لاهور (دردانه نجم وٽان) ڪوئيٽا ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي اڪثر متاثرن جي راءِ آهي ته جيڪڏهن صحت جون موذون سهولتون ميسر هجن ها ۽ زخمين کي ترت طبي امداد ڏني وڃي ها ته ان صورت ۾ جاني نقصان گھڻو گھٽ ٿي پوي ها. ياد رهي ته ڪوئيٽا جي سول اسپتال ٻاهران ٿيل بم ڌماڪي ۾ وڪيلن سميت 70 ڄڻا مارجي ويا هئا. اهڙي جاني نقصان سبب بلوچستان ۾ وڪيل برادري پنهنجي سموري مک قيادت کان محروم ٿي وئي آهي.

انهيءَ بم ڌماڪي سبب ڊاڪٽر عبدالمالڪ کان سندس پٽ دائود ڪاسي هميشهه لاءِ وڇڙي چڪو آهي. دائود ڪاسي بلوچستان بار ڪائونسل جو صدر پڻ رهي چڪو آهي. بم ڌماڪي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ هڪ ٻئي وڪيل بلال ڪاسيءَ کي هٿياربندن پاران قتل ڪرڻ سبب هو پنهنجي برادريءَ سان يڪجهتيءَ جي اظهار خاطر سول اسپتال ڪوئيٽا پهتو هيو.

ڊاڪٽر عبدالمالڪ ٻڌايو ته سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ مناسب جڳهه ۽ سهولتون نه هجڻ جي ڪري هن پنهنجي پٽ کي فوري طور ڪمبائينڊ ملٽري هاسپيٽل (سي ايم ايڇ) پهچايو پر سي ايم ايڇ ۾ به اها حالت هئي جو هڪڙن زخمين کي نظرانداز ڪري ٻين جي پرگھور لڌي پئي وئي.

بم ڌماڪي سبب متاثر ٿيل هڪ زخميءَ عطاءُ الله لانگو، جيڪو علاج خاطر ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ داخل آهي، نيوز لينز پاڪستان سان ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته، ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي پرگھور مناسب انداز سان نه لڌي وئي. عطاءُ الله لانگو واضح لفظن ۾ چيو ته ڌماڪي جا زخمي ان جي ڪري زندگي وڃائي ويٺا ڇو ته کين بروقت طبي امداد مهيا نه ڪئي وئي. هن اهو پڻ ٻڌايو ته بم ڌماڪي جا 84 زخمي ڪراچيءَ ۾ علاج ڪرائڻ تي مجبور آهن.

عطاءُ الله لانگو جو چوڻ هو ته سول اسپتال ڪوئيٽا ۽ سي ايم ايڇ، ٻنهي اسپتالن ۾ ضروري نوعيت جي شين جي کوٽ به آهي ۽ ٻنهي اسپتالن اندر ايڏي وڏي جاني نقصان واري حادثي يا صورتحال کي منهن ڏيڻ بابت ڪا تياري به ٿيل نه آهي.

ياد رهي ته ڪوئيٽا جي مُنو جان روڊ تي بلوچستان بار ڪائونسل جو صدر بلال ڪاسي آفيس وڃڻ لاءِ جيئن ئي پنهنجي گھر کان ٻاهر نڪتو ته تاڙ ۾ ويٺل نامعلوم هٿياربندن اوچتو حملو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. اهڙي واقعي بعد سندس مڙهه جنهن وقت سول اسپتال ڪوئيٽا آندو ويو ته ڏک جو اظهار ڪرڻ خاطر ڪوئيٽا جا وڪيل وڏي تعداد ۾ اسپتال ٻاهران گڏ ٿيڻ لڳا.

اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ٻاهران گڏ ٿيل ماڻهن جي ميڙ ۾ وڪيلن کان علاوه سول سوسائٽيءَ ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ڪارڪن به موجود هئا، انهيءَ موقعي تي هڪ آپگهاتي بمبار جنهن کي 8 ڪلو بارود سان ڀريل جيڪٽ پاتل هئي تنهن ايمرجنسي وارڊ ٻاهران اهو حملو ڪيو.

سول اسپتال ڪوئيٽا جي سينئر ڊاڪٽر شهلا سيميءَ ٻڌايو ته ڌماڪو ايترو ته زوردار هيو جو ان جي نتيجي ۾ سرجري روم جي سمورين درين جا شيشا ڀورا ڀورا ٿي ويا ۽ هر ڪنهن کي اسپتال جي سمورن حصن ۾ مٽي ۽ دز اڏامندي نظر پئي آئي.

ٽيليفون وسيلي نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر شهلا چيو ته، ڌماڪي ٿيڻ بعد اسپتال جو لڳ ڀڳ سمورو عملو واقعي واري هنڌ وٽان ڀڄي ويو. کيس اتي ڪو به ڊاڪٽر يا پيراميڊيڪل عملي جو ڪو هڪ ماڻهو به نظر نه پئي آيو جنهن ڪري کيس اڪيلي سِرِ زخمين کي ابتدائي طبي امداد ڏيڻي پئي.

ڊاڪٽر شهلا اهو پڻ ٻڌايو ته اهي وڪيل جيڪي زخمي نه ٿيا هئا انهن زخمين کي سرجيڪل وارڊ ۾ منتقل ڪرڻ ۾ سندس گھڻي مدد ڪئي. انهيءَ هوندي به هو اهو چوڻ کان نه ڪيٻائيندي ته اڪثر زخمي صرف ان جي ڪري زندگي وڃائي ويٺا ڇو ته کين بروقت درست قسم جي طبي امداد نه ملي سگھي.

