اسلام آباد (رحمت محسود وٽان) ملڪ مان دهشتگردي ۽ تشدد جي سلسلي کي ختم ڪرڻ خاطر حڪومت مدرسن جي مالي معاملن جي جاچ پڙتال ڪرڻ واري حڪمت عمليءَ تي عمل لاءِ تياري ڪري ورتي آهي. نيوز لينز سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف ٻڌايو ته سمورا مدرسا ان ڳالهه جا پابند آهن ته پنهنجي مالي معاملن ۽ هر قسم جي خرچن جي حساب بابت پڙتال واري رپورٽ فراهم ڪن.
جيتوڻيڪ وفاقي وزير پاران اهڙا تفصيل ظاهر نه ڪيا ويا ته حڪومت مدرسن جي مالي معاملن جي پڙتال ڪيئن ڪندي، پر ملڪ اندر اها راءِ عام ٿي چڪي آهي ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تخريبڪار جيڪي حملا ڪن ٿا انهن جو تعلق ڪنهن نه ڪنهن طرح سان مدرسن سان جڙيل هوندو آهي.
وفاقي وزير پاران چيو ويو ته حڪومت مدرسن جي آمدني جي ذريعن جي جاچ پڙتال ڪرڻ واري ڪم جا بنيادي نقطا ۽ ٻيون حدون طئي ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي توڙي جو مذهبي اڳواڻن پاران اهي چتاوَ ڏنا پيا وڃن ته ان قسم جي ڪارروائي جي سخت مزاحمت ڪئي ويندي. مسلمان ٻارڙا، مذهبي نوعيت جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مدرسن يا مذهبي درسگاهن ۾ داخل ٿيندا آهن ته جيئن اُها تعليم وٺي مذهبي اڳواڻ يا استاد ٿي سگھن پر مدرسن ۾ پڙهندڙ اڪثر شاگرد پنهنجي تعليم اڌ ۾ ئي ڇڏي ڏيندا آهن.
راولپنڊيءَ جي هڪ مدرسي جي 45 سالن جي استاد مولوي عباس شاهه کي انديشو آهي ته انتهائي غريب خاندانن سان تعلق رکندڙ شاگردن جو هڪ وڏو انگ اهڙي قسم جي ڪارروائيءَ جي ڪري متاثر ٿيندو. هن کي اهو خدشو پڻ آهي ته مالي حسابن جي جاچ پڙتال سبب ڪيترائي مدرسا بند پڻ ٿي سگھن ٿا.
ملڪ اندر ٿيندڙ دهشتگرديءَ ۽ فرقيواريت جي ڪارراوين سبب ڪيترائي مدرسا اڳواٽ ئي نگرانيءَ هيٺ آهن. “آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي حملي ٿيڻ جي ڪري حڪومت مٿان انتهائي گھڻو دٻاوَ پيو ته اها ملڪ اندر ڦهليل هزارين مدرسن کي ضابطي هيٺ آڻي. مولوي عباس شاهه وڌيڪ چيو ته اسان جي مدرسي ۾ ڪل چار استاد آهن، جن مان 2 ڄڻا ماهوار پندرنهن هزار روپيا وٺندا آهن.
جڏهن ته 2 استاد اسلامي تهذيب ۽ تمدن توڙي قانونن جي علم جا ڄاڻو آهن جڏهن ته باقي 2 رڳو اسلاميات جي بنيادي ڊگري رکندڙ آهن. هن اهو پڻ ٻڌايو ته، مدرسي ۾ ڪل 150 شاگرد زير تعليم آهن جن مان 100 شاگرد روزانو ڪجهه وقت لاءِ پڙهڻ ايندا آهن باقي 50 ڄڻا مدرسي اندر ئي رهندا آهن. مدرسي جي انتظاميا پاران انهن 50 ڄڻن کي ٻن وقتن جي ماني پڻ فراهم ڪئي ويندي آهي.

Wide view ofthe sprawling Jamia Dar-ul-Uloom Waziristan in Wana
Wide view ofthe sprawling Jamia Dar-ul-Uloom Waziristan in Wana

نيوز لينز سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندي مولوي عباس شاهه دعويٰ ڪئي ته مدرسي پاران عام طور تي جمعي واري نماز دوران نمازين کان چندو ڪٺو ڪيو ويندو آهي جيڪو آمدنيءَ جو نظر ايندڙ ذريعو آهي. هن سوال ڪيو ته ڪو به مدرسو سڌيءَ ريت تخريبڪارن جي مدد ڪرڻ ۾ ملوث نه آهي ته پوءِ ڇو حڪومت مداخلت ڪرڻ چاهي ٿي؟
نيوز لينز پاران ان معاملي بابت جڏهن مذهبي اڳواڻن جي هڪ تنظيم پاڪستان علماء ڪائونسل جي چيئرمين مولانا طاهر اشرفيءَ سان رابطو ڪيو ويو ته هن اهو موقف اختيار ڪيو ته اسان مدرسن جي رجسٽريشن ۽ انهن جي مالي حسابن جي پڙتال ڪرڻ ۾ ڪا رڪاوٽ نه وجهنداسين. هن چيو ته اسان کي صرف ان ڳالهه جي تشويش رهندي ته مدرسن جي تقدس کي ان ڪارروائي دوران برقرار رکيو وڃي، پر هن پاران مدرسي جي تقدس جي تشريح نه ڪئي وئي.
