پاڪستان ۾ ڪنوارپ قائم رکڻ واري جڙي ٻوٽيءَ جو وڪرو وڌي ويو

0
3314

پشاور (ثناء اعجاز وٽان) شاديءَ جي رات سفينه بي بيءَ (اصل نالو ناهي) کي سندس چاچيءَ جڙي ٻوٽين مان تيار ٿيل ڪُشتو ڏنو جنهن کي ”ڪُنواريءَ“ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. جڙي ٻوٽين مان تيار ٿيل ان ڪشتي لاءِ دعويٰ ڪئي وڃي ٿي ته اهو شاديءَ کان اڳ ڪنوارپ جي نشاني سمجهئي ويندڙ ”پرده بڪارت“ کي پهتل نقصان جو ازالو ڪرڻ لاءِ مفيد آهي، اهو ڪشتو ئي سفينه جي زندگي بچائي سگهيو پيو.
Kanwariجتي عورتن کي غيرازدواجي جنسي تعلق رکڻ سبب غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويندو هجي، اهڙي ملڪ اندر هڪ ڪنوار پنهنجي زندگي، ڪنوارپ جي نشانين، پنهنجي ٿيڻ واري مڙس ۽ ساهُرن جي عزت 4500 روپين ۾ بچائي سگھي ٿي. جڙي ٻوٽين واري دوا جي قيمت ايتري ئي آهي.

جڙي ٻوٽين مان ٺهندڙ دوا ”ڪُنواري“ وڪرو ڪندڙ ناهيد بيبيءَ ٻڌايو ته ڪو به مرد اهڙي ڇوڪريءَ سان پرڻجڻ ناهي چاهيندو جيڪا ڪنواري نه هجي. سندس جڙي ٻوٽين واري دوا اهڙين ضرورتمند عورتن ۽ ڇوڪرين لاءِ مددگار ٿي پوندي آهي، جن جو ڪنوارپ وارو پردو ڪن سببن جي ڪري ختم ٿي ويو هجي. نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ناهيد بيبيءَ ٻڌايو ته شاديءَ جي رات ئي ڪنوارپ جي آزمائش ٿيندي آهي. اهي ڇوڪريون جيڪي ڪنواريون ناهن هونديون انهن کي طلاق ڏني ويندي آهي يا وري کين قتل ڪيو ويندو آهي. سو انهيءَ حساب سان هوءَ سندن زندگيون بچائڻ جي جستجو ڪري رهي آهي.

سفينه جي چاچيءَ کي خبر هئي ته هوءَ ڪنواري ناهي ڇاڪاڻ ته ڪجهه سال اڳ ڳجهه ڳوهه ۾ هوءَ پهريان به شادي ڪري چڪي هئي اها شادي گھڻو وقت برقرار رهي نه سگھي. هن جو خاندان خواهشمند هيو ته سندس ٻي شادي ٿي وڃي.

سفينه جي چاچيءَ، پنهنجو نالو راز ۾ رکڻ جي شرط تي، نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته سفينه جي پنهنجي گھرڀاتين کي به سندس ڳجهه ۾ ٿيل پهرين شاديءَ جي ڪا ڄاڻ نه آهي ڇو ته هن پاڻ کين اهڙي ڳالهه نه ٻڌائي هئي ۽ اها شادي بنهه ٿورو وقت قائم رهي سگھي.

سفينه جي چاچيءَ وڌيڪ چيو ته توهان کي ته خبر آهي ته جڏهن به هڪ ڇوڪري ڪنوارپ وڃائي ويهندي آهي ته ڪو به ان کي پنهنجو ناهي ڪندو، پوءِ ڀلي اهي والدين ۽ ڀائر ئي ڇو نه هجن. ڇوڪرين کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويندو آهي ۽ اهڙي خوف توڙي سندس مستقبل بابت ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال هجڻ جي ڪري ئي هن فيصلو ڪيو ته هن جي ڪنوارپ بحال ڪرائڻ لاءِ علاج جي ڳولا ڪجي ۽ ان کي آزمائي ڏسجي.

