پشاور ۾ بند پيل عبادتگاهون نه کلڻ سبب هندو مايوس

0
925

پشاور: پشاور جي هندو برادريءَ جو چوڻ آهي ته ٽي تاريخي مندر گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان بند پيل آهن ۽ عبادت خاطر انهن کي کولرائڻ لاءِ هنن جيڪي به ڪوششون ڪيون آهن اهي سرڪاري اختيارين جي عدم دلچسپيءَ سبب بي نتيجا ثابت ٿينديون رهيون آهن.

پشاور جي هندو برادريءَ سان تعلق رکندڙ وشال ٻڌايو آهي ته ”اهي مندر صرف عبادت واريون جڳهون ئي نه آهن پر هندو برداريءَ لاءِ سندن ابن ڏاڏن جي شاندار ماضيءَ جي عڪاسي ڪندڙ تاريخي اثاثو پڻ آهن“. هن دعويٰ ڪندي چيو ته اهي مندر سندن وڏڙن صديون اڳ تعمير ڪيا هئا.

بند پيل مندرن مان هڪ ڇانوڻيءَ واري علائقي جي ”گورا بازار“ ۽ ٻيو ”ڇوٽي لال ڪُڙتي“ ۾ واقع آهي جڏهن ته ٽيون مندر پراڻي شهر واري حصي جي ”ڇيڪا گليءَ“ ۾ موجود آهي.

هندن ۽ سکن جي عبادت وارا اهي مندر وفاقي اداري اويڪيو پراپرٽي ٽرسٽ بورڊ (EPTB) (جنهن کي متروڪه وقف ملڪيت وارو بورڊ به چيو ويندو آهي) جي سار سنڀال هيٺ ڏنل آهن پر ان اداري وٽ به انهن مندرن جو تاريخي رڪارڊ موجود نه آهي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد پاڪستان ڇڏي ڀارت ڏانهن لڏي ويل سک ۽ هندو جيڪي تعليمي، خيراتي ۽ مذهبي جايون هتي ڇڏي ويا، اويڪيو ٽرسٽ انهن هنڌن جي سار سنڀال ڪندو آهي.

متروڪه وقف املاڪ بورڊ جي ڊپٽي سيڪريٽري فراز عباس انهن مندرن جي بند هجڻ واري معاملي تي اهو چئي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته ”اسان اهڙن سنجيده مسئلن بابت ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ان ڪري ناهيون ڪندا ڇو ته ٿي سگھي ٿو ميڊيا ۾ اسانجي ڳالهين کي ”غلط انداز“ سان پيش ڪيو وڃي ۽ ان جي نتيجي ۾ اسانجي لاءِ مسئلا پيدا ٿي پون“.

متروڪه وقف املاڪ بورڊ لاءِ مسواڙ جي وصولي ڪندڙ محمد عابد نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته انهن ٽن مندرن مان هڪ سرڪاري اداري کي ليز تي ڏنو ويو آهي. هن اهو پڻ ٻڌايو آهي ته اهڙيون جايون (جيڪي مختلف سرڪاري ادارن کي مسواڙ تي ڏنل آهن) اويڪيو بورڊ لاءِ آمدنيءَ جو وڏو وسيلو آهن. پشاور جي لال ڪڙتيءَ ۾ واقع ٻيو مندر هندن ۽ سکن وچ ۾ هلندڙ مالڪيءَ واري تڪرار سبب بند آهي جڏهن ته ٽيون مندر اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي اعليٰ عملدارن جي عدم دلچسپيءَ سبب بند رهندو پيو اچي.

اويڪيو ٽرسٽ بورڊ سان واسطو رکندڙ هڪ عملدار ميڊيا سان ڳالهائڻ جي اجازت نه هجڻ سبب پنهنجو نالو راز ۾ رکندي نيوز لينز پاڪستان کي ڄاڻ ڏني آهي ته اسانجو ادارو ئي غير فعال بڻيل آهي. هن جو چوڻ هو ته اداري جي ڪيترن ئي آفيسرن کي هڪ کان وڌيڪ ذميواريون مليل آهن سندن هڪڙي ذميواري پشاور ۾ آهي ته کين ٻي ذميواري اسلام آباد ۾ مليل آهي ان ڪري سندن اڪثر وقت ته هڪ کان ٻئي شهر ڏانهن سفر ۾ گذري وڃي ٿو جنهن جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته سرڪاري وهنوار جو بروقت اڪلاءُ نه ٿو ٿئي.