جڏهن ته ڪجهه اڻ ڌرين مبصرن اها اڳڪٿي ڪئي آهي ته حڪومت پاران اهڙي فيصلي تي عملدرآمد ڪرڻ جو مطلب مدرسن سان جڙيل ماڻهن کي شديد ردعمل تي ٻڌل مزاحمت ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ هوندو.
سياسي ۽ دفاعي معاملن جي اڻ ڌرئي تجزئي نگار ڊاڪٽر حسن عسڪري رضويءَ جو چوڻ آهي ته ان ڏس ۾ مذهبي اڳواڻن پاران ردعمل ان ڪري به سامهون ايندو ڇو ته هو مدرسن جي مالي حسابن جي جاچ پڙتال ۽ احتساب کي مدرسن جي معاملن ۾ مداخلت تصور ڪندا.
هن وڌيڪ چيو ته مونکي نه ٿو لڳي ته انتهاپسنديءَ جي ڦهلاءَ ۾ مدرسن جو ڪو سڌو ڪردار آهي، پر مذهبي ادارا هڪ سوچ کي هٿي وٺرائين ٿا، ان سوچ اندر انتهاپسنديءَ ڏانهن رغبت رکڻ يا لاڙو موجود آهي.
حسن عسڪريءَ چيو ته، حڪومت اهو ضرور ڪري ته مدرسن جي رجسٽريشن ڪئي وڃي ته جيئن ان ڳالهه جو پتو پوندو رهي ته اتي ڪير تعليم حاصل ڪري رهيو آهي ۽ کين ڪير، ڪهڙي تعليم ڏئي رهيو آهي يا سندن آمدنيءَ جو وسيلو ڪهڙو آهي. حڪومت کي اها پريشاني به آهي ته مدرسن بابت اهڙو ڪم ڪرڻ واري قدم جي، ٻيون سياسي پارٽيون حمايت ڪنديون يا نه! هن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي اهو پڻ چيو ته مدرسن جا حامي حڪومت اندر به ويٺل آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مدرسن جي رجسٽريشن ڪرڻ ۽ انهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ سان ماحول ۾ بهتري ايندي.
مذهبي معاملن جي وفاقي وزير پاران ان فيصلي تي عمل ڪرڻ متعلق وقت ۽ تاريخ طئي هجڻ بابت ڪجهه ناهي ٻڌايو ويو ان ڪري اهو پتو ڪنهن کي به ناهي ته ان فيصلي تي ڪڏهن عمل ڪيو ويندو.
فاٽا جي قبائلي علائقي وزيرستان ۾ سڀ کان وڏو مدرسو ”مدرسه جامعه دارالعلوم“ هلائيندڙ ڊاڪٽر مولوي تاج محمد هڪ انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته مان ذاتي طور تي ان ڳالهه جو حامي آهيان ته مدرسن جو احتساب ڪيو وڃي. مدرسن کي مالي معاملن جي پڙتال جي مزاحمت نه ڪرڻ گھرجي ۽ مدرسن کي هر رخ کان شفاف بڻائڻ گھرجي. جامعه دارالعلوم وزيرستان ۾ ٽوٽل 1750 شاگردن جي داخلا ٿيل آهي جن مان 1200 ڇوڪريون آهن. ڊاڪٽر مولوي تاج محمد پاران ٻڌايو ويو ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي رهائش لاءِ الڳ الڳ هاسٽلون قائم آهن.
هڪ استاد جي وڌ ۾ وڌ پگھار 15 هزار ماهوار آهي جڏهن ته گھٽ پڙهيل استاد کي صرف 3000 روپيه ڏنا ويندا آهن. مدرسي جو ماهوار خرچ ڏيڍ لک روپيا آهي ۽ خرچ جي پورائي لاءِ اهي پيسا زڪوات وسيلي حاصل ڪيا ويندا آهن. مدرسي لاءِ زڪوات علائقي ۾ وڏي پيماني تي ميوي ۽ سبزيءَ جي پوکي ڪندڙ آبادگار ۽ صاحب حيثيت ماڻهو ڏيندا آهن.
