اسلام آباد (رحمت محسود وٽان) حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر 2018 تائين بجلي جي موجوده پيداوار کان ٻيڻي بجلي پيدا ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پر مخالف ڌر جا سياستدان چون ٿا ته 2018 جي چونڊن ۾ ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ اها صرف هڪ سياسي چال آهي ڇاڪاڻ ته ان سال چونڊون ٿيڻيون آهن.
پاڪستان جي تباه توانائي جي شعبي جي سهڻي تصوير پيش ڪندي پاڻي ۽ بجلي جي وزارت جي ڊپٽي سيڪريٽري (ايڊمن 1) ظفر ياب نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته بجلي جي پيداوار 16890 ميگاواٽ مان وڌي 2018 تائين 40 هزار ميگاواٽ ٿي ويندي. ظفر ياب وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ هن وقت 22 هزار ميگاواٽ بجلي جي ضرورت آهي جڏهن ته بجلي جي پيداوار 16890 ميگاواٽ آهي .
هوڏانهن مخالف ڌر جا اڳواڻ چون ٿا ته اها حڪمرانن جي طرفان 2018 جي اليڪشن ۾ ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيل هڪ ٻي وڏي دعويٰ آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فرحت الله بابر، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت قوم سان بجلي جي بندش ختم ڪرڻ جا وعدا ڪندي رهي جيڪي پورا نه ٿي سگهيا. هن چيو ته مثال طور پنجاب جي وڏي وزير ۽ِ وزير اعظم نواز شريف جي ننڍي ڀاءَ شهباز شريف اهوچيو هيو ته جيڪڏهن هو بجلي جو بحران حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي ته کيس شهباز شريف جي نالي سان نه سڏيو وڃي.
فرحت الله بابي وڌيڪ چيو ته تقريبن ٽي سال گذري چڪا آهن پر بجلي جو بحران ته حل ٿيڻ بدران ويتر وڌيو آهي.
نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيج ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) جي پاران ڏنل ڄاڻ ۾ هي انڪشاف ٿئي ٿو ته 1947 ۾ ملڪ جي ٽي ڪروڙ ۽ 25 لک آباديءَ لاءِ صرف 60 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وئي. 1959 ۾ مقامي طور تي بجلي جي پيداوار 636 ميگاواٽ تائين وڌي وئي. گرميءَ جي موسم شروع ٿيڻ ۾ هاڻ وڌيڪ دير ناهي، پر عوام مستقل بنيادن تي بجلي جي بندش کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ اهڙن حالتن ۾ حڪومت طرفان هي دعوائون ڪيون پيون وڃن ته بجلي جو شديد ترين بحران ٻن سالن ۾ حل ڪيو ويندو.
فرحت الله بابر ياد ڪندي چيو ته نواز شريف جي قيادت ۾ جڏهن هن جي جماعت ملڪ جو اقتدار سنڀاليو تـ گردشي قرضن جي مسئلي کي حل ڪرڻ جو وعدو ڪيو پر هن وقت هڪ ڀيرو ٻيهر گردشي قرض تقريبن پنج ارب روپين تائين پهچي چڪا آهن. هن پنهنجي مشاهدي جي روشني ۾ وڌيڪ چيو ته اسان توانائي جي شعبي کي به ان تناظر ۾ ڏسون ٿا، هي هڪ وڏو مسئلو آهي ۽ جڏهن تائين سڀن ڌرين ءِ سياسي جماعتن کي اعتماد ۾ نٿو ورتو وڃي، ان مسئلي جو حل ٿيڻ ممڪن نه آهي.
هن کان جڏهن پڇيو ويو تـ حڪومت اليڪشن جي سال يعني 2018 ۾ بجلي جي پيداوار وڌائڻ لاءِ مقرر ڪيل حدف حاصل ڪرڻ جو وعدو ڇو ڪري ڇڏيو آهي ؟ هن چيو تـ هي واضع آهي تـ اها (حڪومت) غلط وعدا ڪري اليڪشن جي نتيجن تي اثر انداز ٿيڻ چاهي ٿي .
