پشاور: قيمتي پٿر وڪرو ڪندڙن وٽان معلوم ٿيو آهي ته، املهه زيورن ۽ قيمتي پٿرن کي ڏيهان ڏيهه وڪڻڻ جو ڪاروبار جيئن ته شروع کان ئي افغانستان مان ٿيندو هيو ۽ پشاور جي ناياب زيورن واري صنعت مٿان به افغان واپارين جو ڌاڪو قائم ٿي ويو، ان ڪري افغان پناهه گيرن کي هاڻي واپس سندن ملڪ اماڻڻ واري عمل سبب واپار جي هن شعبي مٿان ناڪاري اثر پوندي نظر اچڻ لڳا آهن جنهن جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ اندر هي ڪاروبار ٻاڙائيءَ جو شڪار ٿيڻ لڳو آهي.

پشاور جي نمڪ منڊي بازار هونئن ته ذائقيدار ۽ لذيذ ٻاڪري گوشت واري ڪڙهائيءَ جي ڪري ڄاتي ۽ سڃاتي وڃي ٿي پر اها بازار انهن واپارين جي حوالي سان به ڪافي مشهور آهي جيڪي قيمتي پٿر جو واپار ڪندڙ آهن. پشاور جي پراڻي شهر واري حصي ۾ قائم اها مصروف بازار ۽ ان جي ڀرسان موجود شنواري مارڪيٽ ئي اهي هنڌ آهن جتي افغانستان مٿان سوويت يونين جي فوجي چڙهائيءَ بعد لڏي آيل افغاني واپارين سڀ کان پهريائين پنهنجا دڪان کوليا. اهڙيءَ ريت سوڙهين گھٽين وارين هنن بازارن ۾ ننڍا ننڍا دڪان کولي ۽ ٺيلها لڳائي قيمتي پٿرن جو ڪاروبار شروع ڪيو ويو.

نمڪ منڊي بازار جي قيمتي پٿر وڪرو ڪرڻ وارن دڪاندارن جي تنظيم جي صدر عبدالجليل خان نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته زمرد، ياقوت، فيروزو، نيلم سميت قيمتي پٿرن جا ڪيترائي قسم افعانستان مان آندا ويندا آهن. اهي پٿر نج حالت ۾ مارڪيٽ تائين پهچندا آهن جڏهن ته انهن جي ڪٽائيءَ ۽ پالش وارو ڪم هتي ڪرايو ويندو آهي.

Rough gemstones are cut by a dealer in Namak Mandi. | Photo by News Lens Pakistan
Rough gemstones are cut by a dealer in Namak Mandi. | Photo by News Lens Pakistan

عبدالجليل خان ٻڌايو ته، هڪ اهڙو ڪاروبار جنهن جو سمورو انحصار هول سيلر، ريزڪي ۽ ڏيساور اماڻڻ وارن افغاني واپارين مٿان هجي، ان ڪاروبار مٿان اهڙي صورت ۾ تمام ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن جو افغانين کي جارحاڻي انداز سان واپس سندن ملڪ اماڻڻ واري مهم هلائي پئي وڃي.

هن اهو پڻ ٻڌايو ته، هن پرڳڻي ۾ ويڙهه واري صورتحال ۽ نقصان پڄائڻ واريون ڌمڪيون ملڻ جي ڪري پهريان به هي ڪاروبار گذريل ڪيتري وقت کان غيريقينيءَ واري صورتحال جو شڪار رهندو آيو آهي ۽ هاڻي وري افغانين کي سندن ملڪ اماڻڻ واري سلسلي سبب به هيءَ صنعت شديد مشڪلاتن جي ورِ چڙهي رهي آهي. انهن مشڪلاتن تي ضابطي، ڪاروبار جو اوج بحال ڪرائيندي ان کي ٻيهر منافعي بخش ڌنڌي جو روپ ڏيڻ ۾ هڪ دفعو ٻيهر وڏو وقت لڳي ويندو.

