لاهور (دردانه نجم وٽان) پاڪستان مسلم ليگ (ن) 2013 ۾ جيئن ئي اقتدار حاصل ڪيو، تڏهن کان مسلسل اها دعويٰ ڪندي رهي آهي ته سندن حڪومت 2018 تائين ملڪ اندر جاري بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو آڻي وٺندي پر توانائيءَ جي شعبي سان لاڳاپيل ماهرن اهڙي دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته 2024 کان اڳ بجليءَ جي بحران کي حل ڪرڻ ممڪن نه ٿو ٿي سگھي.

حڪومت پاران 2018 تائين بجلي بحران کي ختم ڪرڻ متعلق شدت سان ڪئي ويندڙ نعريبازيءَ جي اهڙي ماحول دوران ”اقتصادي رابطن واري ڪاميٽي (اِي سِي سِي)“ جي ويجهڙائيءَ ۾ ٿيل اجلاس جي پڄاڻيءَ کانپوءِ پاڻيءَ ۽ بجلي واري وفاقي وزارت پاران اهو تسليم ڪيو ويو آهي ته مالي مشڪلاتن سبب پاور ڊسٽريبيوشن ڪمپنيون جنهن مرڪزي بجلي مهيا ڪرڻ واري ڪمپنيءَ کان بجلي حاصل ڪن ٿيون، ان کي بقايائون ادا نه پيون ڪري سگھن.

بجلي سپلاءِ ڪرڻ واريون ڪمپنيون بجلي چوري، بجلي پڄائڻ دوران ٿيندڙ توانائيءَ جي زيان ۽ گھٽ وصولين جي ڪري مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيون آهن. انهن معاملن کي سامهون رکندي توانائيءَ جي شعبي سان لاڳاپيل ماهرن پاران اندازو لڳايو ويو آهي ته ايندڙ ڏينهن دوران بجليءَ جي اگھن ۾ وڌيڪ واڌارو ڪيو ويندو جڏهن ته بجليءَ جو بحران ايندڙ ڪيترن سالن تائين جاري رهندو.

پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاران ملڪ ۾ جاري توانائيءَ واري بحران جو مستقل حل ڪڍڻ واري واعدي تحت 2013 وارين عام چونڊن ۾ حصو ورتو ويو ۽ وڏي پيماني تي سيٽون پڻ کٽي ورتيون، چونڊن وارن ڏينهن ۾ ملڪ جي شهري علائقن اندر 12 جڏهن ته ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي هئي. اقتدار حاصل ڪري وٺڻ کانپوءِ حڪومت هڪ ئي وقت توانائيءَ جي گھڻن منصوبن تي ڪم شروع ڪري ڏنو.

توانائيءَ جي پيداوار وارا اڪثر منصوبا پنجاب ۾ شروع ڪيا ويا ڇو ته ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ 70 سيڪڙو بجلي پنجاب استعمال ڪري ٿو. هيٺ انهن منصوبن جو وِچور ڏنو ويو آهي جيڪي توانائيءَ جي حاصلات خاطر پنجاب صوبي اندر تعمير هيٺ آهن:
درجي بندي ميگاواٽ
ايل اين جي 3600
ڪوئلي جي ٻارڻ وسيلي توانائي پيدا ڪرڻ وارو منصوبو 1320
شمسي توانائيءَ وارو قاعد اعظم سولر پروجيڪٽ 1000
پاڻيءَ وسيلي بجلي تياريءَ جا ننڍا ننڍا منصوبا (ڪل پنج) 500
ٻيا ننڍا منصوبا (15 کان 20) 5 کان 15 ميگاواٽ

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وقت پنجاب جي توانائيءَ بابت کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد گيلانيءَ پراعتماد انداز سان ان يقين جو اظهار ڪيو ته 2018 تائين حڪومت ان قابل ٿي ويندي ته واعدي مطابق عوام کي بنان ڪنهن رنڊڪ جي بجليءَ جي مستقل سپلاءِ مهيا ڪندي.