هن چيو ته انهن غلط وعدن جي باوجود پاڪستان جي عوام آگاهه آهي ته هي حڪومت ماضي ۾ پنهنجي وعدن تي پورو نه لٿي. فرحت الله بابر چيو ته اها ( حڪومت) انهن سياسي حربن ذريعي عوام جي جذبات سان کيڏي نٿي سگهي.
ظفر ياب چئي ٿو، گذريل ٻن سالن ۾ پاڪسان مسلم ليگ نواز جي اقتدار ۾ رهندڙ حڪومت بجلي جي بندش ۾ توازن پيدا ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه نمايان تبديليون آنديون آهن. هن جو چوڻ هيو ته اهڙي ريت صنعتي شعبي لاءِ بجلي جي بندش مڪمل طور ختم ڪئي وئي آهي، جيڪا ان کان اڳ 8 کان 12 ڪلاڪن تائين ٿي رهي هئي.
ظفر ياب وڌيڪ چيو ته، سڄي ملڪ لاءِ بجلي جي بندش جي هڪ جهڙي پاليسي لاڳو ڪئي وئي آهي. هن چيو ته بجلي جي بندش ۾ گهٽتائي سميت هاڻ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ نه ٿي ڪئي وڃي. شهري علائقن ۾ ڇهه۽ ٻهراڙيءَ ۾ اٺ ڪلاڪن تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. ان ۾ اهي علائقا شامل نه آهن جتي بجلي جي چوري جي شرح وڌيڪ آهي.
ان کان اڳ وزير اعظم نواز شريف ڪيترا ڀيرا هي وعدو ڪري چڪو آهي ته هو قوم کي بجلي جي بندش کان ڇوٽڪارو ڏياريندو، پر انهن خدشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي تـ مئي، جون، جولائي ۽ آگسٽ جي مهينن ۾ بجلي جي بندش وڌي ويندي، ڇاڪاڻ ته ان عرصي دوران گرمي جي موسم عروج تي هوندي آهي.
پاڻي ۽ بجلي جي وزارت جا آفيسر چون ٿا ته جنوري 2015 کان حڪومت، لايئن لاسز ۽ بجلي جي چوري تي ڪنٽرول لاءِ چند اهم قدم کنيا آهن. هنن چيو ته انهن قدمن ۾ فريڪوئنسي اسڪيم تحت خودڪار طور لوڊشيڊنگ، پاور هائوسز ۽ گرڊ اسٽيشنن تي ٽرپنگ ختم ڪرڻ، لوڊ تي قابو پائڻ ۽ وولٽيج کي منظم ڪرڻ جو ميڪانزم شامل آهي.
اسلام آباد سان جڙيل شهر راولپنڊي سان تعلق رکندڙ هڪ اسڪول ٽيچر ارم اعجاز چئي ٿي اسان حڪومت جي بجلي جا مسئلا حل ڪرڻ جي وعدن تي وڌيڪ يقين نٿا ڪري سگهون . هن شڪايت ڪئي ته غير اعلانيل لوڊشيڊنگ جي ڪري انهن جون بجلي تي هلندڙ شيون ريفريجريٽر ۽ واشنگ مشين خراب ٿي ويون آهن.
هزاره يونيورسٽي جي شعبي معاشيات جي سربراهه ۽ معاشي معاملن جو ماهر ڊاڪٽر سهيل فاروق چوي ٿو ته بجلي جي مستقل بنيادن تي بندش جي ڪري نه رڳوواپاري پر گراڪن کي به واڌو خرچ برداشت ڪرڻا پون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن بجلي جي بندش ٿي رهي هجي ته هڪ صفحي جي فوٽوڪاپي ڪرائڻ جا ٻن روپين بدران پنج روپيا ادا ڪرڻا پون ٿا.
