پشاور (سلمان يوسفزئي) ٻه هفتا اڳ پشاور ۾ قائم علاج جي سڀ کان وڏي مرڪز اندر جڏهن رت ڳاڙيندڙ عليشا کي آندو ويو ته سفيد لباس پهريل پيراميڊيڪل عملي ۽ ڊاڪٽرن پاران، جيڪي هونئن ته هنگامي صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ تيزي ڏيکاريندا رهندا آهن، انهن آخري پساهه کڻندڙ عليشا جو علاج ڪرڻ بجاءِ کيس هڪ ڪنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو ۽ اهو فيصلو ڪري نه سگھيا ته پهريان سندس علاج ڪيو وڃي يا سندس جنس جو تعين ڪيو وڃي.

طب جي شعبي سان تعلق رکندڙ شهر جي تجربيڪار دماغن اندر ايئن ته انساني جسم جي ڊيگهه توڙي ويڪر ۽ وزن بابت ڄاڻ جا ڪيئي ڪتاب حفظ ٿيل آهن پر عليشا جي صنفي سڃاڻپ جي ڪٿ ڪرڻ جو ڪو ڏانءُ وٽن موجود نه هيو. اوچتو ئي اوچتو سندن ڪتاب کين جيڪو اصطلاح سمجهائڻ کان لاچار ٿي پيا اها هئي ٽين جنس، اهي روح آهن يا فرد، يا سندن ڪتان کين اهڙي سڃاڻپ واري هڪ وجود جي زندگي بچائڻ تي به آماده ڪري نه سگھيا، جيڪا ڪنڊ ۾ پئي پئي مري رهي هئي.

ٽين جنس واري عليشا کي گولين جي 6 زخمن سميت جهڙيءَ ريت پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال آندو ويو، ان اسپتال جي هنگامي حالتن ۾ ڪم ڪرڻ واري عملي کي اهڙي مونجهاري جو شڪار ڪري ڇڏيو ڄڻ وٽن هن جي علاج جي ڪا سهولت ئي موجود نه هئي، هو اهو طئي نه پئي ڪري سگھيا ته هن کي عورتن جي وارڊ ۾ داخل ڪن يا مردن جي وارڊ ۾ بسترو مهيا ڪن.

هڪ اهڙي صنف جيڪا، مردن جي بالادستيءَ واري مرداڻي معاشري اندر ٻيا موقعا ميسر نه هجڻ ڪري زندگي گذارڻ خاطر خيرات پنڻ، خوشين جي موقعن تي نچڻ يا جنسي لاڳاپا رکڻ جهڙا نيچ ڪم ڪرڻ تي مجبور بڻائي وئي هجي، ستم ظريفي ته ڏسو انهن گھڙين جن ۾ عليشا پنهنجي حياتيءَ جا آخري پساهه کڻي رهي هئي، انهن ئي گھڙين دوران کيس وي آءِ پي رتبو ڏيڻ موزون سمجهيو پئي ويو.

جيستائين اهو فيصلو حتمي صورت اختيار ڪري وٺي ها ته هن کي ڪهڙي وارڊ ۾ ۽ ڪهڙو بسترو ڏنو وڃي، ان وقت تائين ڊاڪٽرن کي اهو ڪرڻ گھرجي ها ته کيس اسپتال ۾ اهم شخصيتن لاءِ مخصوص ڪيل حصي ۾ هڪ ڪمرو ڏيڻ گھرجي ها، پر اهڙو انتظام به هن جي زندگي بچائي نه سگھيو. ان کان پهريان جو هو ڪوئي فيصلو ڪري سگھن، عليشا، هڪ اهڙي ملڪ اندر جتي مريض به پسند نه ٿا ڪن ته ٽين جنس وارو هڪ فرد عورتن يا مردن جي وارڊ اندر سندن ڀرواري بستري تي پنهنجي حياتيءَ جون آخري گهڙيون گذاري، اهڙي ماحول ۾ عليشا پنهنجا آخري ساهه کنيا ۽ پنهنجي صنف جو هڪ گمنام شهيد بڻجي ويو.

عليشا جنهن وقت پنهنجي مرد دوست ”ماره“ جي ٻانهن ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو ته هن جي عمر 19 سال هئي، سندس ان دوست ئي کيس آچر جي رات پشاور جي فقيرآباد واري علائقي ۾ گوليون هنيون هيون.

