پشاور: خيبرپختونخواه صوبي ۾ هر ٻئي ڏينهن هڪ عورت کي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو. پاڪستان ۾ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سماجي تنظيم، عورت فائونڊيشن پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق، سال 2017 جي شروعاتي ڏيڍ مهيني دوران صوبي جي مختلف علائقن ۾ غيرت جي نالي تي قتل جا 20 واقعا ٿي چڪا آهن.

27 سالن جي حنا شاهنواز اها پهرين عورت آهي جنهن کي غيرت جي نالي تي 2017 جي شروع ۾ قتل ڪيو ويو. حنا کي سندس سوٽ پاران 06 فيبروري 2017 واري ڏهاڙي ڪوهاٽ ضلعي جي ”اُسترزئي پايانِ“ واري علائقي ۾ گھر اندر گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. اُسترزئي پوليس ٿاڻي ۾ داخل ٿيل ابتدائي معلوماتي رپورٽ (ايف آءِ آر) مطابق حنا جي سوٽ محبوب عالم خان انهيءَ جي ڪري پريشانيءَ ۾ ورتل هيو ڇو ته حنا هڪ سماجي تنظيم (اين جي او) ۾ نوڪري ڪرڻ لڳي هئي. حنا جي اهڙي نوڪري ڪرڻ کي محبوب عالم پنهنجي خاندان لاءِ بدناميءَ جو سبب سمجهي ورتو هيو.

حنا پشاور يونيورسٽيءَ مان سوشل سائنسز ۾ ايم فل جي ڊگري حاصل ڪئي هئي. پنهنجي خاندان جي سهائتا خاطر هن کي ڪوهاٽ ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ هڪ سماجي تنظيم ۾ نوڪري ڪرڻي پئي. حنا پنهنجي گھر ڀاتين جي ڪفالت ڪندڙ واحد سهاور هئي ڇو ته سندس پيءُ شاهنواز هن جي قتل کان ڪجهه وقت اڳ ئي ڪينسر جي مرض سبب فوت ٿي چڪو هيو ۽ سندس وڏو ڀاءُ ڳوٺ ۾ ٿيل هڪ جهيڙي دوران مارجي چڪو هيو. حنا پنهنجي وڏي ڀيڻ ۽ ان جي ٻن ٻارن جي ڪفالت پڻ ڪندي هئي ڇو ته سندس ڀيڻويو جيڪو سعودي عرب ۾ پورهيو ڪندو هيو اهو به دل جي بيماري سبب فوت ٿي چڪو هيو.

هڪ ٻي ڇوڪري، 26 سالن جي صادقين کي خيبرپختونخواه صوبي جي شانگلا ضلعي ۾ 09 فيبروريءَ واري ڏهاڙي مبينه طور تي سندس ڀاءُ خالد خان گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ اخبارن انهيءَ واقعي بابت جيڪي خبرون شايع ڪيون انهن ۾ شڪ ظاهر ڪيو ويو ته ڇوڪريءَ کي مبينه طور تي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 10 فيبروريءَ واري ڏهاڙي نوشهره ڪلان ۾ پوليس پاران هڪ عورت جو لاش هٿ ڪيو ويو جنهن کي پڻ مبينه طور تي ڪاري هجڻ جي بنياد تي قتل ڪيو ويو.

سوات ضلعي ۾ ٿيل ڪارو ڪاريءَ جي 09 ڪيسن مان گھڻن واقعن جي ايف آءِ آر لاڳاپيل پوليس ٿاڻن ۾ داخل ناهي ڪرائي وئي جڏهن ته انهن بابت مقامي اخبارن ۾ خبرون شايع ٿيون آهن.

سماجي ڪارڪن تيمور ڪامل نيوز لينز کي ڄاڻ ڏني ته ”غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتل جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو اچي رهيو آهي جڏهن ته عورتن خلاف ٿيندڙ تشدد وارن واقعن متعلق حڪومت جو ڪردار خاموش رهڻ وارو آهي“.

هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پيءَ) پاران مهيا ڪيل انگن اکرن مطابق جنوري 2011 کان جنوري 2017 تائين پاڪستان جي مختلف علائقن مان غيرت جي نالي تي 4 هزار 398 واقعا ٿيڻ جا اطلاع مليا. انهن مان 390 واقعا خيبرپختونخواه صوبي جي مختلف علائقن ۾ ٿيا، جڏهن ته سڀ کان گھڻا 71 واقعا پشاور شهر ۾ ٿيا. اهڙن واقعن جي حساب سان مردان ضلعو ٻئي نمبر تي رهيو جتي غيرت جي نالي تي قتل جا 55 واقعا ٿيا. صوبي اندر غيرت جي نالي تي ٿيل انهن واقعن جي نتيجي ۾ 345 عورتن ۽ 45 مردن کي قتل ڪيو ويو.

عورتن خلاف ٿيندڙ ڏوهه يا تشدد  جي واقعن بابت عورت فائونڊيشن پاران 2016 ۾ جاري ڪيل رپورٽ ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته ”گذريل سال دوران عورتن مٿان تشدد جا مجموعي طور تي 7 هزار 852 واقعا درج ٿيا“. انهيءَ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سال 2016 جي 09 مهينن دوران خيبرپختونخواه صوبي ۾ عورتن خلاف تشدد جا 287 واقعا ٿيا ۽ سڀ کان گھڻا 102 واقعا صوبائي گاديءَ واري شهر پشاور مان رپورٽ ٿيا. عورتن مٿان تشدد جي جن ٽن مکيه ڏوهن جون شڪايتون سامهون آيون انهن ۾ جنسي ڏاڍائي، اغوا ۽ قتل جا ڏوهه شامل آهن.

عورت فائونڊيشن سان لاڳاپيل سرگرم ڪارڪن صائمه منير جو چوڻ هو ته ”سال 2015 جي ڀيٽ ۾ 2016 دوران خيبرپختونخواه صوبي ۾ غيرت جي نالي تي قتل جي واقعن ۾ 70 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. جڏهن ته فاٽا جي قبائلي علائقن ۽ خيبرپختونخواه جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ ٿيل واقعن کي مٿي ڄاڻايل انگن اکرن ۾ شامل ناهي ڪيو ويو ڇو ته انهن علائقن ۾ غيرت جي نالي تي جيترا به واقعا ٿيندا آهن انهن متعلق معلومات کي لڪايو ۽ دٻايو ويندو آهي ۽ خاندانن وچ ۾ ڳالهيون ڪري انهن واقعن کي آپگهات جو نالو ڏئي لئي مٽي ڪيو ويندو آهي“.

خيبرپختونخواه صوبي جي سوشل ويلفيئر کاتي ۽ وومن ڪميشن پاران ”وومن پروٽيڪشن بل“ جي مسودي کي ترتيب ڏنو ويو جيڪو مارچ 2016 ۾ صوبائي اسيمبليءَ اندر پيش ڪيو ويو. بعد ۾ اهو بل ملڪ اندر ٿيندڙ قانونسازيءَ کي اسلامي ۽ شرعي اصولن پٽاندڙ بنائڻ لاءِ قائم آئيني اداري اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڏانهن اماڻيو ويو ۽ اپريل 2016 ۾ انهيءَ اداري پاران ڄاڻايل بل کي رد ڪرڻ جي سفارش ڪندي واضح ڪيو ويو ته انهيءَ بل جون اڪثر شقون غير اسلامي آهن.

خيبرپختونخواه صوبي ۽ فاٽا ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري سماجي تنظيم ”خواندو ڪور“ جوچوڻ آهي ته ”تعليم جي کوٽ، سماج اندر مرداڻي غلبي جي موجودگي ۽ قانونسازن پاران پنهنجو ڪردار ادا نه ڪرڻ سبب ئي غيرت جي نالي تي قتل ٿي رهيا آهن“.