هن انهيءَ ڳالهه جي وضاحت ڪندي ٻڌايو ته، جيئن ته وڪيلن کي اها ڄاڻ نه هئي ته زخمين کي ڪهڙيءَ ريت هڪ کان ٻئي هنڌ پهچائجي. ڪيترائي زخمي ته صرف ان جي ڪري فوت ٿيا ڇو ته جنهن وقت کين وارڊ ۾ منتقل ڪيو پئي ويو ته سندن مٿو هيڏانهن هوڏانهن لمندو پئي رهيو يا زمين ڏانهن لڙڪندو پئي رهيو. واقعي کي 40 منٽ گذري وڃڻ کانپوءِ ايڌي سروس جي ايمبولينس پهتي جنهن وسيلي زخمين کي منتقل ڪرڻ جو باقي ڪم ڪيو ويو.

تفصيلي ڳالهه ٻولهه دوران ڊاڪٽر شهلا سيميءَ سواليه انداز سان اها ڳالهه به چئي ته سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ 5 ايمبولينسون آهن. واقعي واري هنڌ تي موجود ايمبولينس ڊرائيورن ٻڌايو ته اسپتال جون ايمبولينسون زخمين کي ٻين اسپتالن ۾ منتقل ڪرڻ وارو ڪم ڪري رهيون هيون. ان هوندي به هو اڃان تائين اهو سمجهي ناهي سگھي ته جيڪڏهن ايمبولينسون اسپتال کان ٻاهر ويل هيون ته پوءِ ڊرائيور اسپتال اندر ڇا ڪري رهيا هئا؟.

ايراضيءَ جي اعتبار کان پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو بلوچستان، گذريل 40 سالن کان خراب حالتن جو شڪار رهندو پيو اچي. صوبي ۾ ننڍي درجي وارين هٿياربند نوعيت جي مزاحمتن کي منهن ڏيڻ لاءِ 5 فوجي آپريشن ٿي چڪا آهن. ڪوئيٽا ۾ آباد اقليتي شيعا آبادي، هزاره برادريءَ مٿان 1400 ٽارگيٽيڊ حملن جا واقعا به ٿي چڪا آهن.

هٿياربند مزاحمت واري رخ کان علاوه، بلوچستان ملڪ جو سڀ کان غريب ۽ گھڻو نظرانداز ٿيل صوبو آهي. هر مرڪزي حڪومت بلوچستان پيڪيج جو اعلان ڪندي واعدو ڪندي آهي ته هن پرڳڻي مان غربت جو خاتمو آندو ويندو، پر اهڙي ڪنهن به پيڪيج يا واعدي جا مثبت نتيجا هن مهل تائين حاصل ٿي ناهن سگھيا. مالي سال 2014-15 دوران بلوچستان کي ترقياتي رٿائن خاطر 15 ارب روپيا ڏنا ويا. بلوچستان جي صوبائي حڪومت پاران اهي مالي وسيلا استعمال نه ڪرڻ جو نتيجو اهو نڪتو ته اهي پيسا واپس وفاق ڏانهن هليا ويا.

بلوچستان جي صحت واري کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري عبدالرئوف، نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته، فنڊن جي کوٽ سبب سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ ٽراما سينٽر ۾ ضروري اوزار لڳائڻ وارو ڪم اڃان تائين اڌ ۾ لٽڪيل آهي. جڏهن ته هن ڊاڪٽر شهلا سيميءَ جي ان راءِ سان سهمت ٿيڻ کان انڪار ڪيو، جنهن ۾ هن چيو هو ته ڌماڪي کانپوءِ 40 منٽن تائين ڪو به ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل عملو واقعي واري هنڌ موجود نه هيو. عبدالرئوف چيو ته کيس جيئن ئي بم ڌماڪي جي خبر ملي ته هو فوري طور تي اسپتال پهتو هيو.

انهيءَ بم ڌماڪي جي ذميواري تحريڪ طالبان پاڪستان جي هڪ ڌڙي ”جميعت الاحرار“ پاران قبول ڪئي وئي. جڏهن ته سيڪيورٽيءَ سان لاڳاپيل ڪنهن به اداري پاران انهيءَ واقعي جي پسمنظر ۾ ڪوتاهي ڪرڻ جي ذميواري تسليم ناهي ڪئي وئي.

ڊاڪٽر عبدالمالڪ جنهن جو هڪ پٽ ۽ خاندان جا 6 ٻيا ڀاتي بم ڌماڪي جي ورِ چڙهي حياتي وڃائي ويٺا، ان جو چوڻ هو ته هڪ ٻئي مٿان الزام هڻڻ بجاءِ اسانجي اڳواڻن کي گھرجي ته اهي هڪ هنڌ گڏجي ويهن ۽ هڪ اهڙي قومي پاليسي جوڙين جنهن وسيلي هن قسم جي صورتحال کي منهن ڏئي سگھجي. هو صرف اها دعا ڪري سگھي ٿو ته سندن ماڻهو جيڪي قربانيون ڏئي رهيا آهن انهن کي ڏسندي ڪن لاٽار واري گهري ننڊ ۾ ستل هيءَ قوم بس سجاڳ ٿي پوي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here