اسلام آباد (رحمت محسود وٽان) نيوز لينز پاڪستان کي هٿ آيل دستاويزن مان انڪشاف ٿيو آهي ته پاناماليڪس جا دستاويز سامهون اچڻ کانپوءِ ڪرپشن جي الزامن هيٺ مخالف ڌر وزيراعظم کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ جيڪا رٿابندي ڪري رهي آهي ان کي ناڪام بنائڻ خاطر، حڪومت ڪجهه سياستدانن جي حمايت حاصل ڪرڻ تحت اهڙن منصوبن لاءِ ڪروڙين روپين جا فنڊ رکيا آهن جن جي منظوري ورتل نه آهي.

هن سال جي ابتدائي ڏهاڙن ۾ پاناما جي هڪ قانوني فرم موزيڪ فونسيڪا جا 11 ملين دستاويز منظرعام تي آندا ويا، جن وسيلي اها نشاندهي ٿي ته دنيا جا سوين اڳواڻ ۽ مشهور شخصيتون آف شور ڪمپنين جي نالي تي ڳجها اڪائونٽ هلائي رهيون آهن. پانامالڪيس جي انڪشافن وسيلي پتو پيو ته وزيراعظم نوازشريف، سندس پٽن حسين ۽ حسن نواز شريف، توڙي سندس ڌيءُ مريم صفدر جون برطانيه جي وِرجن ٻيٽ ۾ 4 آف شور ڪمپنيون قائم ٿيل آهن.

مخالف ڌر جا اڳواڻ وزيراعظم کي ايوان اندر تبديليءَ توڙي عوامي تحريڪ وسيلي هٽائڻ وارن نقطن تي اتفاق راءِ قائم ڪرڻ خاطر ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ڪري چڪا آهن.

پاناماليڪس واري اسڪينڊل جي سامهون اچڻ کانپوءِ وزيراعظم نوازشريف پهريون ڀيرو مئي 2016 ۾ قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ پيش ٿيو ۽ پارليامينٽري ڪاميٽيءَ جي جوڙجڪ جو اعلان ڪيو جنهن تي معاملي جي جاچ لاءِ ضابطي وارا اصول (ٽي او آرز) طئي ڪرڻ وارو ذمو پڻ رکيو ويو. جڏهن ته قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه وزيراعظم جي اهڙي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو.

نيوز لينز پاڪستان پاران حاصل ڪيل دستاويزن مان ظاهر ٿيو آهي ته، گھيري ۾ اچي ويل وزيراعظم لاءِ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي حمايت کي مستحڪم ڪرڻ خاطر واسطيدار وزارتن پاران ڪجهه خاص منصوبن لاءِ ڪروڙين روپين جا فنڊ مختص ڪيا ويا آهن.

دستاويزن مان پتو پيو آهي ته ڄاڻايل فنڊ خاص ڪري انهن منصوبن لاءِ رکيا ويا آهن جيڪي طاقتور سياستدانن جن ۾ مولانا فضل الرحمان، هائوسنگ وارو وفاقي وزير اڪرم خان درانيءَ ۽ مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ امير مقام شامل آهين، جي اباڻن شهرن سوات، بنون ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ عمل هيٺ آندا ويندا. 500 ملين روپين جا جيڪي فنڊ رکيا ويا آهن انهن مان 50 ملين روپيا مينگورا ۾ سوات يونيورسٽيءَ جو عورتن لاءِ مخصوص ذيلي ڪيمپس قائم ڪرڻ لاءِ ان شرط تي جاري ڪيا ويندا ته منصوبي جي پي سي ون (پروجيڪٽ سائيڪل 1) جي منظوري مليل هوندي.

دستاويزن مان اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته جيڪڏهن پي سي ون جي منظوري ورتي ويندي ته ان صورت ۾ مالي سال 2016-17 دوران منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ لڳايل ڪاٿي موجب گھربل رقم 500 ملين روپين مان 50 ملين روپيا ڊيرا اسماعيل خان جي گومل يونيورسٽي ۽ زرعي يونيورسٽيءَ لاءِ جاري ڪيا ويندا.

بنون يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجيءَ جي لڪي مروت ۾ قائم ڪيمپس کي مڪمل يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ واري منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي ڏس ۾ 500 ملين روپيا خرچ ٿيڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، انهيءَ ڪٿيل رقم مان 100 ملين روپيا هلندڙ سال دوران جاري ڪيا ويندا.

حويليان ۾ هزاره يونيورسٽيءَ جي ڪيمپس کي ترقي وٺرائيندي ان کي مڪمل يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ واري منصوبي کي 819 ملين روپين جي لاڳت عيوض مڪمل ڪرڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، انهيءَ ڪٿيل رقم مان 100 ملين روپيا هلندڙ مالي سال دوران جاري ڪيا ويندا.

مخالف ڌر جي پارٽين خاص ڪري پاڪستان تحريڪ انصاف پاران ڪرپشن اسڪينڊل ۾ نالو اچڻ سبب وزيراعظم مٿان وڌل دٻاوَ ۾ وڌيڪ شدت آڻيندي مطالبو ڪيو پيو وڃي ته هو پنهنجو عهدو ڇڏي ڏئي.

پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ سينيٽر نهال هاشميءَ چيو آهي ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ته وزيراعظم عهدو ڇڏي ڏئي. وزيراعظم نوازشريف عالمي سطح جو اڳواڻ آهي ۽ هن جهڙا اڳواڻ صدين ۾ هڪ ڀيرو ئي پيدا ٿيندا آهن.