بجلي فراهم ڪندڙ مختلف ادارن پاران توانائيءَ وارن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ واري مدي بابت سامهون آندل تضادن متعلق جڏهن کانئس سوال پڇيو ويو ته هن ان تي ڪو به تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ٻئي طرف، بجلي پيداوار بابت حڪومت جي موجوده پاليسين کي نظر ۾ رکندي، توانائيءَ سان لاڳاپيل معاملن جي هڪ ماهر فريد ملڪ انهيءَ دعويٰ تي شڪ جو اظهار ڪيو آهي. هن جو چوڻ هو ته نندي پور پاور پروجيڪٽ هن وقت 100 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي جڏهن ته ان جي صلاحيت لڳ ڀڳ 425 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جيتري آهي.

ساهيوال ۾ ڪوئلي کي ٻارڻ طور استعمال ڪندي بجلي پيدا ڪرڻ واري منصوبي جو ذڪر ڪندي فريد ملڪ چيو ته ان منصوبي جا ڳجهه ۾ رکيل تفصيل ظاهر ٿيڻ ضروري آهن. اهو منصوبو جڏهن شروع ٿيندو ته پوءِ ڇا ٿي پوندو؟ ڪوئلو ساهيوال تائين ڪيئن پهچندو؟

فريد ملڪ وڌيڪ چيو ته ساهيوال جي مک ريلوي اسٽيشن کان منصوبي واري هنڌ تائين ڪوئلو پڄائڻ لاءِ جيڪڏهن حڪومت ريل جون نيون پٽڙي وڇائي مشڪلاتن کي حل ڪري به وٺي ٿي ته ان جي نتيجي ۾ منصوبي مان بجلي حاصل ڪرڻ تي جيتري لاڳت ايندي ان جي حساب سان بجليءَ جي قيمت تمام گھڻي مهانگي ٿي ويندي جڏهن ته حڪومت جو نعرو ته اهو آهي ته سستي بجلي پيدا ڪري عوام کي سستي اگهه مهيا ڪئي ويندي.

ڊاڪٽر اسد گيلانيءَ اهڙي اعتراض کي رد ڪندي چيو آهي ته، جيئن ته اهو منصوبو سڀ کان گھڻي بجلي کپت واري پرڳڻي يعني پنجاب ۾ لڳايو پيو وڃي ته ان جي ڪري بجليءَ جي سپلاءِ ۽ لائين لاسز متعلق انديشا پاڻمرادو گھٽجي ويندا ڇو ته ان منصوبي مان حاصل ٿيندڙ بجلي ڪنهن انتهائي فاصلي تي واقع يا وسيع علائقي اندر نه ڪئي ويندي.

هن سمجهاڻي ڏيڻ واري انداز ۾ ٻڌايو ته منصوبي جي جڳهه جي چونڊ ڪرڻ وقت ٽن اوليتن کي هميشهه ترجيح ڏني ويندي آهي ته ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ وارو منصوبو سمنڊ ڪناري لڳايو ويندو آهي، ڪوئلي جي کاڻ جي ويجهو يا اهڙي هنڌ لڳايو ويندو آهي جتي ڪوئلو پڄايو وڃي.

متبادل ۽ قدرتي توانائيءَ جي ايسوسئيشن جي اڳوڻي چيئرمين فيض ڀٽه نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ماهرن جي موقف کي ته رکو هڪ پاسي، حيرت جي ڳالهه اها آهي ته نيپرا جهڙي هڪٻئي سرڪاري اداري پاران پنهنجي ويب سائيٽ تي ڪجهه وقت اڳ اهي تفصيل جاري ڪيا ويا هئا ته 2024 ئي اهو سال آهي جنهن دوران اهو ممڪن ٿي سگھي ٿو ته توانائيءَ جي بحران تي مڪمل طرح سان ضابطو اچي سگھي.

