اسڪردو: ڪجهه وقت اڳ تائين علي اسڪردوءَ کان ڪجهه فاصلي تي قائم علائقي ۾ گھرڀاتين ۽ ٻڪرين جي ڌڻ سميت رهندو هيو. هُو ۽ ٻيا ڌنار ساوڪ سان ڀرپور رستن سبب خوش رهندا هئا جتي سندن چوپايو مال آزاديءَ سان چرندو رهندو هيو، پر پوءِ پهاڙ مان هڪ وڏي برفاني ڇِپ سندن ڳوٺ مٿان ڪري پئي جنهن ڪري ڪافي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو.

عليءَ ٻڌايو ته ”انهيءَ حادثي کانپوءِ اسان کي مجبوريءَ تحت لڏپلاڻ ڪرڻي پئي ۽ اسڪردوءَ کان علاوه ٻين محفوظ ماڳن تي اچي قيام ڪيو اٿئون“.

عالمي سطح تي ماحولياتي گرمي پَد وڌڻ کانپوءِ جيڪي موسمي تبديليون اچي رهيون آهن انهن جي ڪري انسانن جي رهڻي ڪهڻيءَ، پاڻيءَ جي وهڪرن ۽ برف جي پگھرڻ وارن رجحانن ۾ ڏڦيڙ پيدا ٿيڻ سبب پهاڙي ڇپون ڪرڻ، زلزلا اچڻ ۽ گرمي پد وڌڻ سميت برفاني گليشئر هڪ هنڌ کان ٻئي توڙي هيٺاهين ڏانهن سِرڪڻ لڳا آهن. برفاني پهاڙن واري پرڳڻي گلگت بلتستان ۾ اهڙي برفاني چُرپر هاڻي اڪثر ٿيڻ لڳي آهي جنهن ڪري انهن پهاڙي علائقن ۾ رهندڙ انسانن ۽ ٻين ساهوارن لاءِ خطرا وڌي ويا آهن.

برفاني ڇِپن جي سِرڪڻ وارا اهڙا حادثا گھڻي ڀاڱي بهار ۽ گرمين جي موسم ۾ ٿين ٿا ۽ ڪجهه وقت اڳ دنيا جي سڀ کان اوچي جنگي ميدان ”سياچن گليشئرز“ ۾ ساڳي نوعيت جي حادثي سبب پاڪ فوج جا لڳ ڀڳ 150 جوان اجل جو شڪار ٿيا هئا. جڏهن ته 2010 ۾ گلگت بلتستان جي گوجل واديءَ ۾ آباد عطا آباد نالي ڳوٺ وٽ هڪ برفاني ڇِپ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 20 ماڻهو فوت ٿيا ۽ سمورو ڳوٺ پاڻيءَ سان ڀرجي ويل ڍنڍ جي شڪل اختيار ڪري ويو. نتيجي ۾ 6 هزار ماڻهن کي انهيءَ علائقي مان لڏپلاڻ ڪرڻي پئي.

برفاني گليشئرن سان لاڳاپيل معاملن جي ماهر عائشه خان نيوز لينز پاڪستان کي ڄاڻ ڏيندي چيو آهي ته ”ويجهي ماضيءَ ۾ گلگت بلتستان جون 5 سو کان وڌيڪ ڍنڍون ڄمي گليشئر جي شڪل اختيار ڪري ويون آهن جنهن جي نتيجي ۾ انهن جي پسگردائيءَ ۾ رهڻ وارن ماڻهن جي حياتيءَ لاءِ ان ڪري خطرا وڌي ويا آهن ڇو ته انهن ڄمي ويل برفاني گليشئرز جي سِرڪڻ جو انديشو به موجود آهي. انهن مان 50 گليشئر انتهائي ڪمزور آهن ۽ اهي ڪنهن به وقت هيٺاهينءَ ڏانهن سِرڪي سگھن ٿا نتيجي ۾ هزارين ماڻهن کي پنهنجا اباڻا گھر ڇڏڻا پوندا“.