پشاور جي راجپوت ۽ ٻين هندو برادرين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم ”هندو راجپوت ويلفيئر ورڪنگ ڪاميٽي“ (HRWWC) پاران 20 سيپٽمبر 2016 تي خيبرپختونخواه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ کي خط لکي ڄاڻايل مندر کولڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

انهيءَ تنظيم جي سيڪريٽري جنرل وشال جو چوڻ هو ته ”ڇهه مهينا گذري چڪا آهن پر ان خط متعلق سرڪار پاران ڪا به موٽ ناهي ڏني وئي“.

وشال ٻڌايو ته هندو رسمن ۽ رواجن مطابق هر هڪ هندو برادريءَ وٽ پنهنجو ڌار مندر هوندو آهي ۽ پشاور ۾ هندن جون ٽي برادريون دُرگا پير رٿن ناٿ، شري بالميڪي سڀا ۽ راجپوت رهندڙ آهن. وشال جي ڳالهين مطابق پهرين ٻنهي برادرين وٽ پنهنجا مندر آهن پر صرف راجپوت اها برداري آهي جنهن وٽ پنهنجو مندر نه آهي.

وشال جو چوڻ هو ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي اقليتن سان لاڳاپيل معاملن بابت ڪوآرڊينيٽر روي ڪمار کي خط لکڻ کان اڳ اقليتي معاملن واري اڳوڻي صوبائي وزير سورن سنگھ کي به مندر کولڻ لاءِ 04 اپريل 2016 تي خط اماڻيو ويو هيو. ”هن (رويءَ ڪمار) انهيءَ معاملي کي حل ڪرڻ بابت سهڪار ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي هئي ۽ ايئن ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مندر کولرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن پر روي ڪمار جي خاطريءَ بعد اسانکي گھڻي اميد هئي ته حڪومت مندر کولرائي ڏيندي“.

هن اهو پڻ ٻڌايو ته اسان جڏهن سردار سورن سنگهه کي خط لکيو هيو ته ان خط لکڻ کان ٻه هفتا پوءِ سردار سورن سنگھ جي قتل وارو واقعو پيش آيو ۽ معاملي تي اڳڀرائي به ان کانپوءِ رڪجي وئي. واضح رهي ته سردار سورن کي 22 اپريل 2016 واري ڏهاڙي مبينه طور تي سندس سياسي مخالف بلديو ڪمار پاران نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو. سورن سنگھ جي قتل بعد صوبائي حڪومت پاران اقليتي معاملن بابت اڃان تائين ڪو وزير مقرر ناهي ڪيو ويو.

مختلف مذهبن جي پوئلڳي ڪندڙ پشاور جي اقليتي برادرين جي راءِ آهي ته سردار سورن سنگھ سندن حقن خاطر سگھاري انداز سان آواز اٿاريندو هيو. اقليتي برادرين جو چوڻ آهي ته سردار سورن سنگھ جهڙو ڪو به متحرڪ ماڻهو نه هجڻ جي ڪري هاڻي هتان جون اقليتون مڪمل طور تي نظرانداز ٿيل آهن. اهو به چيو ويو آهي ته اهو سردار سورن سنگھ ئي هيو جنهن جي ڪوششن جي نتيجي ۾ گذريل سال اندروني پشاور ۾ واقع گردوارا بِيبا سنگھ عام عبادت لاءِ کوليو ويو.

هن معاملي تي راءِ حاصل ڪرڻ خاطر خيبرپختونخواه جي وڏي وزير جي ڪوآرڊينيٽر روي ڪمار ۽ اويڪيو پراپرٽي ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين صديق الفاروق سان رابطي جون ڪوششون ڪيون ويون پر هو رابطي ۾ اچي نه سگھيا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here