فيض ڀُٽه جو چوڻ هو ته هر سال بجليءَ جي گھرج ۾ 8 سيڪڙو اضافو ٿيندو رهي ٿو ۽ جيڪڏهن حڪومت ان دعويٰ تي قائم آهي ته بجليءَ جي بحران کي 2018 ۾ ختم ڪيو ويندو، جنهن ۾ هاڻي ٻه سال بچيا آهن، ته پوءِ ان سلسلي ۾ سُک واري صورتحال اچڻ جون ڪي نشانيون ته ملڻ گھرجن، پر ملڪ جي شهري توڙي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ ساڳئي انداز سان ترتيبوار 12 کان 18 ڪلاڪ ڊگهي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته ”قاعداعظم سولر پاور پروجيڪٽ لاءِ جنهن جڳهه جي چونڊ ڪئي وئي آهي اها هن قسم جي منصوبي لاءِ موذون نه آهي. بهاولپور جي آبهوا هن منصوبي لاءِ سازگار ناهي. هڪ ته گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ کان به ٽپي وڃي ٿو جيڪو گھربل مقدار ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جي لائق نه آهي جڏهن ته ان سڄي علائقي ۾ هر وقت واري اڏامندي رهي ٿي.

پنجاب جي صوبائي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ميان محمود الرشيد هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته جيڪڏهن حڪومت پنجاب ۾ شروع ڪيل بجليءَ جي سمورن منصوبن کي 2018 تائين مڪمل ڪري وٺندي ته پوءِ مونکي انهن منصوبن جي پسمنظر ۾ موجود تفصيلن تي شڪ ٿئي ٿو. پنجاب حڪومت جيترن منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي انهن سڀني ۾ خاميون موجود آهن. قاعداعظم سولر پاور پروجيڪٽ کي وٺو اهو مشڪل سان 100 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي ۽ هاڻي حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته ڪنهن طريقي سان ان جي نجڪاري ڪئي وڃي.

هن چيو ته، جيڪڏهن ملڪ ضرورت کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪرڻ جي قابل به ٿي وڃي ٿو ته ان باوجود ملڪ اندر لوڊشيڊنگ تيستائين موجود رهندي جيستائين حڪومت ٽرانسميشن ۽ ڊسٽريبيوشن جي نظام کي بهتر نه ڪندي.

ميان محمود الرشيد چيو ته حڪومت جي پهرين ترجيح اها هجڻ گھرجي ته بجلي سپلاءِ واري نظام جي گنجائش کي وڌيڪ بهتر بڻائي ڇو ته اهو نظام مدي خارج ٿي چڪو آهي.

هن بار بار ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت اهڙي قانونسازي ڪري جنهن جي مدد سان ڪاروباري طبقي کي ان ڳالهه جو سختيءَ سان پابند بڻائي سگھجي ته اهي رات جي پهر ۾ دڪان 8 وڳي هر صورت ۾ بند ڪري ڇڏين. جيڪڏهن اهو ننڍڙو قدم کڻڻ ۾ به ڪامياب ٿي پئون ته اسان 13 سو ميگاوٽ بجلي بچائي سگھئون ٿا.

جڏهن هن کان پڇيو ويو ته اهي ڪهڙا سبب آهن جن جي ڪري حڪومت واپاري طبقي کي ان ڳالهه تي راضي نه ٿي ڪري سگھي ته دڪان سوير بند ڪجن؟ جي جواب ۾ محمود الرشيد چيو ته حڪومت اها ڳالهه ان ڪري نه پئي مڃائي سگھي ڇو ته ان جو ترجيحون ڪجهه ٻيون آهن ۽ حڪومت جي عملداري ختم ٿي چڪي آهي.

محمود الرشيد ٻڌايو ته مالي سال 2015-16 جي بجيٽ ۾ پنجاب حڪومت پاران توانائيءَ جي منصوبن لاءِ 30 ارب روپيا رکيا ويا. ان هوندي به خرچ صرف 7 ارب ڪيا ويا ۽ باقي سمورا پيسا اورينج لائين ٽرين منصوبي توڙي روڊن جي ٻين رٿائن تي خرچ ڪري ڇڏيائون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here