پناهه گيرن متعلق گڏيل قومن جي اداري يو اين ايڇ سي آر مطابق، پاڪستان ۾ هن وقت به 15 لک رجسٽرڊ افغان پناهه گير موجود آهن. گذريل ڪجهه وقت کان، افعانستان ۽ پاڪستان جي ٻه طرفن لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وڃڻ سبب پاڪستاني اختيارين افغان پناهه گيرن کي واپس سندن ملڪ اماڻڻ جي سلسلي ۾ انتهائي سخت رويو اختيار ڪري ورتو آهي. ٻنهي ملڪن پاران هڪ ٻئي مٿان سرحدن اندر حالتون خراب ڪرڻ ۽ دهشتگردن کي محفوظ پناهه گاهون ڏيڻ جا الزام هنيا وڃن ٿا. پاڪستان جي حڪومت پاران ماضيءَ ۾ افغان پناهه گيرن جي سندن ملڪ ڏانهن واپسيءَ بابت حتمي تاريخ ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ڪيو ويو، جڏهن ته هاڻي 31 مارچ 2017 کي حتمي تاريخ طور طئي ڪيو ويو آهي.

نمڪ منڊيءَ ۾ قيمتي پٿرن جو ڪاروبار ڪندڙ هڪ ننڍي دڪاندار جمال شاهه جو چوڻ هو ته، هن ڪاروبار جو دارومدار افغانستان مان ايندڙ قيمتي پٿرن جي کيپ مٿان هوندو آهي ۽ جهڙي نوعيت جي صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي ان جي نتيجي ۾ جيڪي نقصان پلئه پوندا اهي به آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچن پيا.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي جمال شاهه وڌيڪ ٻڌايو ته هن جهڙا ننڍا دڪاندار پشاور جي مارڪيٽ ۾ تيار ٿيل قيمتي پٿر وڪرو ڪري گذران ڪندا آهن، هو جيڪي پٿر هتان خريد ڪندو آهي اهي اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ ۾ وڃي وڪڻي ايندو آهي. افغانستان وڃڻ سندس لاءِ ڏاڍو ڪٺن ڪم آهي ڇو ته ايئن ڪرڻ سان سندس هي روزگار تباهه ٿي ويندو ۽ کيس جياپي لاءِ وري نئين سِر محنت ڪرڻي پوندي.

هر صورت ۾ واپس پنهنجي ملڪ ڏانهن وڃڻ واري مجبوريءَ سبب افغاني واپارين کي تمام گھڻو مالي نقصان به برداشت ڪرڻو پوندو ڇو ته کين پنهنجو ڪاروبار تڙتڪڙ ۾ بند ڪرڻو يا پنهنجي ملڪ ڏانهن منتقل ڪرڻو پوندو.

نمڪ منڊيءَ ۾ ئي دڪان هلائيندڙ هڪ ٻئي افغان واپاري عبدالسميع جنهن پنهنجو ڪاروبار بند ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، تنهن ٻڌايو ته گذريل 17 سالن کان هو هتي ڪاروبار ڪندو ۽ رهندو آيو آهي، هتان ئي ويهي هنن ٻين ملڪن ۾ پنهنجا ڪاروباري ناتا قائم ڪيا آهن، کيس سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڪابل ۾ به سندس ڪاروبار ڪاميابيءَ سان هلي سگھندو يا نه.

نائن اليون وارن واقعن کان اڳ عالمي امن واري صورتحال جيستائين خطرن جي وَرِ نه چڙهي هئي، تڏهوڪن وقتن ۾ خيبرپختونخواه صوبي ۾ ٿيندڙ قيمتي پٿرن جي ڪاروبار تي آمريڪا، ڪيناڊا، آسٽريليا ۽ يورپ جا ماڻهو هرکجي هتي ايندا هئا. هن مارڪيٽ ۾ هاڻي صرف چيني واپاري ڪاروبار خاطر اچن ٿا. قيمتي پٿرن وارن دڪاندارن جي يونين جي عهديدارن جو چوڻ هو ته، هن صنعت جي ڪري گذريل 5 سالن دوران 27.562 ملين ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو ڏيهه آندو ويو آهي.

