پاڪستان ۾ ڦهلجندڙ ايڇ آءِ وي/ايڊز کي روڪڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ جي ضرورت

0
1306

اسلام آباد: نيشنل ايڊز ڪنٽرول پروگرام پاران ڪرايل سروي وسيلي پتو پيو آهي ته پاڪستان ۾ آباديءَ جي اهم طبقن اندر ايڇ آءِ وي مرض تيزيءَ سان ڦهلجي رهيو آهي. ايڇ آءِ وي مرض ٿيڻ ۽ ان کان بچڻ متعلق معلومات جي گھٽتائيءَ سبب ان مرض جو ڦهلاءُ روڪڻ سڀ کان وڏو مسئلو آهي.

”انٽيگريٽيڊ بائيولاجيڪل اينڊ بهيوريل سرويلنس اِن پاڪستان 2016-17“ جي عنوان سان ايڇ آءِ ويءَ بابت ٻئي مرحلي ۾ ڪيل نگرانيءَ کانپوءِ سامهون آيل نتيجن تي ٻڌل سروي (ان جي ڪاپي خصوصي طور تي نيوز لينز پاڪستان وٽ موجود آهي) ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته پاڪستان جي ڳتيل آباديءَ وارن علائقن اندر صحت جي سهولتن جو معيار بهتر بنائڻ گھرجي.

ڄاڻايل مرض متعلق 2011 ۾ گڏ ڪيل انگن اکرن ۾ قومي سطح جي تازه ترين نگرانيءَ تحت ايڇ آءِ ويءَ جي تيزيءَ سان ڦهلجڻ واري شرح بابت معلومات ۾ به درستگيون ڪيون ويون آهن ۽ ان مطابق ايڇ آءِ ويءَ جي تيزيءَ سان ٿيندڙ ڦهلاوَ کي روڪڻ بابت حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي سفارش به ڪئي وئي آهي، ان سان گڏ ئي انهيءَ ضرورت تي به زور ڀريو ويو آهي ته مرض متعلق پنجين نگرانيءَ وارو عمل پڻ شروع ڪرڻ گھرجي.

ٺوس معلومات جي گھرج واري معاملي تي توجهه ڏيڻ خاطر يو اين ايڊز اينڊ گلوبل فنڊ (ايڊز بابت گڏيل قومن جي اداري) پاران ملڪ جي 23 شهرن ۾ قومي سطح جي هڪ تحقيقي جاچ جو بندوبست ڪيو ويو ته جيئن مرض جي موجودگيءَ ۽ خطري هيٺ رهندڙ ماڻهن جي وهنوار ۽ رويي جي پرک ڪري سگھجي.

ڄاڻايل رپورٽ آباديءَ جي چئن مخصوص طبقن ۾ ايڇ آءِ وي مرض جو شڪار ٿيڻ متعلق انسانن جي حياتياتي ۽ اٿڻي ويهڻيءَ وارن رخن متعلق معلومات مهيا ڪري رهي آهي؛ جن ۾ اهي ماڻهو جيڪي سُئي وسيلي نشو واپرائن ٿا، اهي مرد جيڪي مردن سان ئي جنسي فعل ڪن ٿا، ٽين جنس وارا ۽ جسم وڪرو ڪرڻ واري ڌنڌي سان لاڳاپيل عورتون شامل آهن. اهي انگ اکر 23 مختلف هنڌن تان ڪٺا ڪيا ويا آهن، جن مان 13 پنجاب، 6 سنڌ ۽ ٻن ٻن هنڌن جو تعلق بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه صوبن سان آهي.

سروي ۾ پهريون ڀيرو پيشه ور مرد سيڪس ورڪرن ۽ جنسي عمل لاءِ مردن کي اوليت ڏيندڙ (پيسن خاطر نه پر مخنثيت وارو رجحان هجڻ جي ڪري) مردن کي شامل ڪيو ويو آهي ۽ اندازو لڳايو ويو آهي ته انهن جو تعداد 07 لک 76 هزار 873 آهي ۽ انهن مان 3.4 سيڪڙو مردن ۾ ايڇ آءِ وي/ايڊز جي بيماري موجود آهي. جڏهن ته پيسن خاطر جسم وڪڻندڙ 55 هزار 340 مردن مان 5.6 سيڪڙو فردن ۾ ايڊز جي بيماري موجود آهي.

اندازي موجب هڪ لک 73 هزار 447 عورت سيڪس ورڪرن مان 2.2 سيڪڙو عورتن کي ايڊز جي بيماري لڳي چڪي آهي. انهيءَ سروي دوران اندازن تحت جن انگن اکرن جي ڪٿ ڪئي وئي آهي انهن وسيلي پتو پئجي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ سُئيءَ وسيلي نشو واپرائيندڙ موالين جو وڌ کان وڌ تعداد هڪ لک 13 هزار 422 آهي جن مان 38 سيڪڙو ايڊز جا مريض آهن.

جڏهن ته خواجه سرائن (ٽين جسن) وارن فردن ۾ ايڊز جي موجودگي سڀ کان گھڻي 7.1 سيڪڙو آهي جن جي آبادي اندازي موجب 52 هزار 425 آهي. اهو سروي 06 سالن کانپوءِ ڪرايو ويو آهي.