ٽين جنس سان تعلق رکندڙ فردن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم ”بليو وِينز“ جي ڪوآرڊينيٽر قمر نسيم نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته خيبرپختونخواه صوبي ۾ جنوري 2015 کان وٺي هيستائين ٽين جنس جي 45 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو آهي.

قمر نسيم ٻڌايو ته توڙي جو پوليس کان مدد حاصل ڪرڻ واريون ڪوششون ڪيترائي ڀيرا ڪيون ويون آهن، پر ٽين جنس وارن سان جنسي تشدد جا جيترا واقعا ٿيندا رهيا آهن انهن جو ڪنهن به نوٽيس ئي ناهي ورتو، کين جسماني تحفظ ۽ حفاظت ڏيڻ خاطر بنهه معمولي قدم کنيا ويا.

ٽين جنس وارن جي برادريءَ ۾ عليشا جي مقبوليت چٽي نموني نظر اچي رهي هئي ۽ اها حقيقت ان ڳالهه مان به پروڙي سگھجي ٿي ته هن جي موت جو اطلاع ملڻ بعد هن جا ڪيترائي گھڻ گهُرا اسپتال ۾ گڏ ٿي ويا. حد ته اها هئي جو، اسپتال جي عملي جي جن ماڻهن عليشا جو علاج ڪيو پئي، انهن به پاڻ کي هڪ ڪمري اندر محدود پئي رکيو ته جيئن هو پنهنجو پاڻ کي ماڻهن جي طنزيه جملن کان بچائي سگھن. هو ماڻهن جو ميڙو گڏ ٿيڻ سبب خوف ۽ پريشانيءَ جو شڪار ٿي ويا هئا.

نِينگر سوسائٽي رسرچ اينڊ ڊولپمينٽ انسٽيٽيوٽ پاران پاڪستان ۾ عام شهري آباديءَ جي ”هوموفوبيا“ (هم جنس پرستيءَ ۽ هم جنس پرست ماڻهن لاءِ انتهائي غيرمعقول نفرت) ۽ ”ٽرانس فوبيا“ (ٽين جنس سان تعلق رکندڙن سان روا رکي ويندڙ نفرت) واري حقيقي سوچ کي ڄاڻڻ لاءِ الڳ الڳ پر پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو رکندڙ اڀياس ”انسائيٽ رسرچ ڪنسلٽنٽس“ جي مدد سان ڪرايا ويا، انهن اڀياس بابت رپورٽ مئي 2016 ۾ پڌري ڪئي وئي.

نِينگر سوسائٽي جي ڊائريڪٽر محمد فلڪ ملتان کان ٽيليفون وسيلي نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته اهڙي تحقيق ڪرڻ جو مقصد اهو هيو ته پاڪستان اندر هم جنس پرستيءَ ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن توڙي ٽين جنس وارن سان جنهن سطح تي حقارت ڪئي وڃي ٿي ان جي ڪٿ ڪري ڏسجي. اهڙي قسم جي روين سبب مختلف سرڪاري توڙي نجي ادارن ۾ عوام جي سهولت لاءِ ڪم ڪندڙ ماهرن جي پيشه ورانه صلاحيتن ۽ سندن ڪم ۾ رڪاوٽون پون ٿيون. اسپتالن، ڪاليجن، سماجي ڀلائيءَ ۽ ملازمتن واري صنعت اندر ان قسم جا رويا موجود هجن ٿا ۽ سموري آبادي پنهنجا پنهنجا حق برابريءَ تحت نه پئي ماڻي سگھي.

پنهنجي برادريءَ اندر عليشا جي مقبوليت کي ان حقيقت سان به جوڙي سگھجي ٿو ته هو خيبرپختونخواه صوبي ۾ ٽين جنس وارن جي اتحاد جي ڪوآرڊينيٽر پڻ هئي ۽ ننڍڙي وهيءَ ۾ ئي هن پنهنجي برادريءَ جي حقن لاءِ آواز اٿاريو پئي. سماجي ماهرن جي چوڻ موجب ٽين جنس سان تعلق رکندڙ انتهائي غربت ۾ زندگي گذارن ٿا، سٺا ڪم ڪرڻ لاءِ گھربل قابليت تي پورو لهڻ خاطر هنن کي موقعا ميسر نه ٿا ٿين، ڇو ته سماج کين اهڙن ڪمن لاءِ غيرموذون ۽ ناپسند ڪري ٿو، والدين کين قبول نه ٿا ڪن، اسڪولن اندر استاد سندن تذليل ۽ ساٿي شاگرد کين مارڪٽ ڪن ٿا ۽ ڪم ڪار وارن هنڌن يا مارڪيٽن اندر هو ڪا به ملازمت ڪرڻ لاءِ ان ڪري اهل نه ٿا هجن ڇو ته سماجي ڌِڪار سبب هو ڪي هنر سکي نه ٿا سگھن.

