پشاور (سلمان يوسفزئيءَ وٽان) بلوچستان جي شهر چمن کان وٺي خيبرپختونخواه جي سوات تائين هڪ آرامده ۽ وڏي گاڏي آسانيءَ خريد ڪري پنهنجي استعمال ۾ رکڻ لاءِ توهان کي بس ايتري تڪليف ڪرڻي پوندي ته افغانستان سان لڳندڙ بارڊر جي ويجهو وڃو ۽ گاڏي ڪاهي اچو.
قانون مطابق توهان کي اها اجازت نه آهي ته اسمگل ٿيل گاڏي، جنهن کي مقامي ماڻهو ”نان ڪسٽم پيڊ“ يا اين سي پي چوندا آهن، اها افغانستان جي حدن مان خريد ڪرڻ بعد ان کي بارڊر جي پار ڪاهي پاڪستان ۾ آڻيو ۽ ان کي پنهنجي استعمال ۾ رکي سگھو، سواءِ ان جي ته توهان وٽ جهجهو ناڻو هجي جنهن جي مدد سان توهان ڪنهن به غيرقانوني شئي کي قانوني شڪل ڏياري وٺو يا وري توهان جو اثرورسوخ اهڙو هجي جهڙو پوليس کاتي سان لاڳاپيل آفيسرن جو هوندو آهي.
قانون جي لتاڙ جو ان کان وڌيڪ چٽو ٻيو ڪهڙو مثال ٿي سگھي ٿو ته خيبرپختونخواه پوليس جا 8 ڊي ايس پي، 4 ايس پي، 6 ايس ايڇ اوز ۽ اي ايس آئي اهڙيون لگزري گاڏيون استعمال ڪري رهيا آهن جيڪي 2015 ۾ پوليس پاران ئي ضبط ڪيون ويون هيون. اهڙيون گاڏيون تحويل ۾ وٺڻ جو انڪشاف انهن دستاويزن مان ٿيو جيڪي نيوز لينز پاڪستان وٽ موجود آهن.
پشاور سان تعلق رکندڙ ڪسٽم کاتي جي هڪ عملدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته پشاور پوليس جيڪي گاڏيون سيڪشن550/523 تحت ضبط ڪيون آهن انهن مان 90 سيڪڙو اهڙيون آهن جن جي ڪسٽم ڊيوٽي ادا ناهي ڪئي وئي.
ڪسٽم آفيسر ٻڌايو ته، ڪسٽم کاتي جو عملو جيڪو اسمگل ٿيل گاڏين تي نظر رکندو آهي، اهي اهڙيون گاڏيون آسانيءَ سان ضبط ڪري سگھندو آهي، جن جا چيسز نمبر پوليس کاتي کي تصديق لاءِ فراهم ڪيا ويندا آهن.
ڪسٽم آفيسر ٻڌايو ته پوليس کاتي جا آفيسر ان معاملي متعلق اسان سان مڪمل تعاون ڪرڻ کان لنوائيندا رهندا آهن ۽ هو پاڻ جيڪي گاڏيون استعمال ڪن ٿا انهن ۾ اڪثر گاڏيون اهي ئي آهن جيڪي افغانستان مان غيرقانوني طريقي سان آنديون وڃن ٿيون ۽ اهي نان ڪسٽم پيڊ هونديون آهن.
سرڪاري انگن اکرن مطابق 2015 ۾ پوليس پاران مختلف ٿاڻن جي حدن مان اهڙين غيرقانوني گاڏين کي ضبط ڪرڻ واري قانون سيڪشن 550/523 تحت 380 گاڏيون ضبط ڪيون ويون. انهن ضبط ٿيل گاڏين مان ڪجهه گاڏيون ڪاغذن جي تصديق بعد يا قانوني عمل مڪمل ڪرڻ کانپوءِ مالڪن کي واپس موٽائي ڏنيون ويون، جڏهن ته باقي سموريون لگزري گاڏيون پوليس جي تحويل ۾ رکيل آهن. انهن مان اڪثر گاڏيون هاڻي پوليس کاتي جي اعليٰ عملدارن ڊي آءِ جيز، ايس پيز، ڊي ايس پيز، اي ايس آئيز، ايس آئيز ۽ سندن محافظن يا مائٽن جي استعمال هيٺ آهن.
