حڪومت، جي ڊي پي کي برقرار رکڻ ۾ ناڪام: انگن اکرن جي هيرا ڦيري جاري

0
2222

لاهور (دردانه نجم وٽان) ماهرن جو خيال آهي ته 11 ڊسمبر 2015 تي اسٽيٽ بئنڪ پاڪستان پاران جاري ڪيل سالياني رپورٽ 2014ـ15 ۾ ڏيکاريل گراس ڊوميسٽڪ پراڊڪٽ (جي ڊي پي) جو 4.1 سيڪڙو ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال، آئل جي امپورٽ نه ٿيڻ، ٻاهرين قرضن تي ڀاڙڻ ۽ ايڪسپورٽ ۾ گهٽتائي ترجماني نه ڪري رهي آهي. واضح رهي ته مالي سال 2015 دوران ايڪسپورٽ 3.2 سيڪڙو گهٽي آهي ۽ پرڏيهي سڌي سيڙپ 41.5 سيڪڙو تي وڃي پهتي آهي.
هنن ڪرندڙ معاشي ماپن، پاڪستان کي پرڏيهي قرضن مٿان ڀاڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. خزاني واري وزارت جي دستاويزن موجب ملڪ هن وقت 18.14 ٽرلين جي قرضن جي ور چڙهيل آهي. قرض جي سيڪڙي جي حساب سان جي ڊي پي جو ريشو 65.1 سيڪڙي تي اچي وڃي ٿو. پاڪستان ۾ ڪيش فلو وارو مامرو ٽيڪسن ذريعي هلايو پيو وڃي ۽ ان سان اميرن کي ٽيڪس جي دائري ۾ نه آڻي فائدوڏنو پيو وڃي ۽ ان کان وڌيڪ اهو ته ان حوالي سان ٻاهرئين مالي مدد حاصل ڪئي پئي وڃي.
ياد رهي ته سيپٽمبر 2013 ۾ حڪومت وٽ پرڏيهي ذخيره رڳو 4 بلين ڊالر وڃي بچيا هئا ۽ حڪومت ادائگيون نه ڪرڻ جي ڪنڌيءَ تي وڃي پهتي هئي. اهي ذخيره صرف هڪ مهيني جي امپورٽ جي ادائگي جا مس هئا.
ان کانپوءِ عالمي مالياتي فنڊ (آئي ايم ايف)، سعودي عرب پاران 1.5 بلين ڊالر جي تحفي، ٽيليڪميونيڪيشن جي نيلامي، سڪڪ انشورنس اينڊ ڊائيويسٽيچرس جي 1.8 بلين، يورو بانڊ جي جاري ٿيڻ ۽ رميٽنس (ادائگين) جي مد ۾ 8098.25 ملين ڊالر ملڻ بعد ذخيره 20 بلين ڊالر تائين پهچي ويا.
ماهرن جو چوڻ آهي ته حڪومت ايڪسپورٽ کي بحال رکندي روينيو وڌائڻ ۽ ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ، ٻاهرين سيڙپڪاريءَ لاءِ بهتر ماحول ٺاهڻ ۽ ٻاهرين قرضن کي گهٽائڻ جي اهليت نه ٿي رکي، جنهن ڪري اها پائيدار ترقي ممڪن بنائڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿي.
اڳوڻو نگران پرڏيهي وزير ۽ ماهر معاشيات سلمان شاه ترقيءَ واري هن ماڊل کي پائيدار نٿو سمجهي. هن نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي ناڪامي ان جي اهليت نه هجڻ ۾ آهي، جيڪو پنهنجي پوري اهليت ترقي تي نٿو لڳائي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پنهنجن ڪارخانن کي مڪمل اهليت موجب هلائي، لائين لاسز ۽ بجلي چوريءَ کي روڪي بجلي بحران گهٽائي، نوان پاور پلانٽ لڳائي ۽ ٽيڪس جو نظام ٺاهي جيڪو واپارين کي فائدو ۽ ٽيڪس چورن کي سزا ڏئي. هن چيو ته انهن سڌارن کانسواءِ پاڪستان ۾ ترقي ٿي نٿي سگهي.
شاهه 2007 واري دور کي بهتر قرار ڏيندي چيو ته ان وقت عالمي بئنڪ جي 2006 واري رپورٽ ۾ پاڪستان چوٽي وارن ڏهن ملڪن ۾ شامل هو، پر پي پي پي دور ۾ خراب حڪمرانيءَ سبب ملڪ نه رڳو اها ترقي پٺتي ڌڪي وئي بلڪه معاشي مسئلا به پيدا ٿي ويا. هن الزام هنيو ته نواز ليگ حڪومت به صرف ڏيکاءُ ڪري رهي آهي ۽ ان سواءِ پاور پروجيڪٽ شروع ڪرڻ جي ڪجهه به ناهي ڪيو پر انهن ۾ به ڪرپشن آهي.
