پشاور:  ديوانيءَ نالي هڪ عورتاڻي خواجه سَرا پُراڻي پشاور واري حصي ۾ڪچري جي هڪ وڏي ڍير ڀرسان رهندي هئي. ڪچري جي انهيءَ ڍير ڀرسان هوءَ مڇردانين سان ڍڪيل هڪ پراڻي پلنگ مٿان پٺن اگھاڙي حالت ۾ مفلسانه انداز سان لاچار پيل نظر ايندي هئي. ڪچرو اڇليندڙ ماڻهن هن جي پلنگ واري جڳهه کي ئي خالي ڇڏيو هيو باقي چئني طرفن کان گند جا ڍير جمع ٿيل رهندا هئا.

ڪنهن کي به اها ڄاڻ نه هئي ته هوءَ شديد بيمار هئي ۽ کيس ترت طبي علاج جي سخت ضرورت هئي. ماڻهن پاران هن سان لاتعلقيءَ وارو رويو رکڻ خاطر ايترو ئي ڪافي هيو ته ديواني خواجه سرا آهي. سندس برادريءَ جي ساٿين پاران به کيس ان وقت گھر نيڪالي ڏني وئي جڏهن کين پتو ته ديواني ايڇ آءِ وي/ايڊز جي بيماريءَ ۾ ورتل آهي.

Deewani (Transgender) under treatment at HIV Centre, Hayatabad Medical Complex : Photo by News Lens Pakistan.
Deewani (Transgender) under treatment at HIV Centre, Hayatabad Medical Complex : Photo by News Lens Pakistan.

ميڊيا پاران ديوانيءَ متعلق هڪ رپورٽ شايع ٿيڻ کانپوءِ انساني حقن جي ڪارڪنن کي هن متعلق ڄاڻ ملي، جن کيس حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس جي ايڇ آءِ وي/ايڊز جي علاج واري سينٽر ۾ داخل ڪرايو جتي هڪ هفتي کانپوءِ هوءَ ٽي بيءَ ۽ ايڊز وگھي فوت ٿي وئي.

حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس جي ترجمان توحيد ذوالفقار نيوز لينز پاڪستان کي ڄاڻ ڏني آهي ته جنهن ڏينهن ديواني فوت ٿي انهيءَ ڏينهن ئي سندس پيٿالاجي رپورٽون آيون جن مان ظاهر پئي ٿيو ته هن کي ايڇ آءِ وي/ايڊز مڪمل طور تي وچڙي چڪي هئي ۽ سندس ٽي بيءَ جي بيماري به شدت اختيار ڪري چڪي هئي.

پنهنجي موت کان اڳ ديوانيءَ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو هيو ته، جنهن ڪوارٽر ۾ هوءَ پنهنجي برادريءَ جي ٻين ڀاتين سان گڏجي رهندي هئي سندس برادريءَ هن جي اتي رهڻ تي پابندي وجهي ڇڏي ڇاڪاڻ ته کين اهو خوف ٿي رهيو هيو ته هُن جي بيماري کين به وچڙي ويندي.

ديوانيءَ جي موت سان خواجه سرا برادريءَ ۾ ايڇ آءِ وي/ايڊز جي مسلسل ڦهلاءَ متعلق هڪ نئون بحث ڇڙي پيو آهي. ٽرانس ايڪشن الائنس آف خيبرپختونخواه جي ايڊوائيزري بورڊ جي ميمبر قمر نسيم جيڪو خواجه سرائن جي حقن لاءِ جاکوڙ ۾ رڌل آهي، جو چوڻ هو ته صوبي ۾ آباد خواجه سرائن جي 50 سيڪڙو آبادي ايڇ آءِ وي/ايڊز جي بيماريءَ جو شڪار ٿي چڪي آهي.

ديوانيءَ جي ڪيس جو حوالو ڏيندي هن چيو ته، غربت ۽ وسيلن کان محروميءَ جي ڪري خواجه سرائن کي جسم فروشيءَ واري ڪِرت جاري رکڻي پوي ٿي ايتري حد تائين جو ايڇ آءِ وي/ايڊز جي بيماري ٿيڻ بعد به کين اهو ڪم 30 روپين عيوض ڪرڻو ئي پوي ٿو. قمر نسيم جو چوڻ هو ته حڪومت جيڪڏهن ماڻهن کي خواجه سرائن سان جنسي ميلاپ ڪرڻ کان نه روڪيو ته پوءِ خيبرپختونخواه ۾ هيءَ بيماري وبائي شڪل اختيار ڪري وٺندي.

هن جو چوڻ هو ته، حڪومت کي گھرجي ته خواجه سرا برادريءَ ۾ ايڇ آءِ وي/ايڊز جي موجودگيءَ بابت اسڪريننگ سروي ڪرائي ته جيئن سندن علاج ڪرائي سگھجي. کدڙا ايڇ آءِ وي/ايڊز جون ٽيسٽون ڪرائڻ کان ڪيٻائيندا آهن ڇو ته کين اهو خدشو رهندو آهي ته بيماري هجڻ واري پڪ ٿيڻ کانپوءِ سندن برادري کانئن لاتعلقي اختيار ڪري وٺندي ۽ هو ديوانيءَ جيان لاچار ۽ اڪيلا ٿي پوندا.

قمر نسيم اها نشاندهي پڻ ڪئي آهي ته کدڙن سان جنسي ميلاپ ڪرڻ وقت مرد گھڻي ڀاڱي ڪنڊوم استعمال ناهن ڪندا اهو ئي سبب آهي ته ايڇ آءِ وي/ايڊز خطرناڪ حد تائين مسلسل ڦهلجي رهي آهي.

