بنون (احسان داوڙ وٽان) دوستمل خان نالي هڪ رٽائرڊ استاد، ضعيفيءَ واري حالت باوجود ميران شاهه قلعي ۾ قائم نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي برانچ ٻاهران ڊگھي قطار ۾ بيهي پنهنجي واري اچڻ جو انتظار ڪري رهيو هيو. هن کي اهڙي ڊگھي قطار ۾ بيهي پنهنجي واري جو انتظار ان ڪري ڪرڻو ٿي پيو ڇو ته اتر وزيرستان ۾ واقع بئنڪ جي انهيءَ اڪيلي برانچ مان کيس پينشن وصول ڪرڻي هئي.

سرڪاري انتطام هيٺ هلندڙ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان (اين بي پي) اها اڪيلي بئنڪ آهي جنهن جي صرف هڪ برانچ اتر وزيرستان ۾ قائم ٿيل آهي. 2004 کانپوءِ اتر وزيرستان ايجنسيءَ اندر ويڙهه ۾ تيزي اچڻ سبب جڏهن انساني زندگين ۽ ادارن جو نقصان ٿيڻ لڳو ته ٻين سمورين بئنڪن پنهنجون برانچون اتر وزيرستان جي ڀيٽ ۾ ڪنهن حد تائين محفوظ سمجهئي ويندڙ ويجهي شهر بنون ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيون.

مقامي ماڻهن مطابق، غير ملڪي دهشتگردن، جن کي علائقائي طالبان جي مدد حاصل هوندي هئي اهي اڪثر ڪري بئنڪن مان ڦرلٽ ڪندا هئا يا بئنڪن تائين نقدي پهچائيندڙ گاڏين کي روڪي انهن مان پيسا ۽ ٻيون قيمتي شيون لٽي وٺندا هئا. ميرعليءَ جو رهائشي عمرخان جيڪو پهريان هڪ دڪان جو مالڪ هيو ۽ سندس اهو دڪان ويڙهاڪن خلاف فوج پاران شروع ڪيل آپريشن ضرب عضب جي ور چڙهي تباهه ٿي ويو. عمر خان ٻڌايو ته هُو (ويڙهاڪ) ايتري ته ڦرلٽ ڪندا هئا جو ٽپاليءَ کي به بخش نه ڪندا هئا ۽ ان جي کيسي ۾ جيڪي به ٿورا گھڻا پيسا هوندا هئا اهي کانئس ڦري وٺندا هئا.

ڪيترن سالن کانپوءِ جڏهن ويڙهاڪن جون پاڙون پختيون ٿيون ته هنن رياست جي عملداريءَ کي للڪاريندي اتر وزيرستان ايجنسيءَ مان اسلامي نظام هلائڻ شروع ڪيو ته ايجنسيءَ جي ٻن مک شهرن ميرعلي ۽ ميران شاهه ۾ پوسٽ آفيس ۽ بئنڪن جون جيڪي برانچون قائم هيون اهي ايجنسيءَ جي حدن ڀرسان واقع بنون شهر ڏانهن منتقل ڪيون ويون. ويڙهه سبب تباهه ٿيل هِن ايجنسيءَ جي رهواسين کي پيسن جي ڏيتي ليتي، ٽپال توڙي خط و ڪتابت لاءِ اڃان به اوڏانهن پنڌ ڪرڻا پون ٿا.

دوستمل خان جو چوڻ هو ته گذريل وڏي وقت کان بئنڪن وسيلي ملندڙ پگھارون ۽ پينشن وٺڻ لاءِ کين بنون اچڻو پوي ٿو ۽ هن جهڙن ضعيف ماڻهن لاءِ اهو سفر ڪري اچڻ ڪنهن عذاب کان گھٽ نه آهي.

مقامي ماڻهن مطابق، معاملن جي اهڙي صورتحال سبب شاگرد سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا ڇاڪاڻ ته سندن تعليمي ادارا داخلائن يا امتحانن متعلق کين جيڪي ڄاڻ يا سلپون اماڻين ٿا اهي کين بروقت نه ٿيون ملن. ايتريون ئي تڪليفون ايجنسيءَ جي ڪاروباري ماڻهن کي به پيش اچن ٿيون ڇو ته بنون يا ڪنهن ٻئي شهر تائين نقد رقمون کڻي وڃڻ ۽ اتان کان کڻي اچڻ سبب کين جاني ۽ مالي نقصان جو انديشو رهي ٿو.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي عمر خان ٻڌايو ته هو جڏهن به نقد رقم پاڻ سان گڏ کڻندو آهي ته سڄي واٽ قرآن پاڪ جي دعائن جو ورد ڪندو آهي ڇو ته موجوده حالتن ۾ هتي ڪير به محفوظ نه آهي. عمر خان پاران ٻڌايل ڳالهين مطابق، گذريل ڏهن سالن کان هن علائقي جي ڪاروباري برادري ڪيترن ئي اهنجن کي منهن ڏيندي پئي اچي ۽ اهم رستن تي ڌاڙن جي ڪيترن واقعن دوران ڪافي ماڻهن کي پنهنجين حياتين ۽ انتهائي محنت بعد ڪمايل پيسن کان اهڙي وقت ۾ هٿ ڌوئڻا پئجي ويا جڏهن کين جسماني ۽ مالي حفاظت جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت هوندي آهي.