نيشنل ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالبصير خان اچڪزئيءَ نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو آهي ته مارچ 2017 تائين پاڪستان ۾ ايڊز جي مريضن جو ڪل تعداد هڪ لک 33 هزار 299 ڪٿيو ويو آهي جن مان صرف 18 هزار 868 مريضن پاڻ کي علاج ۽ صلاح مشورن خاطر رجسٽر ڪرايو آهي.

نيشنل ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي سروي مان پتو پيو آهي ته ايڇ آءِ وي ايڊز جو مرض گھڻي ڀاڱي شهري آبادين اندر ئي ڦهلجڻ لڳو آهي. اندازن جي بنياد تي ڪيل ڪٿ موجب مرض جي ڦهلاوَ جي گھٽ ۾ گھٽ شرح 0.1 سيڪڙو آهي ۽ پاڪستان جي عام ماڻهن ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جي ڦهلاوَ جي شرح گھڻي گھٽ آهي. جڏهن ته مستقل نگرانيءَ وارن نتيجن تي توجهه ڏنو ويندو ته ان جي نتيجي ۾ اها نشاندهي ٿي رهي آهي ته مخصوص آبادين اندر هي مرض پهريان ئي ڦهلجي رهيو آهي.

پاڪستان جي ڪيترن ئي پرڳڻن ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جو مرض انهن موالين اندر ابتدائي طور تي تيزيءَ سان ڦهلجي چڪو آهي جيڪي انجيڪشن وسيلي نشو واپرائن ٿا. اهڙن موالين معرفت اهو مرض ٽين جنس وارن ۽ ٽين جسن سان تعلق رکندڙ جسم فروشن ۾ ڦهلجڻ لڳو آهي جنهن ڪري اهي امڪان موجود آهن ته اهو مرض هاڻي جسم وڪرو ڪندڙ عورتن ۽ هم جنس پرست مرد جوڙن ۾ به ڦهلجڻ لڳندو.

ڊاڪٽر عبدالبصير وڌيڪ چيو ته، جيتوڻيڪ ايڇ آءِ وي ايڊز جي مريضن جي 0.1 سيڪڙو واري شرح گھڻي نه آهي ۽ هڪ حساب سان ان ۾ گھڻو اضافو نه پيو اچي پر ان هوندي به پاڪستان اندر مريضن جي شرح ۾ اضافو نظر اچي رهيو آهي ۽ اهڙا ڪي محرڪ نظر نه اچي رهيا آهن جن جي ڪري مرض جي ڦهلاوَ کي روڪي سگھجي. عام آباديءَ اندر ايڇ آءِ وي جي موثر ۽ منجمند ٿيل موجودگيءَ جي ڪري اهي امڪان موجود آهن ته هي مرض مخصوص آبادين ۾ وڌيڪ به ڦهلجي سگھي ٿو ڇو ته هي ڦهلجڻ وارو مرض ئي آهي ۽ ان جي ڦهلاوَ جا سبب ۽ وسيلا آباديءَ اندر موجود آهن. اهڙا ڪي به محرڪ نظر نه پيا اچن جن آڌار چئي سگھجي ته هن مرض ۾ گھٽتائي اچي رهي آهي يا مرض ٻين مکيه آبادين اندر تيزيءَ سان ڦهلجي رهيو آهي.

تحقيقي سروي ۾ صلاح ڏني وئي آهي ته ”حقداريءَ، پختن ثبوتن توڙي معلومات ۽ مقامي ماڻهن جي مالڪيءَ هيٺ هلندڙ پروگرامن تحت بائيو ميڊيڪل ۽ روين ۾ سڌاري بابت ادارن جي سطح تي منظم مداخلت ٿيڻ گھرجي جنهن تحت موجوده وقتن ۾ ايڇ آءِ وي جي روڪٿام لاءِ کڄندڙ قدمن تحت ابتدائي طور مخصوص فردن ۽ طبقن مٿان ڌيان ڏيڻ گھرجي ته جيئن مرض جي ڦهلاوَ وارن اثرن ۾ گھٽتائي آڻي سگھجي.

تحقيقي سروي ۾ اها تاڪيد به ٿيل آهي ته پاڪستان کي قومي ۽ علائقائي سطح تي ڪارآمد ۽ ٺوس نگراني ۽ ڪٿ ڪرڻ واري نظام کي قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايڊز ڪنٽرول پروگرام جا انگ اکر مرض روڪڻ لاءِ کڄندڙ قدمن جي معيار ۽ ڪارگر هجڻ بابت به مفيد معلومات ڏئي سگھن ٿا.

تحقيقي اڀياس جي آخري جملن ۾ چيل آهي ته ” اسان ڄاڻون ٿا ته جيڪڏهن ايڊز جي بيماريءَ روڪڻ بابت مستقل طور تي اڻپورا ۽ اڌورا قدم کڄندا رهيا ته هڪ وڏي بحران جو خدشو يقيني طور تي موجود رهندو. اسان اهو به ڄاڻون ٿا ته اهڙا قدم ڪهڙي طريقي سان کڻي سگھجن ٿا جن آڌار لکين زندگين ۽ اربين ڊالرن جي وسيلن کي بچائي سگھجي ٿو. اهڙي رٿا وسيلي نتيجا حاصل ڪري سگھڻ جوڳا آهن پر ان لاءِ سماج جي هر سطح تي مضبوط قيادت جي گھرج موجود رهندي“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here