صوبائي گاديءَ واري شهر جي پوليس جي سربراهه مبارڪ زيب جو چوڻ آهي ته کيس اهڙي ڄاڻ نه آهي ته ڪي پوليس وارا ”ڪيس پراپرٽي“ واريون گاڏيون استعمال ڪري رهيا آهن، پر ڪوئي به آفيسر يا اهلڪار جيڪڏهن ائين ڪري رهيو آهي ته پوءِ هو ان لائق ٿي وڃي ٿو ته سندس خلاف کاتي جي سطح تي جاچ ڪئي وڃي يا کيس نوڪريءَ مان برطرف ڪيو وڃي.
هن اهو پڻ چيو ته جيڪڏهن ڪي پوليس آفيسر اهڙي ڪنهن سرگرميءَ ۾ ملوث آهن ۽ مٿن اهڙو ڏوهه ثابت ٿيندو ته هنن پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪيو آهي ته پوءِ هو ان لائق ٿي ويندا ته کين سزا ڏني وڃي. مبارڪ زيب وڌيڪ چيو ته هو ان معاملي جي جاچ ڪرائيندو ۽ اهو ثابت ٿي ويو ته ڪو آفيسر ڪيس پراپرٽيءَ کي غلط طريقي سان استعمال ڪري رهيو آهي ته ان خلاف ڪارروائي ضرور ٿيندي.
پوليس جي هڪ ٻئي سينئر آفيسر پاران چيو ويو ته قانون مطابق پوليس ان ڳالهه جي پابند آهي ته سيڪشن 550/523 تحت ضبط ٿيندڙ ڪيس پراپرٽيءَ وارين گاڏين کي حفاظت سان رکي ۽ هر هڪ گاڏيءَ مٿان اهڙو ڪاغذ چنبڙائي ڇڏي جنهن مان ان گاڏيءَ جي ڪيس جا تفصيل سمجهڻ ۾ مدد ملي ۽ اهو به پتو پوي ته گاڏي ڪهڙي سبب جي ڪري ضبط ڪئي وئي آهي.
عملدار ٻڌايو ته ڪيس پراپرٽيءَ کي نقصان پهچائڻ يا ان کي ذاتي استعمال ۾ رکڻ جو مطلب اهو آهي ته شاهدين کي برباد ڪيو پيو وڃي يا وري قانوني عمل آڏو رنڊڪ پيدا ڪئي پئي وڃي. اهڙي ڏوهه جي گھٽ ۾ گھٽ سزا نوڪري مان برطرفي آهي.
هن تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ڪيس پراپرٽي وارين گاڏين کي استعمال ڪرڻ واري ڏوهه خلاف جيڪڏهن قدم کنيو وڃي ته پوليس فورس جا محرر کان وٺي ايس ايڇ او ۽ ٻين سينئر آفيسرن تائين اڌ کان وڌيڪ اهلڪار نوڪرين تان هٽي ويندا.
ان معاملي جي جاچ دوران نيوز لينز پاڪستان کي سرڪاري عملدارن وٽان اهڙا انگ اکر فراهم ڪيا ويا آهن جن مان اهو پتو پوي ٿو ته پشاور پوليس جي ڪهڙن وڏن آفيسرن پاران اهي گاڏيون ذاتي استعمال ۾ رکيون ويون آهن، جيڪي غيرقانوني هجڻ جي بنياد تي ضبط ڪيون ويون.