گلگت بلتستان ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيءَ پاران 2017 ۾ ٻوڏن جي انديشي تحت جيڪا اڳواٽ حڪمت عملي ترتيب ڏني وئي ان ۾ چيو ويو ته ”72 هزار 496 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل گلگت بلتستان پرڳڻي کي سندس ڏکيائين سان ڀريل زميني جوڙجڪ، جاگرافيائي بيهڪ ۽ حساس ماحوليات سبب ڪيتريون ئي ڏکيائيون آهن. انهيءَ حڪمت عمليءَ ۾ اهو به چيل آهي ته ”انساني آباديون هڪ ٻئي کان گھڻي مفاصلي تي هجڻ، پهچ جي سهولتن جي گھٽتائي، سهولتن جي بنيادي ڍانچي جو معيار گھٽ هجڻ، وڻن جي ڪٽائي ۽ ڄاڻ جي کوٽ هجڻ سبب گلگت بلتستان جي ماڻهن جي حالت گھڻي خراب آهي ۽ قدرتي آفتن جي حوالي سان هو شديد خطرن جي گهيري ۾ آهن“.

ويجهڙائيءَ وارن سالن دوران عالمي سطح وارين ماحولياتي تبديلين سبب هتان جي گرميءَ پد ۾ جيتري تبديلي آئي آهي ان جي ڪري برفاني گليشئرن جي سِرڪڻ ۽ ڇِپن جي صورت ۾ انساني آبادين مٿان ڪري پوڻ وارو انديشو شديد خطري واري صورت اختيار ڪري چڪو آهي. گلگت بلتستان ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيءَ جو ”فلڊ ڪانٽيجنسي پلان“ ٻڌائي رهيو آهي ته ”موسميات کاتي پاڪستان جا گلگت بلتستان جي علائقن گلگت، بُنجي، اسڪردو، ياسين ۽ گُپيز ۾ جيڪي مرڪز قائم ٿيل آهن انهن وسيلي اها نشاندهي ٿي آهي ته 1980 کان 2006 واري عرصي دوران انهيءَ پرڳڻي جي گرمي پد ۾ ڪافي واڌ ٿي چڪي آهي“.

انهيءَ پلان ۾ حوالو ڏنو ويو آهي ته ”گلگت بلتستان پرڳڻي ۾ هر ڏهن سالن دوران سياري جي مندن ۾ گرمي پد ۾ وڌ کان وڌ 0.440 سينٽي گريڊ واڌ مشاهدي هيٺ ايندي رهي آهي. جڏهن ته گُپيز واري علائقي ۾ پوندڙ برساتن جي شرح ۾ هر ڏهن سالن دوران 157 ملي ميٽر اضافي بارش پوڻ وارو رجحان به مشاهدي ۾ آيو آهي جيڪو 1980 کان 2006 دوران رڪارڊ ڪيو ويو ۽ اهو رجحان اڳ جي ڀيٽ ۾ چار ڀيرا وڌيڪ آهي. هندوڪش پهاڙي سلسلي جي قراقرم حصي ۾ جيڪي برفاني گليشئر موجود آهن اهي تيزيءَ سان پِگھرڻ لڳا آهن. گذريل 2 سو سالن دوران قراقرم پرڳڻي ۾ برفاني گليشئرن واريون ڍنڍون ڦاٽي پوڻ سبب 35 ٻوڏون آيون جڏهن ته گليشئرن جي سِرڪڻ واريون 34 سرگرميون مشاهدي هيٺ آيون آهن“ (هيوٽ 2007).

ڊپٽي ڪمشنر اسڪردو ڪيپٽن نديم ناصر نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته هن پرڳڻي ۾ غيرمستحڪم گليشئرن جي ڪري لکين ماڻهو ان طرح سان متاثر ٿي سگھن ٿا ته انهن مان ڪيترن کي ئي پنهنجا اباڻا گھر ڇڏي لڏپلاڻ ڪرڻي پوندي يا ڪيترن ئي ماڻهن جون زندگيون اجل جو شڪار ٿي پونديون.

ماحوليات جي صوبائي وزير حاجي خان جو چوڻ هو ته گلگت بلتستان گذريل ڪيتري وقت کان قدرتي آفتن جي خطري هيٺ رهندو اچي پيو ۽ هن پرڳڻي جو جيڪو جاگرافيائي پسمنظر آهي ان جي ڪري آفتن کان بچڻ وارا اپاءَ محدود پئماني تي ئي فائديمند ٿي سگھن ٿا. ان هوندي به اسان نقصانن جي شدت گھٽائڻ ۽ ماڻهن جي زندگين کي محفوظ بنائڻ بابت ڪوششون ڪري رهيا آهيون. گلگت بلتستان ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي قائم ڪئي وئي آهي ته جيئن ماڻهن کي ڪنهن قدرتي آفت جي نتيجي ۾ بروقت امداد ۽ تحفظ مهيا ڪري سگھجي.

