمارتون ڪنهن حد تائين استعمال لائق آهن جڏهن ته اڪثر اسڪولن جون عمارتون قدرتي آفتن اچڻ جي نتيجي يا مڪمل نظرانداز رهڻ سبب مڪمل طور تي تباهه يا وري جزوي طور ٽٽي ڦٽي چڪيون آهن، جڏهن ته بنيادي سهولتن مهيا ڪرڻ خاطر مرمتي ڪم به وڏي وقت کان ناهي ٿيو.

تعليم کاتي ۽ مختلف اين جي اوز جي ذميوارن پاران نشاندهي ڪئي وئي آهي ته خيبرپختونخواه جي سمورن 26 ضلعن مان اپر ۽ لوئر ڪوهستان ضلعا ٻين سڀني جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پوئتي پيل علائقا آهن. تعليم کاتو ۽ خاص ڪري ڇوڪرين جي تعليم مشڪلاتن جو شڪار آهي. ”پاڪستان سوشل اينڊ لِوِنگ اسٽينڊرڊز ميرمينٽ (پي ايس ايل ايم)“ مطابق 2014-15 ۾ 5 کان 16 سالن جي ڄمار وارا ڪوهستان جا 60 سيڪڙو ٻار اسڪولن ۾ داخل ٿيل نه هئا. انهن ٻارن مان 18 سيڪڙو ڇوڪرا ۽ 82 سيڪڙو ڇوڪريون آهن.

حفيظ الرحمان جو چوڻ هو ته انهيءَ علائقي جي 10 سالن ۽ ان کان مٿي واري ڄمار جي ٻارن ۾ ڇوڪرن جي خواندگيءَ جي شرح 42 سيڪڙو آهي جڏهن ته ڇوڪرين جي شرح صرف 05 سيڪڙو آهي. ڪي ڊي اي جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته اپر ۽ لوئر ڪوهستان ۾ ڪل 928 اسڪول قائم ٿيل آهن جن مان 655 ڇوڪرن جا ۽ صرف 273 ڇوڪرين لاءِ قائم ٿيل آهن.

حفيظ الرحمان اهو پڻ ٻڌايو ته اسڪولن جو تعداد ٿورو هجڻ جي ڪري ئي هن علائقي ۾ ڇوڪرين جي خواندگي شرح به خيبرپختونخواه جي ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ گھڻي گھٽ آهي. ان جو هڪ ٻيو سبب اهو به آهي ته ٻنهي اپر ۽ لوئر ڪوهستان ضلعن جي گرلز اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ هجڻ ڪري به ڇوڪريون اسڪول ۾ تعليم پرائڻ نه ٿيون اچن. ان کان علاوه اسڪول ڏورانهين پنڌ تي هجڻ ۽ استادن جي عدم موجودگيءَ سبب به ڇوڪرين جي تعليم تي خراب اثر پون ٿا.

حفيظ الرحمان واضح ڪيو ته ٻين سرڪاري آفيسرن کي ته ڇڏيو پر ڪوهستان ضلعن جا ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (ڊي اِي او) به حاضريءَ وارن ڏينهن دوران آفيس مان نڪري اسڪولن جو دورو ڪرڻ جي زحمت نه ٿا ڪن.

صوبائي حڪومت پاران 2014 ۾ سموري صوبي اندر تعليم واري شعبي جي حالت سڌارڻ ۽ استادن جي حاضري يقيني بنائڻ خاطر ”انڊيپينڊنٽ مانيٽرنگ يونٽ (آءِ ايم يو)“ قائم ڪيو ويو. آءِ ايم يو جي آفيسرن کي ڏورانهن علائقن جا به دورا ڪرڻا هوندا آهن ته جيئن اهي استادن جي حاضريءَ جو جائزو وٺڻ کان علاوه اسڪولن ۾ بنيادي سهوليتن جا انگ اکر به ڪٺا ڪندا رهن.

اپر ڪوهستان جي هڪ پرائمري اسڪول سان لاڳاپيل استاد محمد علي تصديق ڪئي ته استاد اڪثر ڪري غيرحاض رهن ٿا، جڏهن ته اسڪولن ۾ مقرر ٻيا سرڪاري ملازم به پنهنجي ڊيوٽي پابنديءَ سان نه ٿا ڪن.

محمد عليءَ انهيءَ معاملي جي وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته ”اسڪولن ۾ مقرر استاد ۽ ٻيا ملازم آءِ ايم يو جي عملدارن کي هوشياريءَ سان ڌوڪي ۾ رکندا اچن ٿا، آءِ ايم يو جا عملدار جڏهن به دوري تي اچن ٿا ته غيرحاضر عملو به اسڪولن ۾ پهچي وڃي ٿو جنهن ڪري سندن حاضري لڳي وڃي ٿي.

اپر ڪوهستان جي ”ڪنڊيا“ علائقي سان تعلق رکندڙ صحافي سجمل يودون به تصديق ڪندي چيو ته استادن ۽ ٻئي عملي جو غيرحاضر رهڻ هنن ٻنهي ضلعن ۾ عام معمول بڻجي چڪو آهي. جنهن ڪري هنن ٻنهي ضلعن ۾ غيرفعال اسڪولن جو هڪ وڏو تعداد موجود آهي جڏهن ته جن اسڪولن ۾ تعليم جو عمل جاري آهي انهن جي حالت ڏاڍي خراب آهي، ان ڪري والدين پنهنجي ٻارن خاص ڪري ڇوڪرين کي مشڪلاتن سبب اسڪول نه ٿا اماڻين.