نيوز لينز پاڪستان، ڊائريڪٽوريٽ آف مانيٽرنگ اينڊ اويليوئيشن جي جيڪا هڪ رپورٽ هٿ ڪئي آهي ان مطابق، خيبرپختونخواه جي صوبائي حڪومت پاران ايڇ آءِ وي/ايڊز پروگرام جو دائرو وسيع ڪيو ويو آهي. رپورٽ مطابق ايڇ آءِ وي/ايڊز جي بيماري صوبي جي 27.2 سيڪڙو اهڙن ماڻهن کي لڳي چڪي آهي جيڪي سِرنج وسيلي منشيات واپرائڻ جي عادت جو شڪار آهن، 5.2 سيڪڙو خواجه سرا جيڪي جسم فروشي ڪن ٿا جڏهن ته جسم فروشيءَ جي ڌنڌي سان لاڳاپيل 0.85 عورتون به انهيءَ بيماريءَ ۾ مبتلا آهن.

رپورٽ مان پتو پيو آهي ته، انهيءَ بيماريءَ جي ڦهلجڻ جو هڪ وڏو سبب اهو آهي ته ماڻهو سِرنج وسيلي منشيات واپرائن ٿا ۽ ان بعد کدڙن سان جنسي ميلاپ ڪن ٿا. انهيءَ رپورٽ مطابق، پشاور ضلعي ۾ سِرنج وسيلي منشيات واپرائيندڙ اهڙن موالين جو انگ 18 سو جي لڳ ڀڳ آهي جن ۾ ايڇ آءِ وي/ايڊز جي موجودگيءَ جي شرح 20 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي.

پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي جرنل ۾ ”ايڇ آءِ وي/ايڊز جي روڪٿام ۽ جنسي لاڳاپن وسيلي کدڙن ۾ ڦهلجندڙ بيماريون“ جي عنوان سان شايع ٿيل هڪ تحقيقي اڀياس مان اها ڳالهه پڌري ٿي آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ 84 سيڪڙو کدڙا پنهنجي هڪ ئي گراهڪ سان هڪ هفتي دوران گھٽ ۾ گھٽ چار دفعا جنسي ميلاپ ڪندا آهن.

انهيءَ اڀياس تحت ان راز تان به پردو کنيو ويو آهي ته، 94 سيڪڙو کدڙا جنسي ميلاپ وقت ڪنڊوم استعمال ڪرڻ جي اهميت کي محسوس ڪندا آهن جڏهن ته 42 سيڪڙو انهيءَ جي استعمال کي ضروري تصور ناهن ڪندا. انهن مان صرف هڪ سيڪڙو کدڙا پاڻ سان گڏ ڪنڊوم رکندا آهن جڏهن ته 56 سيڪڙو سمجهندا آهن ته اهي جنسي عمل وقت ڪنڊوم هٿ ڪري وٺندا. 68 سيڪڙو کي ايڊز جي بيماريءَ توڙي ڪنڊوم استعمال ڪرڻ سان ان جي نه ڦهلجڻ واري رخ متعلق ڄاڻ هوندي آهي. انهن مان ئي 73 سيڪڙو اينل سيڪس کان انڪار ڪندا آهن ۽ 87 سيڪڙو ساڳي سِرنج استعمال ناهن ڪندا.

انهيءَ اڀياس جي نتيجن مان پڌرو ٿيو آهي ته، جنسي ميلاپ وقت هر دفعي ڪنڊوم استعمال نه ڪرڻ، گھڻ رخي جنسي ميلاپ، پيسن جي ڏيتي ليتيءَ عيوض ٿيندڙ جنسي ميلاپ ۽ ايڊز کان بچاوَ وارن طريقن تي عمل نه ڪرڻ توڙي بيماريءَ متعلق مڪمل ڄاڻ نه هجڻ اهي سبب آهن جن جي ڪري پاڪستان جي کدڙن يا عورتاڻي نوعيت وارن خواجه سرائن ۾ اها بيماري مسلسل ڦهلجي رهي آهي.

قمر نسيم جو چوڻ آهي ته، حڪومت کي انهيءَ بيماريءَ کان بچڻ خاطر خواجه سرا برداريءَ ۾ ڪنڊوم استعمال ڪرڻ جي فائدن متعلق آگاهي مهم هلائڻ گھرجي. هن نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته خواجه سرائن وٽ جسم فروشي ڪرڻ ۽ شادي تقريبن ۾ فن جو مظاهرو ڪري پيسا ڪمائڻ کان علاوه آمدنيءَ جا ڪي به ٻيا وسيلا نه آهن.

پَارو نالي هڪ کدڙو جيڪو ڪپڙن جو بوتيڪ هلائي ۽ شادي تقريبن ۾ ڊانس ڪري پيٽ گذر ڪري ٿو، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت کي گھرجي ته کدڙن خاطر هنري سکيا وارا مرڪز قائم ڪري. جيڪڏهن کدڙن کي روزگار جا ٻيا ذريعا مهيا ڪري ڏنا ويندا ته پوءِ هو جسم فروشيءَ تي مجبور نه ٿيندا.

حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس جي ڊاڪٽر ادريس آفريديءَ ٻڌايو ته ڪامپليڪس اسپتال ۾ هن وقت ايڊز جا 2000 کان وڌيڪ مريض علاج هيٺ آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here