ڪراچي: ريگستاني علائقي ٿر ۾ 12 ڳوٺن کي زبردستي خالي ڪرائي نئون ڊيم اڏڻ جي راهه هموار ڪرڻ سبب مقامي ماڻهو ان پريشانيءَ ۾ ورتل آهن ته ڊيم ٺهڻ سبب سندن اهي زمينون تباهه ٿي وينديون جتي هو فصل اُپائيندا آهن. ان فيصلي خلاف ٿرين پاران عورتن ۽ ٻارن سميت اسلام ڪوٽ پريس ڪلب ٻاهران 90 کان به وڌيڪ ڏينهن تائين احتجاج جاري رکيو ويو آهي.

سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپنيءَ (ايس اِي سي ايم سي) جي مائن مئنيجر احمد نعيم پاشا، جيڪو ان سڄي منصوبي جو نگران آهي، چيو ته ٿر جي ڪوئلي کي استعمال ۾ آڻڻ وارو منصوبو ”چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪاريڊور (سي پيڪ)“ جو حصو آهي جڏهن ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومت گڏيل طور تي ان جي نگراني ڪري رهيون آهن. جڏهن ته سنڌ حڪومت 51 سيڪڙو حصيداريءَ تحت منصوبي جي مکيه ڀائيوار آهي.

پاڪستان ۾ ڪوئلي جا ذخيرا
185،457 ملين ٽن سنڌ
235 ملين ٽن پنجاب
217 ملين ٽن بلوچستان
90 ملين ٽن خيبر پختونخواه
9 ملين ٽن آزاد ڪشمير
Source: sindhmines.gov.pk

احمد نعيم پاشا وضاحت ڪندي ٻڌايو ته ”ٿر ۾ ڪوئلي جا جيڪي ذخيرا مليا آهن اهي دنيا جا سڀ کان وڏا ذخيرا آهن. پاڪستان ۾ موجود ڪوئلي جي ذخيرن جي مجموعي وسعت 185 بلين ٽن آهي ۽ صرف ٿر ۾ ڪوئلي جا 175 بلين ٽن ذخيرا موجود آهن، اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته سعودي عرب ۽ ايران وٽ تيل جا جيڪي ذخيرا موجود آهن ٿر جو ڪوئلو انهن کان 50 بلين ٽن وڌيڪ آهي“.

احمد نعيم پاشا  سمجهاڻي ڏيڻ واري انداز ۾ ٻڌايو ته، ٿر ڪول (سنڌ حڪومت جي ٿر ڪول انرجي بورڊ تحت) شروع ڪيل رٿا ڪل 13 بلاڪن تي مشتمل آهي ۽ مختلف ڪمپنيون انهن بلاڪن سان لاڳاپيل آهن. ٿر ڪول رٿا تحت بلاڪ II سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپنيءَ جي هٿ هيٺ ڏنو ويو آهي. هڪ ڪاٿي موجب 50 سالن جي وقت دوران رٿا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ بلاڪ II مان 5 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي.

رٿا مطابق پهرين مرحلي دوران ايس اِي سي ايم سي پاران ساليانو 3.8 ملين ٽن ڪوئلو ڏيندڙ کاڻيون تيار ڪيون وينديون. کوٽائي جي نتيجي ۾ جيڪو ڪوئلو ڪڍيو ويندو ان کي بلاڪ II  جي ويجهو ئي (کاڻ جي منهن وٽ) ٻاري ان مان بجلي پيدا ڪئي ويندي. ان رٿا تي اربين روپيا خرچ ايندا، سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپنيءَ پاران بلاڪ II جي رٿا تي 845 ملين ڊالر لاڳت اچڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي ۽ کاڻ جي منهن وٽ 330 ميگاواٽ جا 2 پاور پلانٽ لڳائڻ تي 1.1 بلين ڊالر خرچ اچڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.

هن ٻڌايو ته سندن ڪمپني (اينگرو) 2008 کان ٿرڪول منصوبي جي بلاڪ 2 واري هنڌ جو جائزو وٺندي رهي ۽ 2014 ۾ رٿا تي ڪم شروع ڪيو ويو جيڪو 2019 ۾ مڪمل ڪيو ويندو.

گوڙاڻو ڊيم متعلق پيدا ٿيل ڇڪتاڻ متعلق ڳالهائيندي احمد نعيم پاشا پهريان ته سمورن الزامن جي ترديد ڪئي ۽ انهن کي بي بنياد قرار ڏنو. هن چيو ته، گوڙاڻو ڊيم جي اڏاوت واري هنڌ جي نشاندهي سنڌ حڪومت پاران ڪئي وئي ۽ جڳهه جي چونڊ ڪرڻ واري عمل سان اينگرو ڪمپنيءَ جو ڪوئي واسطو نه آهي.