مردن واري اهڙي معاشري ۾ جتي عورت جي ڪنوارپ کي تمام گھڻي اهميت ڏني ويندي هجي، جڙي ٻوٽين جو ڪُشتو عورتن جي ڪنوارپ بحال ڪرڻ لاءِ انتهائي اهم آهي.

سنڌ صوبي جي جيڪب آباد ضلعي ۾ هڪ گھوٽ پاران پنهنجي ڪنوار کي شاديءَ واري رات جو ئي قتل ڪيو ويو ڇو ته کيس اهو شڪ ٿي پيو ته هوءَ ڪنواري ناهي. پاڪستان جي مرداڻي معاشري ۾ عورتن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ عام ڳالهه آهي، اهڙي نوعيت جا واقعا خاص ڪري جاگيرداراڻي پسمنظر ۽ قبائلي اثر وارن ضلعن ۾ ٿين ٿا جتي گھڻو ڪري اهڙن واقعن کي خاموشيءَ سان دٻايو وڃي ٿو يا وري انهن جو ڪيس به داخل نه ٿو ڪرايو وڃي.

گذريل ڪجهه سالن دوران غيرت جي نالي تي عورتن جي قتل وارن واقعن ۾ گھڻو اضافو ٿيو آهي. پاڪستان جي انساني حقن واري ڪميشن (ايڇ آر سي پي) پاران 01 فيبروري 2004 کان 01 فيبروري 2006 تائين جي عرصي دوران ترتيب ڏنل انگن اکرن مان ظاهر ٿيو آهي ته پاڪستان ۾ غيرت جي نالي تي قتل جا 988 واقعا پيش آيا. فيبروري 2014 کان فيبروري 2016 جي عرصي متعلق انساني حقن واري ڪميشن پاران جاري ڪيل انگن اکرن مان واضح ٿئي ٿو ته ان عرصي دوران ساڳي نوعيت جا 1276 واقعا پيش آيا. انهن مان هڪ ڀاڱي ٽي واقعا اهڙا آهن جن جو ڪيس پوليس وٽ داخل نه ڪرايو ويو.

پشاور ۾ وڪالت ڪندڙ هارون شنواريءَ نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتل جي اڪثر واقعن جو ڪيس درج ناهي ڪرايو ويندو ڇاڪاڻ ته مقامي ماڻهو ۽ پئنچائت پسند ناهي ڪندي ته اهڙي قتل جو اطلاع ميڊيا تائين پهچي.

هارون شنواريءَ وڌيڪ چيو ته ان ۾ ڪوئي شڪ نه آهي ته پاڪستان ۾ ڪنوارپ بابت جاچ ڪرڻ ۽ ان جي تصديق ڪرڻ وارو رجحان عام آهي پر ڪنوارپ جي بنياد تي ٿيندڙ واقعا ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ قبائلي نظام جي سختين جي ڪري عدالتن ۽ ميڊيا تائين پهچي نه ٿا سگھن. اهڙن واقعن جي قانوني انداز توڙي جديد فارينسڪ طريقي سان جاچ ڪرڻ به ممڪن نه آهي.

ٻي شاديءَ جي موقعي تي چاچيءَ پاران آڻي ڏنل دوا کي سفينه استعمال ڪيو. سفينه ٻڌايو ته جڙي ٻوٽين مان ٺهيل اها دوا هن پاڻيءَ جي مدد سان واپرائي ۽ سندس مڙس کيس اهو نه چيو آهي ته هوءَ ڪنواري نه آهي.
ڪنوارپ جي نشاني سمجهيو ويندڙ پرده بڪارت جي بحاليءَ لاءِ جڙي ٻوٽيون، پائوڊر ۽ دوائن جو ”آن لائن“وڪرو ڪرڻ واري نوجوان عليءَ ٻڌايو ته هو شرطيه انداز سان چوي ٿو ته اهي دوائون فائديمند آهن. عليءَ جو چوڻ هو ته کيس انهن دوائن جي خريداريءَ لاءِ سڄي ملڪ مان آرڊر ملندا آهن. پرده بڪارت جي بحاليءَ کان علاوه پِستانن ۾ سختي پيدا ڪرڻ ۽ انهن جي سائيز ۾ واڌ واريون دوائون آن لائين خريد ڪري سگھڻ ۽ پاڪستان جي هر هڪ ڪنڊ ۾ پهچائڻ جي سهولت موجود آهي.

