لاهور: انهيءَ حقيقت جو احساس ٿيڻ کانپوءِ ته صوبا صحت جي شعبي ۾ سڌارا آڻڻ کان لاچار آهن، وفاقي حڪومت قدم اڳتي وڌائيندي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 46 نيون اسپتالون قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، پر پنجاب اسيمبليءَ جي مخالف ڌر پاران حڪومت جي انهيءَ فيصلي کي رد ڪندي انهيءَ خلاف صوبائي اسيمبليءَ ۾ هڪ قرارداد جمع ڪرائي وئي آهي.

اها قرارداد پنجاب اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ميان محمود الرشيد پاران جمع ڪرائي وئي آهي. جنهن ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نوان منصوبا شروع ڪرڻ کان اڳ حڪومت کي صحت واري شعبي جي موجوده ڍانچي جي بحالي ۽ سڌاري لاءِ قدم کڻڻ گھرجن.

سموري ملڪ اندر صحت وارين سهولتن جي مجموعي سڌاري خاطر وفاقي حڪومت پاران ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 46 نيون اسپتالون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت پاران انهيءَ سلسلي ۾ جاري ڪيل هدايتن مطابق، وزيراعظم چاهي ٿو ته سندس مقرريءَ وارو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ اهو منصوبو مڪمل ٿيڻ گھرجي.

شهري حقن جي سرگرم ڪارڪن ۽ تجزيه نگار وجاهت مسعود جو چوڻ هو ته پاڪستان تحريڪ انصاف پاران اهڙي قدم جنهن جي کڄڻ جي سخت ضرورت به آهي ۽ مثبت پڻ آهي، خلاف قرارداد آڻڻ وارو عمل حيرت جوڳو آهي. صحت صوبائي معاملو آهي ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجي پنهنجي صوبي جي عوام کي اهي سهولتون مهيا ڪرڻ جون ذميوار آهن. منهنجي معلومات مطابق ته وفاقي حڪومت صوبن جي ڏورانهن ۽ پوئتي پيل ضلعن ۾ اهي اسپتالون قائم ڪندي جنهن سان انهن علائقن جي عام مريضن کي تمام گھڻو فائدو حاصل ٿيندو.

صوبائي اسيمبليءَ ۾ جمع ڪرايل پنهنجي قرارداد متعلق نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي ميان محمود الرشيد چيو ته سندن پارٽي عوام کي صحت جون سهولتون ڏيڻ جي خلاف نه آهي، هو صرف اهو چاهين ٿا ته صحت جي موجوده ڍانچي کي به ترقي وٺرائي وڃي ۽ سهولتن کي ڪارآمد بڻايو وڃي. توهان اهو تصور ڪري سگھو ٿا ته لاهور جي ميو اسپتال، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها ايشيا جي سڀ کان وڏي اسپتال آهي، جتي ايم آر آءِ مشين موجود نه آهي. جڏهن ته اسپتال ۾ سي ٽي اسڪين جي لاءِ به صرف هڪ مشين موجود آهي.

ميان محمود الرشيد جو چوڻ هو ته حد ته اها آهي جو صوبي ۾ صحت جو صوبائي وزير به مقرر ٿيل نه آهي. هو اهو به سمجهي ناهي سگھيو ته پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف صحت وارو قلمدان ڇو آخر پاڻ وٽ رکيو ويٺو آهي. موجوده وقتن ۾ وزيراعليٰ پنجاب وٽ موجود کاتن جو انگ 9 آهي. ماهرن جي راءِ آهي ته اهو ڪنهن به وزير لاءِ ناممڪن آهي ته اهو هڪ ئي وقت ايترن گھڻن کاتن جو ڪم سرگرميءَ ۽ سٺي انداز سان مڪمل ڪري سگھي.

پنجاب جي راجن پور، جهنگ، ڀَڪر، صادق آباد ۽ راولپنڊيءَ ۾ 5 سو بسترن واريون جڏهن ته بُوري والا، احمد پور شرقيه، ڪوٽ ادوءَ، تونسا، ساهيوال، سرگوڌا، پسرور ۽ ليه ۾ 250 بسترن واريون اسپتالون تعمير ڪرڻ جي رٿا جوڙي وئي آهي.

سنڌ صوبي جي جيڪب آباد، ميرپورخاص ۽ بدين شهرن ۾ 5 سو بسترن جڏهن ته اسلام ڪوٽ، نوشهروفيروز ۽ دادو ضلعن ۾ 250 بسترن واريون اسپتالون قائم ڪيون وينديون.

ساڳيءَ ريت خيبرپختونخواه صوبي جي هري پور ۽ بٽا گرام ۾ 5 سو، اهڙيءَ ريت هنگو ۽ چترال ۾ 250 بسترن واريون اسپتالون جوڙيون وينديون. جڏهن ته هڪ اسپتال وفاق جي انتظام رهندڙ قبائلي علائقن ۾ به قائم ڪئي ويندي. انهن کان علاوه ڳڙهي حبيب الله ۽ ڪاغان ۾ وري هڪ هڪ سو بسترن واريون اسپتالون تعمير ڪيون وينديون.

بلوچستان صوبي جي حب، نوشڪي، چمن ۽ پنجگور ۾ هڪ سو بسترن واريون اسپتالون جڏهن ته خضدار، لورالائي ۽ سبيءَ ۾ 250 بسترن ۽ ڪوئيٽا ۾ 5 سو بسترن واري هڪ اسپتال تعمير ڪئي ويندي. مٿي ڄاڻايل شهرن کان علاوه 250 بسترن واريون اسپتالون اسڪردوءَ ۽ گلگت ۾ جڏهن ته 100 بسترن واري هڪ اسپتال هنزه جي علائقي ڪريم آباد ۽ 50 بسترن جي هڪ اسپتال گلگت بلتستان جي علائقي گھانچي ۾ تعمير ڪئي ويندي.