هوڏانهن پنجاب بورڊ آف انويسٽمينٽ اينڊ ٽريڊ جي چيئرمين عبدالباسط به سلمان شاه سان اتفاق ڪندي چيو ته بجليءَ جي بحران ۽ غلط پاليسين پاڪستان جي ايڪسپورٽ جي اهليت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
هن حڪومت پاران زراعت جي شعبي کي سبسڊي نه ڏيڻ ۽ ٽيڪسٽائيل جي مدد نه ڪرڻ واري حڪومتي پاليسيءَ تي ڇتي تنقيد ڪئي ۽ سندس خيال هو ته پاڪستان هلال کاڌي لاءِ اهم مارڪيٽ آهي، حڪومت ان کي واڌارو ڏئي. هن ٻڌايو ته ڀارت 90 سيڪڙو هلال کاڌو وڪرو ڪري پهرئين نمبر تي آهي، جڏهن ته پاڪستان 0.5 سيڪڙي تي آهي. باسط جو چوڻ هو ته حڪومت وٽ عالمي مارڪيٽ ۾ پئٽرول جي گهٽ قيمت سبب اهم موقعو هيو ته اها انڊسٽريز کي هٿي ڏئي ها پر ائين نه ٿيو.
هن وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ پئٽرو ل جون قيمتون 115 ڊالر کان هيٺ ٿي 36 ڊالر تائين 200 سيڪڙو گهٽيون پر پاڪستان ۾ رڳو 40 کان 45 سيڪڙو لاٿ آئي.
آل پاڪستان ٽيڪسٽائيل ايسوسيئيشن جي وائيس چيئرمين شاهد مظهر، نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ته پرڏيهي سيڙپڪارن نه رڳو ملڪ ڇڏي ڏنو آهي پر پائيپ لائين وارا پروجيڪٽ به ڇڏي ويا. هن چيو ته ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ 2.2 سيڪڙو سان بنگلاديش پاڪستان کان اڳتي نڪري ويو آهي ۽ پاڪستان 1.5 سيڪڙي تي آهي. ڀارت 2006 ۾ 3 سيڪڙو تي ۽ هاڻي 4.5 سيڪڙو تي آهي.
حڪومت پاران موجوده خساري کي پورو ڪرڻ لاءِ 40 بلين روپيه جوڙڻ بابت هن سوال ڪيو ته ڇا حڪومت پنهنجي کيسي مان 20 بلين روپيه ڏنا آهن يا ڇا حڪومت پنهنجا خرچ گهٽايا آهن؟ جيڪڏهن ائين ٿئي ته باقي 20 بلين ٽيڪسن مان جمع ٿي ويندا.
مظهر وڌيڪ چيو ته حڪومت پنهنجا خرچ گهٽائڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه ئي وڏين مڇين کي ٽيڪس جي دائري ۾ آڻي سگهي آهي، جڏهن ته ننڍا واپاري ٽيڪس ڏيڻ ئي نٿا چاهين.
ياد رهي ته حڪومت امپورٽ ٿيندڙ 61 شين تي 5 کان 10 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي هنئي ۽ 289 شين تي 5 سيڪڙو ڊيوٽي لڳائي وئي آهي. جڏهن ته هزارين اهڙين شين تي هڪ سيڪڙو ڊيوٽي هنئي وئي، جن ۾ ڪپهه شامل آهي.
پاڪستان ۾ وڌيڪ قيمتن سبب ايڪسپورٽ ۾ وڏي حد تائين گهٽتائي آئي آهي. جڏهن ته پاڪستان وڌندڙ آمريڪي مارڪيٽ کي ٻنجو ڏيڻ ۾ به ناڪام رهيو آهي.
چيئرمين رسرچ انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ بئنڪنگ اينڊ فنانس ۽ اڳوڻي بئنڪر ڊاڪٽر شاهد حسن، نيوزلينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته جڏهن پرڏيهي ذخيره ايڪسپورٽ جي بنياد تي نه وڌايا ويندا ته اهي معاشي سرگرمين جي ڪوڙي تصوير پيش ڪندا.
هن ٻڌايو ته آئي ايم ايف پروگرام ايندڙ سال سيپٽمبر ۾ ختم ٿي ويندو ۽ اسانکي قرض واپس ڪرڻو پوندو ۽ موجوده صورتحال ۾ جڏهن اسان پنهنجي دولت وڌائي نه رهيا آهيون ته اهڙي حالت ۾ قرض واپس ڪرڻ واري حڪومتي اهليت تي سوال کڙا ٿين ٿا.
ڊاڪٽر حسن جو چوڻ هو ته درحقيقت اسان جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيره گهٽجي رهيا آهن ۽ ساڳو حال ترقيءَ جو به آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here