هن تفصيلي انداز سان ٻڌايو ته ”2019 تائين ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪندڙ پاور پلانٽ جيئن ئي پنهنجو ڪم شروع ڪندا ته ٿر بلاڪ II جي ڪوئلي وارين کاڻين مان جيڪو جَر جو قدرتي پاڻي ٻاهر ايندو ان کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ گوڙاڻو ڊيم ٺاهيو پيو وڃي ۽ اهو پاڻي ڪنهن به ريت هاڃيڪار نه هوندو“.

نعيم پاشا وڌيڪ چيو ته ”اسان مقامي ٿري ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه وسيلي معاملا سلجهائڻ لاءِ تيار آهيون پر نظر اچي ٿو ته هو ڳالهين جي ميز تي اچڻ لاءِ تيار نه آهن“. هن تنقيد ڪندي چيو ته ”مونکي اهو ٻڌايو ته احتجاج ڪرڻ وارن جي حمايت ڪيترا ماڻهو ڪري رهيا آهن، توهان گوڙاڻو ڊيم وارو علائقو گھمي، ڏسي سگھو ٿا ته ڊيم واري ايراضيءَ ۾ هڪ به ڳوٺ قائم نه آهي“.

ان هوندي به اهي سوال ڪَر کنيو بيٺا آهن ته، گوڙاڻو ڊيم لاءِ ڪهڙن مختلف هنڌن جي نشاندهي ڪئي وئي هئي ۽ جيڪڏهن ڊيم جي اڏاوت واري هنڌ جي نشاندهي سنڌ حڪومت ڪئي ته پوءِ تنقيد اينگرو ڪمپني ڇو برداشت ڪري رهي آهي؟ انهن سوالن جا جواب ڏيندي احمد نعيم پاشا چيو ته ”سنڌ حڪومت ۽ اينگرو ڪمپني رٿا ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن ۽ اسان سمورن ماڻهن وچ ۾ مثبت حصيداري قائم ڪرڻ تي مضبوط يقين رکون ٿا. گوڙاڻو ڊيم جي اڏاوت واري هنڌ جو تعين ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران اعلي! معيار واري تحقيق ڪرائي وئي ۽ ان تحقيق جي نتيجي ۾ ئي اسان آخرڪار ڊيم جي اڏاوت واري هنڌ جي چونڊ ڪئي، جتي پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو“.

اينگرو ڪمپنيءَ جي مئنيجر ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن محسن ٻٻر کان ڊيم جي اڏاوت لاءِ گھربل ايراضيءَ جي چونڊ ڪرڻ بابت فني رپورٽ جا تفصيل معلوم ڪيا ويا ته ان جي جواب ۾ هن اهو موقف اختيار ڪيو ته ”فني رپورٽن کي منظر عام تي آڻي نه ٿو سگھجي“.

گوڙاڻو ڊيم جي اڏاوت هيٺ ايندڙ 14 سو ايڪڙ ايراضيءَ تي مزدور اڏاوتي ڪم ۾ رڌل نظر آيا، سمورو علائقو خوبصورت آهي ۽ جنهن ايراضيءَ ۾ ڊيم جو پڇڙيءَ وارو حصو اڏيو ويندو اتي اڏيل گھرن کي آسانيءَ سان ڏسي سگھجي ٿو.

گوڙاڻو ڳوٺ جي هڪ رهواسيءَ ڀنڀرو ميگھواڙ ٻڌايو ته ”ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ مليل پنهنجي هن زمين کي مان نه ٿو ڇڏڻ چاهيان، امير ماڻهو هتي هاڻي ڊيم پيا اڏين جنهن جي نتيجي ۾ اسانجا گھر ۽ زمينون تباهه ٿي ويندا“. هن دانهن ڏيڻ واري انداز ۾ چيو ته ”اسان جا ڳوٺ اچ وڃ خاطر روڊن رستن وسيلي ٻين علائقن سان ڳنڍيل آهن پر هن ڊيم اڏجڻ جي ڪري اسانجا اهي رستا به ڪٽجي بند ٿي ويندا“.

ڀنڀرو ميگھواڙ هڪ وڻ جي نشاندهي ڪندي چيو ته ”هي ڪنڊيءَ جو وڻ آهي، ان سميت ٻيا وڻ اسان جي جياپي لاءِ ڪافي فائديمند آهن. اسان انهن وڻن جو ڪاٺ ۽ ٻيون شيون مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪندا آهيون جيڪڏهن هو هتي ڊيم تعمير ڪندا ته پوءِ اتي گڏ ٿيندڙ لوڻياٺو پاڻي رڪجي نه سگھندو ۽ ان پاڻيءَ جي ڪري اسان جا ڳوٺ ۽ زمينون تباهه ٿي وينديون“. هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي اهو پڻ چيو ته ”مان به احتجاج ڪرڻ وارن مان هڪ آهيان ان سان گڏ ئي مونکي پنهنجي گھرڀاتين جو پيٽ به پالڻو آهي ۽ اسان جيئن ته غريب آهيون ان ڪري ڪير به اسان تي ڌيان نه ٿو ڌري“.