ڊاڪٽر سهيل فاروق وڌيڪ چيو ته ان سان گڏ ئي بجلي جي بندش سان ملازمن جي ڪارڪردگي تي به انتهائي منفي اثر پون ٿا ۽ ڊيڊ لائن تي ڪم مڪمل نه ڪرڻ جا منفي اثر هڪ ڀيرو ٻيهر واپارين ۽ِ گراڪن تي مرتب ٿين ٿا.
هن کان جڏهن پڇيو ويو ته ڇا حڪومت بجلي جي بحران تي ڪنٽرول ڪري وٺندي؟ هن چيو ، نه! اهو ايترو آسان نه آهي ڇو جو ان حوالي سان جوڙيل منصوبا حقيقت تي ٻڌل نه آهن. خالد ڪياني گذريل ڪيترن سالن کان معاشي معاملن تي تجزيا لکي رهيو آهي، ان حڪومت جي 2018 تائين 10 هزار ميگاواٽ اضافي بجلي پيدا ڪرڻ جي دعوائن جي حوالي سان مايوسي جواظهار ڪيو.
هن چيو ته مون کي پختو يقين ناهي ته اسان ايندڙ 10 سالن ۾ به اضافي بجلي پيدا ڪرڻ جي قابل ٿي وينداسين. خالد ڪياني وڌيڪ چيو ته هن وقت ملڪي معشيت بدترين ٻڏتر جو شڪار آهي. هن جو چوڻ هوته جيڪڏهن حڪومت حقيقي ٻاهرين سيڙپڪارن کي خوش ڪرڻ چاهي ٿي ته بجلي جي بندش تي فوري تي قابو پائي، جنهن سان ٻاهرين سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪري هڪ مثبت قدم ضرور کنيو آهي.
اسلام آباد ۾ قائم اتفاق اسٽيل فيڪٽري جي هڪ آفيسر، نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ڇو ته کيس ميڊيا سان ڳالهائڻ جي اجازت ناهي، چيو ته حڪومت هلندڙ سال صنعتي شعبي لاءِ لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇڏي آهي. هن تبصرو ڪندي چيو ته هلندڙ سال بجلي جي بندش نه هئڻ ڪري گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ صنعتي شعبو بنان تعطل ڪم ڪري رهيو آهي.
سمال بزنس انٽرپرائزز راولپنڊي جي عهديدار شاهه نواز چيو ته بجلي جي مستقل بنيادن تي بندش جا ننڍي ڪاروبار تي انتهائي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته اسان ظاهري طور بجلي جي ننڍن جنريٽرن تي انحصار ڪري رهيا آهيون، جنهن ڪري اسان جو روزانو جو منافعو جنريٽرز مان بجلي حاصل ڪرڻ تي لڳيو وڃي.
پاڻي ۽ بجلي جي وزارت جي آفيسر هي تفصيل بيان ڪرڻ بدران ته دعوائن جي مطابق بجلي جي ڄاڻايل پيداوار ڪهڙي طرح حاصل ڪئي ويندي ۽ ڪير انهن منصوبن جي لاءِ فنڊ فراهم ڪندو؟ هن چيو ته حڪومت هدف حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ جامع پاليسي اختيار ڪئي آهي. حڪومتي پاليسي تحت وڌيڪ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ٽرانسمشن لائنن تي سيڙپڪاري، ڪوئلي ۽ قدرتي گيس کان علاوه وڏي پئماني تي هائيڊل منصوبن تي ڪم جاري آهي.
ڊاڪٽر سهيل فاروق کان جڏهن پڇيو ويو ته بجلي جي بندش سان پرڏيهي سيڙپڪاري متاثر ٿئي ٿي؟ هن چيو ته سيڙپڪار ان وقت ٻڏتر جو شڪارٿين ٿا، جڏهن بجلي جي بندش سان انهن جو ڪم رڪجي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته بجلي جي بريڪ ڊائون دوران بيروني توڙي مقامي سيڙپڪارن کي انهن ڪلاڪن جي مزدوري به ادا ڪرڻي پئي ٿي، جنهن ۾ انهن ڪجهه ٺهيو به نه هوندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here