ڪوئيٽا: بلوچستان ۾ صحت جي شعبي سان واسطو رکندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته، هڪ اهڙي صوبي جتان جي 70 سيڪڙو آباديءَ کي سهولتن جي اڻاٺ هجڻ سبب علاج جا بهتر موقعا ميسر نه هجن، ان صوبي جي شهر ڪوئيٽا جي اسپتالن ۾ جيترن مريضن جو علاج ڪيو پيو وڃي انهن مان 40 سيڪڙو افغانستان مان ڪَهي اچن ٿا.

ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي صدر ڊاڪٽر حفيظ مندوخيل ٻڌايو ته ٽن ڏهاڪن تائين ويڙهه واري صورتحال رهڻ سبب افغانستان ۾ صحت جو شعبو انتهائي ڪمزور ٿي چڪو آهي ۽ اتي سهولتن جي اڻاٺ سبب ڪوئيٽا افغاني مريضن جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي ۽ گذريل ڪيتري وقت کان هتان علاج ڪرائڻ تي هِريل افغاني ڪوئيٽا مان علاج ڪرائڻ کي ئي ترجيح ڏين ٿا.

ڊاڪٽر مندوخيل جو چوڻ هو ته، هڪ اندازي موجب 85 لک انسانن جي آباديءَ واري صوبي بلوچستان ۾ صحت جي اڻپورين سهولتن سبب 70 سيڪڙو مقامي ماڻهن کي علاج جي بهتر موقعن تائين پهچ ئي نه آهي يا هو اهڙن موقعن کان محروم رهجي وڃن ٿا. ايران ۽ افغانستان جي سرحدن ويجهو ڏکڻ اولهائين حصي ۾ واقع بلوچستان صوبي جي گاديءَ واري ۽ آباديءَ جي حساب سان سڀ کان وڏي شهر ڪوئيٽا تائين پهچ حاصل ڪرڻ انهن افغاني مريضن لاءِ آسان بڻجي پوي ٿي، جيڪي هتان علاج ڪرائڻ چاهين ٿا.

گڏيل قومن جي پناهه گيرن بابت هاءِ ڪميشن (يو اين ايڇ سي آر) جي ميڊيا بابت فوڪل پرسن دونيا اسلم خان مطابق، بلوچستان 3 لک 30 هزار افغان پناهه گيرن جو گھر پڻ آهي، هڪ اندازي موجب پاڪستان ۾ اڃان تائين ترسيل 15 لک افغاني پناهه گيرن جي ڪل تعداد جي تناسب سان اها شرح 20 سيڪڙو ٿئي ٿئي.

ڊاڪٽر حفيظ مندوخيل راءِ ڏيندي چيو ته افغاني مريضن پاران علاج ڪرائڻ سبب ئي هتان جي علاج واري نظام تي بار وڌي ويو آهي. علاج خاطر ڪوئيٽا پهتل افعانستان جي قنڌار واري علائقي جي رهواسي بشير ٻڌايو ته افغانستان ۾ علاج جي سهولتن جي اڻاٺ ۽ افغاني عوام جو اتان جي ڊاڪٽرن ۽ صحت جي سهولتن تي اعتماد نه هجڻ جي ڪري هو ڪوئيٽا مان ئي علاج کي ترجيح ڏين ٿا.

بشير اهو پڻ چيو ته افعانستان ۾ جيئن ته سٺا ۽ مستند ڊاڪٽر ئي نه آهن ان ڪري ئي بهتر علاج ڪرائڻ خاطر کين هتي اچڻو پوي ٿو ۽ پاڪستاني ڊاڪٽرن تي کين مڪمل ڀروسو هجي ٿو. علاج خاطر ايندڙ افعانين کي پاڪستان جون اختياريون پهريان سولائيءَ سان سرحد ٽپي اچڻ جي اجازت ڏينديون هيون پر هاڻي ان حوالي سان ڪيتريون ئي پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن. جن مريضن وٽ قانوني دستاويز پورا ناهن هوندا انهن کي هاڻي هيڏانهن اچڻ نه ٿو ڏنو وڃي.

هن جو چوڻ هو ته، ٻنهي ملڪن جي حڪومتن کي سرحد جي ٻنهي طرفن ڏانهن اچ وڃ ۽ ويزا وٺڻ واري عمل کي سولو بنائڻ گھرجي ڇو ته پاڪستان جي سرحدن ۾ اچڻ متعلق سختيون وڌي وڃڻ ڪري تمام گھڻن مريضن کي بارڊر تان مايوس ٿي واپس وڃڻو ٿو پوي. افغانين لاءِ ڀارت مان علاج ڪرائڻ جو رستو به کليل آهي پر بشير جو چوڻ هو ته ڀارت مان علاج ڪرائڻ تي ايندڙ خرچ ٿورا ماڻهو ئي برداشت ڪري سگھن ٿا، ڇو ته پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ڀارت ڏانهن سفر ڪرڻ جو خرچ ئي چئوڻ تي وڌيڪ آهي، جڏهن ته ڀارتي اسپتالن ۾ ٿيندڙ علاج به گھڻو مهانگو آهي.

سول اسپتال ڪوئيٽا جي هڪ وارڊ ۾ داخل مقامي مريض اقبال شاهواڻيءَ ٻڌايو ته مقامي مريضن جي ڀيٽ ۾ افغاني مريضن جو تعداد وڌيڪ آهي ۽ انهن کي علاج جون سهولتون به برابريءَ جي بنياد تي مهيا ڪيون وڃن ٿيون. اقبال شاهواڻيءَ مطالبي وارو انداز اختيار ڪندي چيو ته، حڪومت کي گھرجي ته مقامي ماڻهن کي علاج جون وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪري ڇو ته صوبي جي صحت واري شعبي لاءِ جيڪا رقم رکي وڃي ٿي اها مقامي ماڻهن کان اوڳاڙيل ٽيڪس جي بنياد تي ڏني وڃي ٿي.