herbal product seller: Photo by News lens Pakistan/
herbal product seller: Photo by News lens Pakistan/

فيصل آباد ۾ واقع عليءَ جو دڪان ئي واحد دڪان نه آهي جتان سڄي پاڪستان اندر پرده بڪارت جي بحاليءَ واريون دوائون وڪرو ڪيون ۽ پهچايون وينديون هجن. اهڙين دوائن جي وڪري واريون آن لائين ويب سائيٽون ملڪي توڙي عالمي سطح تي تيزيءَ سان ڦهلجي رهيون آهن. اهڙي قسم جي ئي هڪ ويب سائيٽ ”پرده بڪارت جي بحالي وارو دڪان“ گراهڪن کي دوائون انهن جي استعمال واري طريقي، پرهيز ۽ احتياط جي مڪمل تفصيلن سان اماڻي ڏيڻ وارو ڪم ڪري رهي آهي.

63 سالن جي عورت فتح لال، جيڪا ٽن نوجوان عورتن جي سسُ آهي، نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته شادي ڪرڻ واري جوڙي پاران پهرين رات گڏ گذارڻ کانپوءِ پرده بڪارت کي روايتي انداز سان جاچڻ واري طريقي تحت هن پنهنجي نُنهن جي ڪنوارپ جي تصديق پاڻ ڪئي.

فتح لال ٻڌايو ته اها هڪ عام ڳالهه آهي. اسان گھوٽ ڪنوار جي بستري جي وچ تي وڏو سفيد رومال وڇائي ڇڏيندا آهيون. ٻئي ڏينهن صبح جي پهر ۾ پرده بڪارت جي ڦاٽي پوڻ سبب رومال تي لڳل رت جي نشانن جو خاندان جي هڪ جهوني عورت ۽ ڪنوار جي سَسُ گڏجي جائزو وٺنديون آهن. جيڪڏهن ڪنوارپ جي تصديق ٿي ويندي آهي ته اها جهوني عورت ڪنوار جي سسُ کي مبارڪباد ڏيندي آهي.

جنسي ميلاپ کان علاوه، عورت جو پرده بڪارت ماهواريءَ جي رت جا نشان صاف ڪرڻ وقت بي احتياطي ڪرڻ، عورتاڻي عضوي ۾ آڱر سان خارش ڪرڻ يا ان اندر پاڻمرادي ڇيڙڇاڙ ڪرڻ توڙي سخت راندين جن ۾ هاءِ جمپ ۽ لانگ جمپ شامل آهن، توڙي جمناسٽڪ جي نتيجي ۾ به متاثر ٿي سگھي ٿو.

حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس پشاور جي گائناڪالاجي يونٽ نمبر سيءَ جي انچارج ڊاڪٽر نعيمه عثمان جو چوڻ هو ته ڪجهه ڇوڪرين ۾ پيدائشي طور تي ئي پرده بڪارت جي جَهلي انتهائي معمولي هوندي آهي جنهن ڪري ايئن لڳندو آهي ته اها جهَلي ڄڻ پنهنجي جاءِ تي آهي ئي ڪو نه. ڊاڪٽر نعيمه جو چوڻ هو ته، پرده بڪارت جي بحاليءَ خاطر جڙي ٻوٽين جا ڪشتا ۽ ٻيون دوائون واپرائڻ جي نتيجي ۾ جسم اندر زخم ٿي سگھن ٿا يا وزن به وڌي سگھي ٿو.

نيوز لينز سان تفصيلي ويچار ونڊيندي ڊاڪٽر نعيمه اهو پڻ ٻڌايو ته عام طور تي غيرشادي شده ڇوڪريون ئي جعلي ڪنوارپ حاصل ڪرڻ لاءِ مدد طلب ڪنديون آهن. زنانين بيمارين جي ڊاڪٽر هجڻ جي ناتي هوءَ کين هائمينوپلاسٽي ڪرائڻ جي صلاح ڏيندي آهي، ڪنوارپ جي بحاليءَ لاءِ اهو ميڊيڪل علاج وارو طريقو آهي جيڪو ڊاڪٽر ۽ پلاسٽڪ سرجري ڪرڻ وارا ڪندا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here