ان معلومات جي جڏهن ڪسٽم کاتي جي ڪمپيوٽرائيزڊ رڪارڊ سان ڀيٽ ڪئي وئي ته اهو انڪشاف ٿيو ته اڳوڻي سي سي پي او اعجاز احمد جي ڪار رجسٽريشن نمبر WJ-413 ڊي ايس پي حيات آباد عتيق شاهه جي ڪار رجسٽريشن نمبر LED-3150، اي ايس پي گلبهار جي ڪار رجسٽريشن نمبر BC-3289، انسپيڪٽر احسان شاهه جي ڪار رجسٽريشن نمبر BC-3466 ۽ ايس پي رورل شاڪر بنگش جي گاڏي رجسٽريشن نمبر MF-494 متعلق اهو ثابت ٿي ويو ته اهي اسمگل ٿيل گاڏيون آهن ۽ انهن جي ڪسٽم ڊيوٽي جمع ناهي ڪرائي وئي.
سرڪاري انگن اکرن مطابق 2015 ۾ ضبط ڪيل 380 گاڏيون، جيڪي ڪيس پراپرٽي آهن، انهن مان 2 ڪارون اڳوڻي سي سي پي او اعجاز خان، 2 ڪارون ايس پي رورل شاڪر بنگش، 2 ڊي ايس پي روزيب خان، 3 گاڏيون ايس ايڇ او حمايت خان، هڪ گاڏي ڊي ايس پي حيات آباد عتيق، 2 گاڏيون ايس ايڇ او ديار خان، هڪ گاڏي ايس ايڇ او غفار خان ۽ هڪ گاڏي ڊي ايس پي فضل داد جي استعمال هيٺ آهن ۽ اهي سموريون گاڏيون ڪيس پراپرٽي آهن. سرڪاري دستاويز مان اهو پتو پڻ پوي ٿو ته مالاڪنڊ جي معطل ٿيل ايس ڊي پي او عابد الرحمان جي گارڊ وٽ به هڪ ڪيس پراپرٽي گاڏي استعمال هيٺ آهي.
ڪسٽم کاتي جي هڪ آفيسر پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ايڪسائيز کاتي جا آفيسر ۽ اهلڪار به نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون استعمال ڪن ٿا. ايڪسائيز کاتي جي هر هڪ آفيسر وٽ نان ڪسٽم پيڊ گاڏي استعمال هيٺ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايڪسائيز کاتي جا آفيسر ۽ اهلڪار ته انهن نان ڪسٽم پيڊ گاڏين کي سستي اگھ ۾ وڪڻي به رهيا آهن. هو 5 لک روپين جي ماليت واري گاڏي واڪ جي صورت ۾ 80 هزار روپين عيوض مقامي مارڪيٽ ۾ عام نيلام وسيلي وڪرو ڪن ٿا.
قانون موجب پوليس ۽ ٻين کاتن جا عملدار ان ڳالهه جا پابند آهن ته نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون ضبط ڪرڻ بعد ڪسٽم کاتي وٽ جمع ڪرائين، پر نيوز لينز وٽ جيڪي دستاويز موجود آهن اهي ٻڌائين ٿا ته مردان، نوشهره، صوابي ۽ چارسده ۾ مقرر 13 پوليس آفيسر جن ۾ ڊي آءِ جي، ڊي ايس پي، ايس پي، ايس ايڇ او، ايس آءِ ۽ اي ايس آءِ سطح جا آفيسر شامل آهن، اهي ڪيس پراپرٽيءَ واريون گاڏيون استعمال ڪري رهيا آهن. سرڪاري انگ اکر ٻڌائي رهيا آهن ته گذريل 3 سالن دوران پوليس پاران مردان ضلعي ۾255، نوشهره ۾ 160، صوابيءَ ۾ 47 ۽ چارسده ۾ 92 گاڏيون ضبط ڪيون ويون.