محسن ٻٻر جو چوڻ هو ته سندن ڪمپني مقامي ماڻهن جي سهولت خاطر علائقي ۾ متبادل روڊ ٺاهڻ جي تياري شروع ڪرڻ واري آهي. جڏهن ته ٽرٿ ٽريڪر کي اهو پڻ ٻڌايو ويو ته گوڙاڻو ڳوٺ جي ڀرسان ڪو هڪ روڊ ٺاهڻ لاءِ ڪم هلندڙ نه آهي. ٽرٿ ٽريڪر پاران سنڌ حڪومت جي توانائي واري کاتي جي سيڪريٽري آغا واصف سان رابطي لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون ويون پر هن انهن ڪوششن جو ڪو به جواب نه ڏنو.

گوڙاڻو ڊيم جي اڏاوت خلاف احتجاج ڪرڻ وارن جي اڳواڻي ڪندڙ وڪيل لِيلا رام چيو ته ”سڀ کان پهريان ته مونکي اها وضاحت ڪرڻ ڏيو ته اسان (ٿري) ڪنهن به قسم جي ترقيءَ جا مخالف نه آهيون. اسان ته صرف پنهنجي حقن خاطر احتجاج ڪري رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته اينگرو ڪمپني گوڙاڻو ڊيم جي اڏاوت خاطر صرف ۽ صرف پنهنجو وقت توڙي ناڻو بچائڻ جي فڪر ۾ مبتلا نظر اچي رهي آهي ۽ مقامي ماڻهن سان گڏ جياپي جي قدرتي وسيلن کي تباهه ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيٺل آهي“.

هن اهو پڻ چيو ته ”ڊيم ٺهڻ جي ڪري صرف گوڙاڻو نه پر 12 ٻيا ڳوٺ ۽ انهن ۾ رهندڙ 15 هزار ماڻهو متاثر ٿيندا انهن کان به علاوه 25 ٻيا اهڙا ڳوٺ آهن جيڪي ڊيم جي ڪري متاثر ٿيندا“. هن انهيءَ خدشي جو به اظهار ڪيو ته قدرتي ماحول ۽ آبهوا کي جيڪو نقصان رسندو اهو ته ڊيم اڏجڻ بعد ئي نظر اچي سگھندو.

گوڙاڻو ڊيم جو ذڪر ڇيڙيندي لِيلارام چيو ته ”ڊيم جي اڏاوت خاطر اسان کين  6 ٻين هنڌ جي آڇ ڪئي سين پر حڪومت انهن سڀني هنڌن تي ڪم ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو. حد ته اها آهي جو کاري پاڻيءَ وارا علائقا به ڪوئلي جي کاڻين واري علائقي جي ويجهو موجود آهن جتي پڻ ڊيم اڏي سگھجي ٿو پر هو 1971 ۾ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيل رامسر معاهدي جو عذر ڄاڻائي اتي به ڊيم نه پيا اڏين“. واضح رهي ته رامسر ٺاهه ايران جي ساڳئي نالي واري شهر ۾ انهيءَ مقصد سان ڪيو ويو هيو ته ٻئي ملڪ قدرتي ڍنڍن ۽ پاڻيءَ جي ذخيرن جو تحفظ ڪرڻ جا پابند رهندا ۽ انهن ذخيرن جو استعمال ڏاهپ ڀري انداز سان ڪيو ويندو.

لِيلا رام جو چوڻ هو ته، مقامي ماڻهن جن ايراضين جي نشاندهي ڪئي اهي رڻ ڪڇ واري علائقي کان 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهن اتي ڊيم اڏڻ سان ڪنهن به ريت رامسر ٺاهه جي ڀڃڪڙي نه ٿيندي. هن پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇو سنڌ حڪومت ۽ اينگرو ڪمپني انهن ايراضين کي اوليت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن؟.

پنهنجي ڳالهه جاري رکندي هن چيو ته ”احتجاج ڪندڙن کي زباني ڪلامي واعدن تي ڪو اعتبار نه آهي هو چاهين ٿا ساڻن جيڪي ڳالهيون ڪيون وڃن انهن کي دستاويزي شڪل واري ضمانت ڏني وڃي“. سانگھڙ ضلعي ۾ اڏيل چوٽياريون ڊيم جو مثال ڏيندي هن چيو ته ان ڊيم ٺهڻ سبب مقامي ماڻهن کي جياپي لاءِ جيڪي قدرتي وسيلا حاصل هوندا هئا اهي سڀ تباهه ٿي چڪا آهن.