پشاور جي سرگرم سماجي ڪار ڪن تيمور ڪمال جو چوڻ هو ته، پشاور ۾ رهندڙ ٽين جنس وارن کي سماج توڙي مٽن مائٽن پاران ساڳي رويي تحت موقعا مهيا ناهن ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته کين تعليم، صحت جي سهولتن ۽ عوامي سطح تي اڳڀرو ٿيڻ جي سلسلي ۾ بندشن سان ڀريل رسائي ڏني وڃي ٿي. سماج هنن سان جهڙي طريقي جو ورتاءُ ڪري ٿو ان جي ڪري سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ هنن پاران سرگرميءَ سان بهرو وٺي سگھڻ واري عمل کي تقويت نٿي ملي. سياست ۽ فيصلا سازيءَ وارا شعبا سندن پهچ کان ٻاهر آهن ۽ ٽين جسن وارن کي شهرين جي بنيادي حقن متعلق ڄاڻ تمام گھٽ ميسر هوندي آهي کين اها به خبر نه هوندي آهي ته هو اهي حق ڪيئن حاصل ڪري سگھن ٿا.

تيمور ڪمال اهو پڻ ٻڌايو ته، اهڙيون عورتون جيڪي عورت سان لاڳا رکڻ چاهينديون آهن (لزبين)، هم جنس پرست مرد، مذڪر توڙي مونث لاءِ هڪجهڙي جنسي خواهش وارن (باءِ سيڪسوئل)، ٽين جنس وارن (ٽرانس جينڊر) ۽ ٻٽي جنسي سڃاڻپ رکڻ وارن (ايل جي بي ٽي آءِ) وارن ماڻهن کي ان وقت تشدد ۽ ظلم توڙي ستم جو منهن ڏسڻو پئجي ويندو آهي جڏهن سندن اهڙي رجحان جي خبر ٻين کي پوندي آهي.
خيبرپختونخواه ۾ ڪيترا ئي هم جنس پرست ۽ لزبين عورتون آهن پر سماجي ڌِڪار سبب مٿي ڄاڻايل جنسي رجحانن کي پسند ڪرڻ وارا ماڻهو پنهنجي اهڙي سڃاڻپ کي انتهائي ڳجهو رکندا آهن ۽ ٻٽي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيل آهن.

پاڪستان ۾ رائج ٻنهي قسم جي، بيٺڪيت واري زماني جي انگريزي توڙي ان کانپوءِ وارن اسلامي قانونن وسيلي ساڳي جنس جي فرد سان جنسي ميل ٿيڻ جي منع ٿيل ۽ هم جنس پرستيءَ بابت سزائون پڻ مقرر ٿيل آهن. جڏهن ته اها پڻ هڪ حقيقيت آهي ته قانون کان وڌيڪ، مختلف جنسي رجحان رکندڙ ليزبين، گي، باءِ سيڪسيوئل، ٽرانس جينڊر ۽ انٽرسيڪسيوئل فردن کي، سماجي خطرا پيش رهندا آهن. کين پوليس وسيلي بليڪ ميل ڪرڻ، جنسي ۽ سماجي طور حراسان ڪرڻ ۽ جيل ۾ قيد ڪرڻ وارين سزائن جو خطرو سدائين رهندو آهي.

2009 ۾ سپريم ڪورٽ پاران هڪ فيصلو جاري ڪندي حڪومت کي حڪم ڏنو ويو ته ٽين جنس وارن سان امتيازي سلوڪ جي خاتمي ۽ کين حراسان ڪرڻ واري صورتحال جي خاتمي لاءِ تڪڙا قدم کڻي. 2011 ۾ عدالت پاران ٽين جنس وارن کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو ويو ۽ کين ڪمپيوٽرائيزڊ قومي شناخت ڪارڊ جاري ڪرڻ جي اجازت ڏيندي سندن سڃاڻپ ”شي ميل“ طور رجسٽر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.