قانون جي سيڪشن 550/523 تحت ضبط ڪيل گاڏين مان 2 ڪارون جن جا رجسٽريشن نمبر CAF-8221 ۽ LED-450 آهن اهي ايس پي نوشير خان جي استعمال هيٺ آهن، ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر دانشور خان ضبط ڪيل گاڏي رجسٽريشن نمبر LES-2525 تحت ذاتي استعمال ۾ آڻي رهيو آهي، اها گاڏي پوليس پاران 10 مئي 2012 ۾ تخت بائيءَ واري علائقي مان ضبط ڪئي وئي هئي. ڊي ايس پي پير شهاب به هڪ اهڙي وين ذاتي طور استعمال ڪري رهيو آهي جنهن جو رجسٽريشن نمبر 2034 آهي. ڊي ايس پي عابد خان جيڪا ڪار استعمال ڪري رهيو آهي ان جو نمبر 9009، ڊي پي او ذيشان رضا جي گاڏيءَ جو نمبر LED 228، ايس پي افتخار جي ڪار جو نمبر 270، ايس پي سردار خان جي ڪار جو نمبر LXL-9618، ڊي ايس پي خان اڪبر جي ڪار جو نمبر LRZ 124، ايس ايس پي عمران شاهد، جنهن کي تازو ئي ايف آءِ اي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، ان جي ڪار جو نمبر LEE-8127، ڊي ايس پي نور جمال جيڪا گاڏي استعمال ڪري رهيو آهي ان جو نمبر LZO-3255 ۽ ڊي ايس پي سجاد خان جي ڪار جو نمبر LHW-4411 آهي.
ساڳيءَ ريت فرنٽيئر رزرو پوليس جو ڪمانڊنٽ جيڪا سِلور رنگ واري ڪرولا ڪار استعمال ڪري رهيو آهي اها پڻ سيڪشن 550/523 تحت ضبط ڪئي وئي هئي. ايس ايڇ او فاروق جي ڪار جنهن جو نمبر 831 آهي، انسپيڪٽر ڪامران، انسپيڪٽر فضل، مردان جو ڊي ايس پي ليگل، سب انسپيڪٽر فضل اڪبر، انسپيڪٽر ممتاز باچا، ڊي ايس پي نذير خان، ايس آءِ عمراد علي، ليگل برانچ جو انسپيڪٽر افتخار، اسپيشل برانچ جو ڊي ايس پي سجاد، ڊي ايس پي فريد بنگش، ايس آءِ لقمان، ڊي پي او ذيشان رضا، ڊي ايس پي سليم داد، ڊي ايس پي غلام حبيب، ڊي ايس پي خالد نسيم، اڳوڻو ڊي پي او طاهر ايوب، ايس پي غلام حبيب، انسپيڪٽر شعيب ۽ ٻيا ڪيترائي ڪيس پراپرٽيءَ واريون گاڏيون استعمال ڪري رهيا آهن.
ڪسٽم کاتي سان تعلق رکندڙ هڪ آفيسر اهو به ٻڌايو ته پوليس جي وڏن آفيسرن کان علاوه سندن ڊرائيور، ذاتي عملو، محافظ ۽ ويجها مائٽ به ڪيس پراپرٽيءَ واريون گاڏيون استعمال ڪري رهيا آهن.
پشاور ۾ واقع ڪسٽم ڪليڪٽوريٽ جي هڪ آفيسر پاران نالو نه ٻڌائڻ جي درخواست ڪندي، ڇو ته هو ميڊيا سان ڳالهائڻ لاءِ بااختيار نه آهي، ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت به قانوني طور تي پوليس ان ڳالهه جي پابند آهي ته اهڙيون گاڏيون ڪسٽم کاتي جي تحويل ۾ ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي ان حڪم موجب ته قطع نظر ان جي ته اهڙي گاڏي ڪهڙي به ڏوهه تحت ضبط ڪئي وئي هجي، پر ان مٿان پهريون ڏوهه اهو ئي لاڳو ٿي وڃي ٿو ته اها گاڏي غيرقانوني طور تي ملڪ جي حدن ۾ داخل ٿي، پوءِ اها غيرقانوني رستي کان آندي وئي هجي يا ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ٻيا ٽيڪس ادا ڪرڻ کانسواءِ آندي وئي هجي. گذريل 15 سالن دوران اهڙيون گاڏيون دهشتگرديءَ وارين ڪاررواين ۾ استعمال ڪيون ويون آهن جنهن ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ انهن جي مالڪ ۽ واقعي پويان موجود اصل ڏوهارين کي سڃاڻڻ مشڪل ٿي پوندو آهي.