ڊاڪٽر مولوي تاج محمد ٻڌايو ته ڏکڻ وزيرستان جي مرڪزي شهر وانا ۾ جن ماڻهن جا وڏا باغ آهن اهي اسانکي زڪوات ڏيندا آهن ۽ نقد رقم طور ملندڙ چندو يا زڪوات ئي مدرسي جي آمدنيءَ جو اڪيلو وسيلو آهي. ان آمدنيءَ مان اسان رهائش کان علاوه شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن کي ٻن وقتن جي ماني به فراهم ڪندا آهيون.
وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ هلندڙ رجسٽرڊ يا اڻ رجسٽرڊ مدرسن جو انگ معلوم ڪرڻ لاءِ اسلام آباد انتظاميا ۽ اسلام آباد پوليس پاران گڏيل طور تي ڪيل سروي جي نتيجي ۾ پڌرو ٿيو ته صرف اسلام آباد ۾ 401 مدرسا موجود آهن. ان سروي جي نتيجن مان اهو پتو پڻ لڳايو ويو ته لڳ ڀڳ 160 مدرسا ۽ قرآن جي تعليم ڏيندڙ 72 سينٽر حڪومت وٽ رجسٽرڊ نه ٿيل آهن.
گهرو معاملن جي وزارت سان لاڳاپيل هڪ عملدار پاران نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ويو ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور واري حملي کانپوءِ اسان اسلام آباد انتظاميا ۽ پوليس کي حڪم ڏنو ته ترت اهو سروي ڪيو وڃي ته وفاقي راڄڌانيءَ جي حدن اندر ڪيترا مدرسا موجود آهن. جڏهن ته وفاقي راڄڌانيءَ ۾ تعليم بابت ڊائريڪٽوريٽ جي رڪارڊ مان اهو معلوم ٿيو آهي ته حڪومت جي انتظام هيٺ ڪل 422 اسڪول تعليم ڏئي رهيا آهن.
سروي مان اهو پڻ پتو لڳايو ويو ته اسلام آباد ۾ موجود مدرسن اندر لڳ ڀڳ 31 هزار 796 شاگرد تعليم وٺن ٿا. انهن مان 17 هزار 419 اهڙا شاگرد آهن جو تعلق جاڙن شهرن اسلام آباد ۽ راولپنڊيءَ سان آهي. جڏهن ته باقي 14 هزار 377 شاگرد فاٽا، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخواه صوبي سان تعلق رکن ٿا.
حڪومتي عمدارن جو چوڻ آهي ته، عمل هيٺ ايندڙ قاعدن ۽ ضابطن مطابق هڪ مدرسو قائم ڪرڻ لاءِ ٻه ڪم ضروري ڪرڻا هوندا آهن ته هڪ مدرسي کي بطور اين جي او اسلام آباد جي انتظاميا وٽ رجسٽر ڪرائڻو هوندو آهي ان بعد ان ئي مدرسي کي پاڪستان مدرسا بورڊ وٽ به رجسٽر ڪرڻو هوندو آهي. پاڪستان مدرسا بورڊ، مذهبي معاملن واري وفاقي وزارت جو هيٺاهون ادارو آهي.
راولپنڊيءَ سان تعلق رکندڙ 15 سالن جي ڄمار واري مدرسي ۾ پڙهندڙ شاگرد نور محمد جو چوڻ آهي ته هو مفت تعليم ۽ کاڌو حاصل ڪري رهيو آهي، ڇو ته هو پرائيويٽ يا سرڪاري اسڪول ۾ تعليم پِرائڻ جا خرچ ڀرڻ جي لائق نه آهي. هن پريشانيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن مدرسا بند ڪيا ويندا ته کيس خبر ناهي ته هو ڪيڏانهن ويندو ۽ ڇا ڪندو؟
35 سالن جي، نورمحمد جي پيءُ بلال خان جو چوڻ آهي ته هن کي پنهنجو پٽ مدرسي ۾ ئي داخل ڪرائڻو پيو ڇو ته هو نجي اسڪولن جي ڳري في ڀرڻ جي طاقت نه ٿو رکي. زندگي حقيقت ۾ ڏاڍي ڏکي آهي. مونکي 5 ٻار آهن ۽ مان مشڪل سان کين کاڌو پيتو فراهم ڪري سگھان ٿو، سو ان ڪري مان کين سٺي تعليم نه ٿو ڏئي سگھان.
مارچ 2014 ۾، گھرو معاملن جي وفاقي وزير چوڌري نثار پاران پارليامينٽ ۾ ”نيشنل انٽرنل سيڪيورٽي پاليسي“ پيش ڪئي وئي هئي، جنهن جو مقصد آهي ته ملڪ جي 22 هزار مدرسن کي حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ آڻجي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here