ڪجهه وقت اڳ وزيراعظم نواز شريف، مولانا فضل الرحمان سان گڏجي خيبرپختونخواه صوبي جو دورو ڪيو، جتي مولانا فضل الرحمان پاران عوامي طاقت جي مظاهري تحت هڪ وڏي جلسي جو انتظام پڻ ڪيو ويو. انهيءَ جلسي کي خطاب دوران وزيراعظم صوبي ۾ ميگا پروجيڪٽ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جن ۾ بنون انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي واڌ وارو منصوبو، لڪي مروت ۾ يونيورسٽيءَ جي شاخ، ڊيرا اسماعيل خان ايئرپورٽ کي ترقي وٺرائيندي ان کي انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو درجو ڏيارڻ وارو منصوبو ۽ هارين لاءِ خصوصي پيڪيج وارا منصوبا شامل آهن.

هٿ آيل دستاويزن مطابق، ڊيرا اسماعيل خان ۾ اهڙن ڪجهه منصوبن لاءِ به 200 ملين روپيا رکيا ويا آهن جن جا تفصيل ئي موجود نه آهن ۽ اهڙن منصوبن جي رٿابندي ۽ ترقيءَ واري ڊويزن جي اداري رٿابندي ڪميشن جي ذيلي شاخ سينٽرل ڊويلپمينٽ ورڪنگ پارٽيءَ (سي ڊي ڊبليو پيءَ) توڙي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي آف نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل (ايڪنڪ) کان ابتدائي منظوري به ناهي ورتي وئي.

سينيٽر نهال هاشميءَ جو چوڻ هو ته پرامن احتجاج ڪرڻ مخالف ڌر جو جمهوري حق آهي، پر کين اهڙي اجازت هرگز نه ڏني ويندي ته اهي پارليامينٽ مٿان ڪاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪن يا قومي اثاثن کي نقصان پهچائين. هن وڌيڪ چيو ته، اسان چاهيون ٿا ته ٽي او آرز متعلق سمورين پارٽين وچ ۾ اتفاق ٿي وڃي پر مسلم ليگ (ن) خلاف پي ٽي آءِ جو موقف ذاتي بغض تي ٻڌل آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اهم اڳواڻ ۽ قومي اسيمبليءَ جي ممبير عارف علويءَ جو چوڻ هو ته اهڙي قسم جي سياسي لالچن جو پتو پوڻ سان کيس ڌچڪو لڳو آهي. وزيراعظم مٿان مخالف ڌر جي دٻاوَ کي گھٽائڻ لاءِ مولانا فضل الرحمان جي سياسي حمايت حاصل ڪرڻ خاطر اهڙن منصوبن لاءِ رقمون مختص ڪيون ويون آهن جيڪي اڃان منجهيل آهن.

سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته، پاناماليڪس وارو اسڪينڊل قوم لاءِ وڏو ڌچڪو ۽ ان ڳالهه جو ثبوت پڻ آهي ته اسان وٽ ڪرپشن ۾ مسلسل واڌارو ٿيندو رهي ٿو. سياسي تجزئي نگار منصور اڪبر ڪُنڊيءَ جو چوڻ آهي ته ان عمل کي ئي فائدي واري شادي ۽ پنهنجا نوازي سڏيو ويندو آهي.

انٽرنيشنل ڪنسورشيم آف انويسٽيگيٽو جرنلزم (آءِ سي آءِ جي) کي پاناما ۾ قائم ڪمپنيءَ جا ڪرپشن جي معلومات تي ٻڌل لکين دستاويز هٿ آيا آهن. انهن دستاويزن مطابق دنيا جا هزارين سياستدان، پارليامينٽ جا ميمبر ۽ ٻيا پئسقڀگي3س2سن جي فراڊ ۾ ملوث آهن جن ۾ پاڪستان جا 220 ڄڻا پڻ شامل آهن.

پاڪستان اڪنامڪ اينڊ سوشل رِوِيو پاران ترتيب ڏنل هڪ تفصيلي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، بهتر حڪمرانيءَ کي لازمي طور تي ڪرپشن کان پاڪ ماحول ۾ ئي هٿي ملندي آهي. بدقسمتيءَ سان پاڪستان ان سلسلي ۾ ڏاڪڻ تي مٿي چڙهڻ بجاءِ وڌيڪ هيٺ وڃي رهيو آهي.

هڪ بيان ۾ قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين قمرالزمان چوڌريءَ چيو آهي ته ڪرپشن حقيقت ۾ هڪ زهر آهي ۽ اسانکي گھرجي ته ان کي لوهي هٿن سان چِٿيندي ختم ڪيون. بيان موجب ته 1999 ۾ پنهنجي قيام کان وٺي نيب هن وقت تائين 276 ارب روپيا وصول ڪري قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا آهن.

مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر مولانا عطاءُ الرحمان نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته، بجاءِ ان جي ته هن معاملي کي پاناماليڪس سان جوڙيو وڃي اسان ته وزيراعظم جي حمايت هن حڪومت جي قائم ٿيڻ واري ڏينهن کان وٺي ڪندا پيا اچئون. هن چيو ته فنڊ وٺي وزيراعظم ميان نوازشريف جي حمايت ڪرڻ متعلق سمورا الزام بي بنياد، غلط ۽ من گھڙت آهن.

پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻ قمرالزمان ڪائره جو چوڻ هو ته مخالف ڌر وزيراعظم کان صفا سادو مطالبو ڪري رهي آهي ته انهيءَ معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ان مقصد لاءِ هڪ ڪميشن قائم ڪئي وڃي. گڏيل مخالف ڌر جي ٻين پارٽين سان گڏجي پيپلزپارٽي رٿابندي ڪري رهي آهي ته حڪومت تي وڌ کان وڌ دٻاءُ وڌو وڃي ته جيئن معاملي جي جاچ شروع ٿي سگهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here