ڪسٽم کاتي جي آفيسرن پاران نشاندهي ڪئي وئي ته پوليس آفيسر اهڙا طريقا استعمال ڪندا آهن جن تحت اسمگل ٿيل گاڏيءَ بابت سيڪشن 550/523 تحت ڪيس داخل ڪري اهو موقعو حاصل ڪندا آهن ته ان ڪار کي ممڪنه طور تي اسمگل ٿيل گاڏي قرار ڏئي سگھن جنهن سان ان جي حقيقي معنيٰ ۾ اسمگل ٿيل گاڏي هجڻ واري نقطي جي نفي ٿي ويندي آهي. هن صلاح ڏيندي چيو ته پوليس جڏهن به سيڪشن 550/523 تحت ڪيس داخل ڪري ته ان گاڏيءَ جا تفصيل پهريان ڪسٽم کاتي کي فراهم ڪيا وڃن ته جيئن ان گاڏيءَ جي حيثيت جو تعين ڪري سگھجي.
جيڪڏهن ان گاڏيءَ لاءِ اهو ثابت ٿي وڃي ته اها اسمگل ٿيل آهي تنهن بعد اها گاڏي بنان دير ڪسٽم کاتي جي تحويل ۾ ڏيڻ گھرجي ته جيئن ان جو نيلام ڪري ان جي بدلي سرڪاري خزاني ۾ پيسا جمع ڪرائي سگھجن. ان سرڪاري عملدار اهو پڻ چيو ته نان ڪسٽم پيڊ گاڏي ذاتي استعمال ۾ رکڻ جو سڌو مطلب اهو ئي آهي ته سرڪاري خزاني کي ڄاڻي واڻي نقصان پهچايو پيو وڃي.
پوليس کاتي جي هڪ آفيسر جو چوڻ آهي ته، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن جا اهلڪار اڪثر ڪري اسمگل ٿيل گاڏيون مارڪيٽ مان سستي اگھ تي خريد ڪري بغير ڪنهن خوف جي غيرقانوني طور استعمال ڪندا آهن ڇو ته ڪنهن ۾ اهڙي جرئت اڃان نه آهي ته انهن کي اهڙي چال چلت کان روڪي سگھي.
جڏهن ته ايس ايڇ او سطح جي پوليس عملدارن لاءِ ضروري آهي ته اهي پوليس کاتي جي گاڏيءَ ۾ گشت ڪن پر پشاور ۾ عام طور تي اهڙا عملدار ذاتي گاڏين ۾ گشت ڪندا رهندا آهن.
مالاڪنڊ ڊويزن جي 7 ضلعن سوات، شانگله، بُنير، اپر دير، لوئر دير، چترال ۽ مالاڪنڊ جا رهواسي، ان ڊويزن کي ٽيڪس کان آجو هجڻ واري علائقي جو منفرد رتبو حاصل هجڻ جي ڪري گذريل ڪيترن ئي سالن کان اڪثر ڪري نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون استعمال ڪن ٿا.
هڪ پوليس آفيسر جو چوڻ آهي ته سڄي صوبي ۾ نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون استعمال ٿي رهيون آهن، صوبي جي روڊن تي هلندڙ سمورين گاڏين مان 10 سيڪڙو گاڏيون اسمگل ٿي آيل آهن. اهڙين گاڏين کي استعمال ڪرڻ وارا اڪثر ڪري سرڪاري آفيسر، واپاري ۽ سياستدان آهن جيڪي پنهنجي اثررسوخ جي ڪري آسانيءَ سان قانون جي پڪڙ کان آجا ٿي وڃن ٿا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here