A worker busy in fixing beads in necklaces | Photo by News Lens Pakistan.
A worker busy in fixing beads in necklaces | Photo by News Lens Pakistan.

پشاور جي اندروني حصي ۾ قائم شنواري مارڪيٽ ۾ قيمتي پٿرن جي ڪاروبار جو عروج برقرار رهجي وڃڻ جا امڪان چٽا نظر نه ٿا اچن، ڇو ته انهيءَ مارڪيٽ ۾ به جيڪي دڪاندار قيمتي پٿرن ۽ املهه زيورن جو ڪاروبار ڪندا آهن انهن مان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ افغاني آهن. اهي نه صرف زيور ۽ قيمتي پٿر وڪڻن ٿا پر سبيل ڪپڙن، شيشي مان ٺهيل کاڌي پيتي جي ٿانون ۽ ٻين شين جا دڪان هلائي رهيا آهن ته ان سان گڏ ئي ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به انهن شين کي وڪڻي اچن ٿا. هاڻي صورتحال اها آهي ته هن گھڻ منزله مارڪيٽ جا ڪيترائي دڪان آهستي آهستي بند ٿيڻ لڳا آهن ڇو ته افغاني دڪاندارن کي واپس پنهنجي ملڪ وڃڻو پئجي رهيو آهي.

A globe made of different precious stones | Photo by News Lens Pakistan.
A globe made of different precious stones | Photo by News Lens Pakistan.

جن مقامي دڪاندارن جو ڪاروبار کليل آهي انهن کي به ان ڳڻتيءَ ورايو آهي ته بازار جي رونق ختم ٿي وڃڻ سبب قيمتي پٿرن ۽ املهه زيورن جو هي ڪاروبار مڪمل طور تي ٻاڙائيءَ جو شڪار ٿي ويندو.

شنواري مارڪيٽ ۾ زيورن ۽ قيمتي پٿرن جي هڪ دڪان جي مالڪ شاهه خان جو چوڻ هو ته هو صوبائي حڪومت کي اپيل ڪن ٿا ته اها افغاني واپارين لاءِ هڪ متبادل پاليسي جوڙي. حڪومتي عملدار افغان پناهه گيرن خلاف ڪارروايون ڪري رهيا آهن جنهن ڪري ئي هر قسم جي ڪاروبار تي منفي اثر پئجي رهيا آهن.
آل پاڪستان ڪمرشل ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن (APCEA) جي سيڪريٽري مهر محمد مطابق، پاڪستان مان ڏيساور ويندڙ واپاري سامان ۽ ان جي بدلي حاصل ٿيندڙ پيسي جي مد ۾ قيمتي پٿرن واري ڪاروبار جو تناسب چڱو خاصو آهي. افغاني واپارين کي جيئن ته پنهنجا دڪان ۽ ڪاروبار بند ڪرڻو پئجي رهيو آهي ان ڪري کين ڳڻتي آهي ته قيمتي پٿرن جو ٻاهرين ملڪن سان ٿيندڙ واپار ۽ مقامي مارڪيٽ سخت متاثر ٿيندا.

مهر محمد جو چوڻ هو ته واضح طور تي نه ٿو ٻڌائي سگھي ته سندن ڪاروبار ڪيترو متاثر ٿيندو ۽ ڪيترو نقصان ٿي چڪو آهي پر هن سال جي آخر تائين صورتحال چٽي ٿي بيهندي (افغانين جي واپس ملڪ وڃڻ واري حتمي تاريخ جيئن ئي ويجهو ايندي) ۽ خبر پئجي ويندي ته ڪاروبار ڪيتري قدر ٻاڙائي جو شڪار ٿيو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here