Govt. of Sindh’s Notification

اوچتو احتجاج شروع ٿي وڃڻ بابت سوال جي جواب ۾ لِيلا رام ٻڌايو ته ”مئي 2016 ۾ اينگرو ڪمپنيءَ جڏهن هڪ پائيپ لائين وڇائڻ شروع ڪئي تڏهن کان اسانجو احتجاج هلندڙ آهي، پائيپ لائين وڇائڻ وارو اهو ڪم بعد ۾ ڊيم جي اڏاوت واري ڪم ۾ تبديل ٿي ويو“. هن جو چوڻ هو ته، حڪومت جا وزير کوکلا واعدا ڪري وڃڻ کان علاوه ٻيو ڪجهه به نه ٿا ڪن. پنهنجي متعلق موقف ڏيندي لِيلا رام چيو ته ”جيڪي به ماڻهو پنهنجي حقن لاءِ اٿي کڙا ٿيا آهن انهن کي ڀارتي ايجنٽ تصور ڪيو پيو وڃي، پر اسان جي لاءِ هو جيڪو ڪجهه به چون پيا ان جي اسان کي ڪا به پرواهه نه آهي، زمين ۽ جياپي جي وسيلن کي بچائڻ خاطر مان مقامي ماڻهن سان گڏ بيٺل آهيان“. پنهنجي ڳالهه مڪمل ڪندي هن چيو ته ”هاڻي اسانجي آخري اميد سنڌ هاءِ ڪورٽ سان سلهاڙجي وئي آهي هن سڄي معاملي جي جاچ خاطر سنڌ هاءِ ڪورٽ 4 ميمبرن واري ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي“.

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ جو چوڻ هو ته ”ان ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته گوڙاڻو ڳوٺ وارو علائقو ڪنهن حسين واديءَ کان گھٽ نه آهي پر سنڌ حڪومت ۽ اينگرو ڪمپنيءَ وٽ ٻيو ڪو رستو موجود نه آهي جيڪڏهن ڊيم جي اڏاوت لاءِ اسان کاري پاڻيءَ وارن علائقن جي چونڊ ڪيون ٿا ته ڀارت سان ڇڪتاڻ وارن لاڳاپن جي ڪري رامسر ٺاهه ان راهه جي سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻجي بيهي ٿو. اسان کي گھرجي ته احتجاج ڪرڻ وارن کي ڳالهين جي ميز تي ويهي معاملو نبيرڻ جي آڇ ڪيون“.

انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن ۽ محقق نصير ميمڻ اينگرو ڪمپنيءَ ۽ حڪومت جي ڪردار متعلق خدشن جو اظهار ڪيو آهي. نصير ميمڻ چيو ته هن اينگرو ڪمپنيءَ وارن کي چيو ته گوڙاڻو ڊيم جي تعمير واري هنڌ جو فيصلو ڪرڻ لاءِ جيڪا تحقيق ڪرائي وئي ان جا تفصيل کيس مهيا ڪن پر هنن اهي دستاويز نه ڏنا. لڳي ٿو ته هنن ڪا به مناسب تحقيق ئي ناهي ڪئي پر جيڪڏهن هنن اهڙي ڪا تحقيق ڪرائي به آهي ته ڊيم جي اڏاوت واري هنڌ جي نشاندهيءَ خاطر سندن ڪٿ ڪرڻ وارو طريقو ڪمزورين سان ڀريل آهي“.

نصير ميمڻ اها نشاندهي به ڪئي ته ”ٿرين جي زمين ڦٻائڻ لاءِ حڪومت 1894 جي قانون کي استعمال ڪري رهي آهي. جيڪڏهن مقامي ماڻهن وٽ زمينن جي مالڪيءَ بابت سرڪاري دستاويز موجود نه آهن ته اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي، اسانجي ملڪ ۾ اهو رواج عام آهي ته ماڻهو پنهنجي ملڪيتن ۽ زمينن جا دستاويز اڪثر ناهن ٺهرائيندا پر ٿري ان زمين جا مالڪ آهن ان حقيقت کي آسانيءَ سان نظرانداز نه ٿو ڪري سگھجي“.

گوڙاڻو ڳوٺ جي رهواسي ۽ ڊيم جي اڏاوت خلاف احتجاج ڪندڙن مان هڪ لڇمڻ گوڙاڻو کي سخت پريشانيءَ باوجود اڃان به اها اميد آهي ته ”اسان سادا ماڻهو آهيون، پنهنجي زمين تي جيئڻ جو حق کسجڻ مگر هرگز قبول نه ڪنداسين، جيڪڏهن هنن وٽ ڪي متبادل آهن ته اچن اچي اسانکي اهي ڏيکارين ڇو ته اسان سندن زباني ڳالهين تي ڪڏهن به يقين نه ڪنداسين“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here