اقبال شاهواڻيءَ اهو پڻ چيو ته افغاني، صوبائي حڪومت کي ڪو به ٽيڪس ادا نه ٿا ڪن پر کين صحت جون اهي ئي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٿيون جهڙيون مقامي ماڻهن کي ملي رهيون آهن. اها ڳالهه ڪنهن ريت به مناسب نه آهي ته صوبي جا مقامي رهواسي علاج جي سهولتن کان محروم رهجي وڃن ۽ حڪومت انهن جي حصي جون سهولتون افغانين کي مهيا ڪندي هجي.

اقبال شاهواڻيءَ چيو ته، صوبي ۾ مستند ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي جڏهن ته سول اسپتال ۽ بولان ميڊيڪل ڪاليج ئي علاج جا ٻه معياري ادارا آهن جتي قابل عملو علاج جون سهولتون مهيا ڪري ٿو، پر الميو ته اهو به آهي جو انهن ٻنهي اسپتالن ۾ مريضن کي دوائون مهيا نه ٿيون ڪيون وڃن ۽ غريب مريضن تي اهڙو ته دٻاءُ وڌو وڃي ٿو جو اهي خانگي اسپتالن ۾ وڃي علاج ڪرائڻ تي مجبور ٿيندا رهن ٿا.

هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته، کيس افغانين پاران هتي اچي علاج ڪرائڻ تي ڪو به اعتراض نه آهي پر علاج جون سهولتون اڻپوريون هجڻ ڪري اهي بلوچستان جي صحت وارين سهولتن تي وڌيو بار بڻجي پيا آهن. هنن جي ڪري مقامي مريض علاج ڪرائڻ واري پنهنجي حق کان محروم ٿيڻ لڳا آهن. وفاقي حڪومت کي گھرجي ته اها افغاني مريضن جي سهولت خاطر ڌار مالي وسيلا مهيا ڪري.

بلوچستان جي صحت واري سيڪريٽري ڊاڪٽر عمر بلوچ نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اسانجي ملڪ، قانوني انداز سان افغان پناهه گيرن کي قبول ڪندي کين هتي رهڻ خاطر پناهه ڏني. اها اسانجي قومي پاليسي هئي ۽ اهڙو ڪوئي ضرورتمند علاج خاطر جيڪڏهن اسپتالن ۾ اچي ٿو ته اسان انساني همدرديءَ تحت هن جي مدد ڪنداسين ۽ سندس علاج ڪرڻ کان انڪار ڪري نه ٿا سگھئون. جيڪڏهن ڪوئي اها دعويٰ ڪري ٿو ته ڪوئيٽا جي سرڪاري اسپتالن ۾ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ افغاني مريض علاج ڪرائين ٿا ته هو اهڙي دعويٰ کي رد نه ٿو ڪري سگھي.

ڊاڪٽر عمر بلوچ وڌيڪ چيو ته، انهيءَ حقيقت باوجود ته افغاني مريض صوبي جي علاج وارين محدود سهولتن مٿان بار وڌائڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن، ان هوندي صوبي جو صحت وارو کاتو انهن عالمي معاهدن تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي جن مطابق اسان پناهه گيرن کي علاج جون سهولتون ميسر ڪرڻ کان انڪار ڪري نه ٿا سگھئون. ڊاڪٽر عمر بلوچ ٻڌايو ته، افغانين لاءِ ڌار بجيٽ ناهي ڏني ويندي. حڪومت صرف ۽ صرف مقامي ماڻهن جي آباديءَ جي تناسب سان صحت لاءِ مالي وسيلا فراهم ڪندي آهي ۽ افعانين کي به انهيءَ بجيٽ مان ئي علاج جون سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون.

ڊاڪٽر عمر بلوچ جو چوڻ هيو ته کيس اهو اختيار حاصل نه آهي ته هو عالمي برادريءَ کي اهڙي اپيل ڪري ته اها افغانين کي علاج جون سهولتون مهيا ڪرڻ خاطر پنهنجو ڪردار ادا ڪري، پر اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن وٽن 50 مريضن جي علاج جي سهولت موجود آهي ته کين علاج وري 150 مريضن جو ڪرڻو پوي ٿو.

هوڏانهن ڊاڪٽر حفيظ مندوخيل پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته افغان پناهه گير عالمي معاهدن مطابق بلوچستان ۾ اچي آباد ٿيا. ان ڪري عالمي سطح جي تنظيمن کي گھرجي ته اهي افغاني مريضن جي مدد ڪن ۽ کين صحت جون سهولتون مهيا ڪن. ڊاڪٽر حفيظ جو چوڻ هو ته، پناهه گيرن لاءِ عالمي امدادي ادارن جي ڪا به اسپتال موجود نه هجڻ جي ڪري ئي افغاني وڏي تعداد ۾ سرڪاري اسپتالن مان علاج ڪرائڻ کي ترجيح ڏين ٿا. هن اهو پڻ چيو ته، ٻيون عالمي تنظيمون افغان پناهه گيرن جي مدد لاءِ ڪي خاص قدم نه پيون کڻن اهو صرف يو اين ايڇ سي آر جو پناهه گيرن جي ڪري متاثر ٿيندڙ ۽ ميزبان علائقن لاءِ شروع ڪيل پروگرام ئي آهي، جنهن تحت سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ ڪڊني سينٽر قائم ڪيو ويو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here