اپر ۽ لوئر ڪوهستان ضلعن کي 2014 تائين هزاره ڊويزن جي هڪ ضلعي (ڪوهستان) واري حيثيت حاصل هئي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ ڪوهستان کي ٽوڙي ٻه ضلعا قائم ڪيا ويا جنهن بعد صوبي ۾ ضلعن جو تعداد به وڌي 26 ٿيو.

ڪوهستان کي ٽوڙي ٻه ضلعا قائم ڪرڻ خلاف هڪ ڪيس جيئن ته پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ اڃان تائين هلندڙ آهي ان ڪري 2015 ۾ خيبرپختونخواه صوبي جي ٻين ضلعن ۾ ته چونڊن جي عمل بعد مقامي حڪومتون قائم ٿيون پر اپر ۽ لوئر ڪوهستان ۾ چونڊون نه ٿي سگھيون.

صوبائي مالياتي ڪميشن جي انگن اکرن مان معلوم ٿيو آهي ته خيبرپختونخواه صوبي ۾ مقامي حڪومتن جي قيام بعد ڪوهستان پرڳڻي جي مقامي حڪومتن لاءِ 829 ملين جا فنڊز رکيا ويا پر اهي فنڊ به عدالتي ڪيس سبب هن علائقي ۾ خرچ نه پيا ٿي سگھن. سجمل يودون جو چوڻ هو ته، تعليم سميت سمورن شعبن جا معاملا جهڙيءَ ريت صوبي جي ٻين ضلعن ۾ سرانجام ڏنا پيا وڃن اپر ۽ لوئر ڪوهستان ۾ صورتحال گھڻي مختلف آهي.

”الف اعلان“ نالي تعليم جي سڌاري بابت جاکوڙ ڪندڙ غيرسرڪاري اداري پاران سال 2013، 2014 ۽ 2015 لاءِ جاري ڪيل ”پاڪستان ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن رينڪنگز“ ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته ڪوهستان جي تعليم ۾ سڌاري جا ڪي به اشارا نظر نه ٿا اچن.
پاڪستان جي 142 ضلعن مان ڪوهستان جا ضلعا سال 2013 کان 2015 دوران ترتيبوار 135، 136 ۽ 133 نمبرن تي بيٺل هئا. ”الف اعلان“ جي درجي بندي تعليم تائين رسائي، تعليم حاصل ڪرڻ واري عمل جو برقرار رهڻ، سکيا جي معيار، صنفي مساوات ۽ اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهميءَ آڌار ڪئي ويندي آهي.

صوبائي تعليم کاتي سان لاڳاپيل ذميوار آفيسر ان باوجود هنن علائقن ۾ تعليم جي سڌاري خاطر سرگرميءَ سان ڪم ڪرڻ واري ڪا به ڪوشش نه ٿا ڪن.

ايليمينٽري اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن کاتي جي ڊائريڪٽر رفيق خٽڪ جو چوڻ هو ته ”بند پيل اسڪولن بابت غيرسرڪاري ادارن جا انگ اکر گمراهه ڪندڙ ۽ غلط آهن ڇو ته اپر ۽ لوئر ڪوهستان ضلعن ۾ اهڙو هڪ به اسڪول موجود نه آهي جهڙو ذڪر انهن تنظيمن ڪيو آهي“.

هن اهو پڻ چيو ته حڪومت اسڪولن جي عمارتن، بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ استادن جي حاضري يقيني بنائڻ واري رٿا تي اربين روپيا خرچ ڪري رهي آهي.

رفيق خٽڪ دعويٰ ڪئي ته انهن علائقن ۾ اهڙا ڪجهه اسڪول ضرور موجود آهن جن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي پر اهي مسئلا به هن سال جي آخر تائين ختم ڪيا ويندا ڇو ته بنيادي سهولتن جي فراهميءَ واري رٿا تي تيزيءَ سان عمل هلندڙ آهي. اپر ڪوهستان جي ڊي اِي او (فيميل ايجوڪيشن) شبير حسين شاهه به انهن الزامن کي رد ڪيو آهي، جن ۾ چيو ويو آهي ته استاد ۽ اسڪولن جو ٻيو عملو ڊيوٽي نه ٿو ڪري ۽ علائقي ۾ گھوسٽ اسڪولن جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي.

هڪ طرف سرڪاري آفيسر ڪوهستان ضلعن ۾ تعليم سان لاڳاپيل صورتحال جي خوبصورت انداز واري تصوير ڪشي ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف حفيظ الرحمان جهڙا تعليم جي بهتريءَ لاءِ جاکوڙ ڪندڙ ماڻهو مايوسيءَ جو شڪار آهن.

حفيظ الرحمان جي راءِ هئي ته ”حڪومت اربين روپين جي خرچ سان تعليم جي شعبي ۾ انقلابي سڌارا آڻڻ جون دعوائون ڪري رهي آهي پر سڌاري جون نشانيون ڪٿي به نظر نه ٿيون اچن، گھٽ ۾ گھٽ هنن ٻنهي ضلعن ۾ رتيءَ برابر به سڌارو نظر ناهي آيو“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here