خواندو ڪور جي فوڪل پرسن ناظره سيد جو چوڻ هو ته ”هڪ سطح تي اهو سماج ۽ ٻي سطح تي قانون جي عدم موجودگي يا قانونن تي درست عمل نه ٿيڻ جو ئي نتيجو آهي ته عورتن کي قتل ڪيو وڃي ٿو. سجاڳي ۽ تعليم جي کوٽ جي ڪري پشتون معاشري جا مرد انتهائي قدامت پرست آهن. اهي عورت کي پنهنجي ملڪيت تصور ڪن ٿا ۽ مرداڻي غلبي واري معاشري ۾ عورتون به مردن تي ئي ڀاڙينديون رهن ٿيون. ان جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته هڪ ڇوڪري پنهنجي پيءُ يا ڀاءُ جي اجازت کانسواءِ تعليم پرائڻ خاطر اسڪول يا علاج لاءِ اسپتال به نه ٿي وڃي سگھي“.

ناظره سيد جي راءِ آهي ته ”غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتل جي اڪثر واقعن ۾ ملزم کي گرفتار ئي ناهي ڪيو ويندو يا کيس معاملو عدالت کان ٻاهر جرڳي وسيلي حل ڪرڻ کان ستت پوءِ ئي آزاد ڪيو ويندو آهي ڇو ته ٻنهي ڌرين جي خاندانن جو رويو ضمير مطابق ناهي هوندو“.

پشاور هاءِ ڪورٽ جي سينئر وڪيل خوشنود بيگم ٻڌايو ته ”غيرت جي نالي ٿيندڙ قتل جي اڪثر ڪيسن کي عدالت کان ٻاهر اڪلايو ويندو آهي“. هن چيو ته ”غيرت تحت قتل ڪندڙ اڪثر جوابدارن کي پوليس قلم 302 تحت گرفتار ڪندي آهي ۽ انهن قلمن تحت رپورٽ درج ڪرائڻ واري شخص کي اهو اختيار حاصل رهندو آهي ته اهو ڏوهه جو الزام واپس وٺي يا خون معاف ڪري ڇڏي. قتل کان ڪجهه وقت پوءِ ئي ٻنهي ڌرين جا خاندان گڏيل رضامنديءَ سان فيصلو ڪري وٺندا آهن ۽ جوابدار آزاد ٿي ويندو آهي“.

خوشنود بيگم وڌيڪ معلومات ڏيندي ٻڌايو ته ”اهڙن ڪيسن ۾ (جن ۾ ملزم اڪثر ڪري آزاد ٿي ويندو آهي) مرد جي جان آجي ٿي ويندي آهي پر عورت کي (خاندان لاءِ بدناميءَ جو سبب بڻجڻ ڪري) ڏوهي تصور ڪيو ويندو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ خاندان جا ڀاتي عورت کي قتل ڪري وجهندا آهن ۽ انهيءَ موت کي آپگهات جو رنگ ڏنو ويندو آهي“.

عورت سماجي ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته، جيتوڻيڪ خيبرپختونخواه صوبي ۾ عورتن جي مرتبي ۾ بهتري آڻڻ خاطر هڪ صوبائي ڪميشن (پراونشل ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومن) جڙيل آهي ۽ نيلم طُرو ان جي چيئرپرسن آهي. اها ڪميشن عورتن مٿان تشدد جي خاتمي لاءِ ڪم به ڪري رهي آهي پر انهيءَ ڪميشن کي هن مهل تائين ڪا وڏي ڪاميابي حاصل ٿي ناهي سگھي ڇو ته عورتن جي قتل ۽ مٿن ٿيندڙ تشدد جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي.

نيلم طُرو جو چوڻ هو ته ”حنا واري ڪيس ۾ پوليس پاران قاتل کي گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس سزا پڻ ٻڌائي وئي پر جيئن ته ٻنهي ڌرين جي خاندانن پاران معاملو عدالت کان ٻاهر حل ڪرڻ واري رستي کي اختيار ڪيو ويو ان ڪري قاتل سزا ڀوڳڻ کان بچي ويو. اهو ئي سبب آهي ته سماج ۾ غيرت جي نالي تي قتل بغير ڪنهن پريشانيءَ يا ڊپ جي ڪيو وڃي ٿو. اسان انهيءَ معاملي کي انتهائي سنجيدگيءَ سان ڏسي رهيا آهيون ۽ تمام جلد انهيءَ معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ قانون آندو ويندو“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here