پنجاب هيلٿ ڪميشن ۾ ڪم ڪندڙ هڪ سينئر ڊاڪٽر نيوز لينز پاڪستان سان سندس نالو راز ۾ رکڻ جي شرط تي ڳالهه ٻولهه ڪندي وفاقي حڪومت جي انهيءَ فيصلي مٿان سخت اعتراض واريا آهن. هن جو چوڻ هو ته حڪومت صحت سان لاڳاپيل معاملن کي درست انداز سان ناهي ڏسي رهي.

انهيءَ ڊاڪٽر دانش اسڪولن متعلق قياس آرائي ڪندي چيو ته حڪومت کي دانش اسڪولن جيان دانش اسپتالون قائم ڪرڻ کان احتياط ڪرڻ گھرجي. دانش اسڪولن متعلق پنهنجي وضاحت پيش ڪندي هن وڌيڪ چيو ته جن علائقن ۾ اهي اسڪول قائم ڪيا ويا اتي اسڪول ڇڏيندڙ ٻارن جي شرح ۾ واڌ آئي آهي. جڏهن کان حڪومت دانش اسڪولن ۾ پيسو لڳائڻ جي شروعات ڪئي ته فنڊن جي کوٽ سبب ٻين اسڪولن جي حالت بگڙڻ شروع ٿي وئي آهي.

پنجاب هيلٿ ڪميشن پاران نيوز لينز کي مهيا ڪري ڏنل دستاويزن مان اها ڄاڻ ملي آهي ته، پنجاب حڪومت پاران صوبي جي شهرن ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي غيرقانوني اسپتالن خلاف مسلسل ڪارروائي ڪرڻ باوجود اهو مسئلو به ختم ناهي ٿي سگھيو. هڪ اندازي موجب صرف پنجاب صوبي ۾ 2.5 ملين عطائي ڊاڪٽر آهن ۽ صوبي ۾ سند يافته ڊاڪٽرن جو ڪل تعداد 75 هزار آهي.

صحت جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ هڪ غير سرڪاري تنظيم فوئنڪس فائونڊيشن جي سي اِي او ڊاڪٽر نور الزمان رفيق جو خيال هو ته عطائي ڊاڪٽرن جي مٿي ڄاڻايل جنهن تعداد جو حوالو ڏنو ويو آهي ٿي سگھي ٿو ته انهن جو حقيقي تعداد ان کان وڌيڪ هجي. صوبي جي پوئتي پيل ۽ ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ عطائي ڊاڪٽرن جو تعداد اندازي کان وڌيڪ آهي.

ملڪ اندر نيون اسپتالون تعمير ڪرڻ واري معاملي متعلق ڳالهائيندي ڊاڪٽر نور الزمان جو چوڻ هو ته اهڙي قسم جي هڪ رٿا اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ به شروع ڪئي وئي هئي جنهن تحت ملڪ اندر بيسڪ هيلٿ يونٽس جو ڄار وڇايو ويو. کيس ياد ٿو اچي ته پنجاب جي شور ڪوٽ واري علائقي ۾ انتهائي ويجهڙائيءَ تي واقع ٻن يونين ڪائونسلن ۾ ٻه بي ايڇ يوز قائم ڪيا ويا. انهيءَ قسم جون سهولتون ان ڪري بي فائده بڻيل رهيون آهيون ڇو ته ڊاڪٽر انهن علائقن ۾ ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ راضي ئي نه ٿا ٿين.

ماهرن جو چوڻ آهي ته حڪومت رٿا تحت جيڪي اسپتالون قائم ڪرڻ چاهي ٿي اهي آسانيءَ سان تعمير ٿي وينديون پر ڏورانهن علائقن ۾ قائم ٿيندڙ اهي اسپتالون ڪيئن هلايون وينديون اهو انتهائي اهيمت وارو سوال آهي ۽ حڪومت وٽ ان سوال جو ڪو به جواب نه آهي. ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ علاج جا ڪيترائي مرڪز ويران پيل آهن ۽ اتي ڊاڪٽر توڙي پيراميڊيڪل عملو ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

صحت جي مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ڏورانهن علائقن ۾ اسپتالن ۽ علاج جي سهولتن جي سخت اڻاٺ آهي. اهڙن علائقن ۾ 46 نيون اسپتالون تعمير ڪرڻ جي رٿ انهيءَ خيال سان رٿي وئي آهي ته اتان جي ماڻهن کي به اهڙيون سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن.

جڏهن کانئس اها پڇا ڪئي وئي ته ڇا صحت جي شعبي سان لاڳاپيل سرڪاري ملازم انهن علائقن ۾ وڃڻ ۽ نوڪري ڪرڻ لاءِ راضي آهن ته ان جي جواب ۾ سائره افضل تارڙ جو چوڻ هيو ته نيون اسپتالون سرڪار پاران نجي شعبي جي تعاون سان هلايون وينديون. انهيءَ مقصد خاطر هڪ ڪمپني اڳواٽ قائم ڪئي وئي آهي حڪومت انهيءَ ڳالهي جي ضمانت ڏيندي ته اها رٿابندي ڪنهن به ريت مايوسيءَ جي ور نه چڙهي ۽ ڪاميابي حاصل ڪري وٺي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here