جڏهن ته اهي مقامي ماڻهو جيڪي برفاني گليشئرن جي پِگھرڻ سبب متاثر ٿيندا رهن ٿا اهي حڪومت پاران صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اختيار ڪيل تدبيرن تي اعتراض واري رهيا آهن. اهڙن ماڻهن جي راءِ آهي ته ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽيءَ سان لاڳاپيل عملدار آفتن جي منهن ۾ ايندڙ يا خطري هيٺ رهندڙ ماڻهن کي نقصان کان بچڻ لاءِ بروقت خبردار نه ٿا ڪن. اٿارٽيءَ جي عملدارن جو گھڻو ڌيان ميداني علائقن تي لڳل آهي پر اسانجي پهاڙي علائقن ۾ واقع ڳوٺن ۽ وسندين جتي 70 سيڪڙو ماڻهو زندگي گھاري رهيا آهن انهن ڳوٺن ۽ اتان جي ماڻهن تي سندن نظر ئي نه ٿي پئي.

عطا آباد ۽ بلگھار وارن علائقن ۾ گليشئر پگھرڻ سبب متاثر ٿيل ماڻهن جو چوڻ آهي ته حڪومت آفت اچي وڃڻ بعد کين صرف نالي ماتر ڪڻڪ، 05 ڪلو کنڊ، پنج ڪلو چانور، ڏيڍ لٽر کاڄرو تيل ۽ خيما ڏنا.

هڪ ڳوٺاڻي يوسف حسين ٻڌايو ته ”اهڙيون بنيادي ضرورت واريون شيون مهيا ڪرڻ کانپوءِ حڪومت ٻيهر ڪا به سار نه لڌي“. هن اهو پڻ ٻڌايو ته آفت واري وقت ۾ حڪومت پاران ڪا به مدد مهيا نه ڪئي وئي عام طور تي ڀرپاسي وارن ٻين ڳوٺن ۽ مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت ئي هڪ ٻئي کي مدد پهچائي جڏهن ته حڪومت ته کين متبادل جڳهه تي آباد ڪرڻ جي حوالي سان به ڪو سهڪار نه ڪيو“.

مقامي ماڻهن اها شڪايت به ڪئي ته حڪومتي ادارن پاران آفتن جي حوالي کان جاڳرتا ۽ بهتر انتظامڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ وارا مذاڪرا ۽ سيمينار به آفتن جي خطري هيٺ رهندڙ علائقن بجاءِ گھڻي ڀاڱي اسڪردو ۽ اسلام آباد ۾ منعقد ڪيا وڃن ٿا. مقامي شخص يوسف حسين جو چوڻ هو ته ”جنهن جي ڪري اهو اثرائتو سوال به ڪَر کڻي بيهي ٿو ته ڇا حڪومتي ادارن جا عملدار موثر نتيجن بجاءِ صرف پنهنجي سهولتن آڌار ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن. اهي سيمينار ۽ ورڪشاپ وڏن شهرن جي وڏن هوٽلن اندر اڪثر ڪري انگريزي زبان ۾ منعقد ڪيا وڃن ٿا جنهن ڪري گلگت بلتستان جي مقامي ماڻهن لاءِ اهي ڪنهن به حوالي سان فائديمند نه ٿا رهن“.

رٿابنديءَ جي اڳوڻي صوبائي وزير اعظم خان جي راءِ هئي ته گليشئرن جي پگھرڻ جي نتيجي ۾ جيڪا آفت واري صورتحال پيدا ٿيندي آهي ماڻهن کي ان جي اثرن کان بچائڻ لاءِ ئي گلگت بلتستان ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي قائم ڪئي وئي پر هر ڀيري ايئن به ٿئي ٿو ته جڏهن به ڪنهن آفت جو اندازو لڳائيندي حڪومت تنبيهي اعلان يا علائقو خالي ڪري محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ بابت هدايتون جاري ڪندي آهي ته ماڻهو اهڙين هدايتن کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن.

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.