قمر نسيم موجب، ٻين ماڻهن کان مختلف جنسي رجحان رکڻ وارن ” ايل جي بي ٽي آءِ“ فردن جي حقن جي سطح ٻين پاڪستانين کي ميسر حقن جهڙي نه آهي. انهن کي مستقل طور تي حراسان، امتيازي سلوڪ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته کين، ٻين کان مختلف هجڻ جي ڪري، تشدد جو به نشانو بڻايو وڃي ٿو. اهڙي شناخت وارا ماڻهو عام طور تي پنڻ، تفريح مهيا ڪرڻ ۽ جسم فروشيءَ وارن ڪمتر نوعيت جي ڌنڌن سان واڳيل هجن ٿا. اهڙو ڪو به رستو موجود نه آهي جنهن تحت ايل جي بي ٽي آءِ جو رجحان رکڻ وارن جي لاءِ آواز اٿاري سگھجي ڇو ته سماج ۾ کين قبوليت ئي نه ٿي ڏني وڃي. مذهب ۾ به ساڳي صنف يا جنس جي ماڻهن سان لاڳاپا رکڻ جي منع ٿيل آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ٻار وتڻ ۾ ايل جي بي ٽي آءِ فردن کي خصوصي ڌيان گھربل هوندو آهي ڇو ته سندن فطرت ۽ رويو ئي کين ٻين کان الڳ ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ٻين جي ڀيٽ ۾ هو اڪيلائيءِ جو شڪار ٿي ويندا آهن. خيبرپختونخواه صوبي، جتي زندگي سخت قبائلي رواجن ۽ مذهبي عقيدن تحت گذاري وڃي ٿي اتي جنسي رجحان ۽ صنفي سڃاڻپ هڪ حساس معاملو آهي. ان سلسلي ۾ ضرورت آهي ته اهڙن معاملن تي وڏي واڪ ڳالهائڻ گھرجي ڇو ته ماڻهن جون حياتيون ۽ حق داوَ تي لڳل آهن.

روايتي طور تي، ڏکڻ ايشيا جي پسمنظر ۾ ٽين جنس وارن لاءِ ”خواجه سرا“ جو اصطلاح استعمال ڪيو ويندو آهي. اهو اصطلاح ٽين جنس سان تعلق رکندڙ انهن سڀني فردن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي جن جو رجحان ۽ ڪم هڪٻئي کان مختلف هوندو آهي. انهن ۾ اهي مرد، جيڪي زنانا ڪپڙا پائيندا ۽ زنانا ڪم ڪندا آهن، يا اهي فرد جن کي زنانا توڙي مرداڻا ٻئي عضوا هوندا آهن يا مخنث به شامل آهن. ٽين جنس وارن اهڙن فردن جون پاڙون تاريخ سان جڙيل آهن جن کي هندوستان جي مغل ۽ ترڪيءَ جي عثماني خلافت جي ڏينهن ۾ بادشاهن پاران پنهنجي مختلف ڪمن جي نگراني، شهزادن ۽ شهزادين کي فن ۽ ادب توڙي آداب سيکارڻ ۽ شاهي حرم اندر نياپا کڻي وڃڻ ۽ آڻڻ وارن ڪمن خاطر مقرر ڪيو ويندو هيو.

اهڙين بادشاهتن جي زوال بعد، ٽين جنس وارا خواجه سرا جيڪي ڪن زمانن ۾ شاهي حرم ۽ درٻار اندر وڏي وقار ۽ دٻدٻي سان گھمندا هئا تن جو درجو گھٽجھي ويو ۽ اهي پنڻ لڳا يا جسم فروشيءَ تي مجبور ٿي پيا. شاهي محلاتن جي عزت لائق خدمتگارن مان ڦري هو سماجي نفرت توڙي ظلم ۽ ستم جا نشان بنجي بيٺا. شاهوڪاريءَ کان غربت طرف سندن زوال جي ڪهاڻي اداس ڪري ڇڏي ٿي ۽ هاڻي هو سماج جي رحم ڪرم تي هلندي هڪ نظر نه ايندڙ ڪراهت جهڙي زندگي گذاري رهيا آهن.

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.