اتر وزيرستان ايجنسيءَ جي رهواسي طارق خان ٻڌايو ته ازبڪ ۽ تاجڪ نسل جي پرڏيهي ويڙهاڪن جي لٽ مار وارين سفاڪيءَ تي ٻڌل ڪارراوئين سامهون مقامي انتظاميا به بيوس بڻيل هوندي هئي ۽ انهن جي ويڙهاڪن توڙي وحشت ڦهلائيندڙ ڪارراوين کي روڪي نه سگھندي هئي.

آپريشن ضرب عضب جي ڪري اتر وزيرستان ۾ توڙي جو تحفظ واري ماحول جي جهلڪ نظر اچڻ لڳي آهي پر ان هوندي به ايجنسيءَ ۾ ادارن ۽ شهري ضرورتن جي بنيادي ڍانچي کي ٻيهر قائم ڪرڻ ۾ وقت لڳي ويندو.
دوستمل خان جيان، رٽائرڊ توڙي حاضر سروس سرڪاري ملازمن جي هڪ وڏي انگ کي هر مهيني انتهائي سخت حفاظت هيٺ رهندڙ ميران شاهه قلعي ۾ واقع نيشنل بئنڪ جي برانچ تائين پهچڻ لاءِ بيزار ڪري وجهندڙ جسماني جهڙتين ۽ تلاشين مان گذرڻ بعد ڊگھين قطارن ۾ بيهي پگھار ۽ پينشن وٺڻي پوي ٿي. دوستمل خان ۽ ان جهڙن ٻين ماڻهن لاءِ، جيڪي بئنڪن وسيلي پگھارون ۽ پينشن وٺندا آهن، تن کي بنون ۾ واقع بئنڪن مان ڏيتي ليتي ڪرڻ وقت ساڳين تڪليفن کي منهن نه ٿو ڏيڻو پوي.

تعليم کاتي جي هڪ ڪلارڪ، جنهن پنهنجو نالو سرڪاري ملازم ۽ مقامي صورتحال تي تنقيد ڪرڻ جي اجازت نه هجڻ سبب ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته پگھار وٺڻ کان هڪ ڏينهن پهريان کين قلعي واري علائقي ۾ داخل ٿيڻ خاطر بينڪ وارن کان اجازت وٺڻي پوندي آهي.

فاٽا ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيءَ (ايف ڊي ايم اي) مطابق، اتر وزيرستان ايجنسيءَ جا جيڪي ماڻهو آپريشن ضرب عضب جي ڪري پنهنجي اباڻا ٿاڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿيا انهن مان 60 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ماڻهو هاڻي واپس پنهنجي گھرن ۾ آباد ٿي چڪا آهن. جڏهن ته ميران شاهه قلعي ۾ واقع نيشنل بئنڪ جي اڪيلي برانچ کان علاوه ٻين بئنڪن جون هتي قائم برانچون جيڪي بنون منتقل ٿيل آهن انهن کي واپس قائم ڪرائڻ وارو ڪم اڃان ٿي ناهي سگھيو.

بنون ڏانهن منتقل ٿي ويل بئنڪن ۾ جن ماڻهن جا اڪائونٽ کليل آهن انهن لاءِ تحفظ واري موجوده صورتحال ۾ بنون ڏانهن سفر ڪرڻ انتهائي مشڪل ڪم ٿي پوي ٿو. جيڪي ماڻهو واپس اتر وزيرستان ايجنسي اچي چڪا آهن انهن جياپي کي برقرار رکڻ خاطر ننڍي سطح تي ڪاروبار شروع ڪري ڏنو آهي پر بئنڪن وسيلي پيسي جي ڏيتيءَ ليتيءَ خاطر کين اڃان به بنونءَ ۾ واقع بئنڪن تي ڀاڙڻو پوي ٿو.

اتر وزيرستان ايجنسيءَ جي ”کڏي“ واري علائقي ۾ نئين تعمير ٿيل مارڪيٽ ۾ ڪاروبار ڪندڙ دڪاندار گلدار عليءَ ٻڌايو ته پيسن موڪلڻ يا وٺڻ خاطر کيس سيڪيورٽيءَ جي ڪيترن ئي دائرن مان گذري روزانو يا هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن بنون وڃڻو پوندو آهي. ان ۾ نه صرف وقت برباد ٿئي ٿو پر هن جهڙي دڪاندار لاءِ اهو عمل الاهي مهانگو به ٿي پوي ٿو.

ميرعلي تعلقي جي ”کڏي“ ۽ ”عيدڪ“ وارن ڳوٺن ڀرسان 5 سو دڪانن تي ٻڌل نئين مارڪيٽ تعمير ڪئي وئي آهي پر ڪاروباري مقصدن خاطر اتي بئنڪ جي هڪ به برانچ ناهي کولي وئي.

بئنڪ ۾ ملازمت ڪندڙ ولي خان جو چوڻ هو ته جنهن نجي بئنڪ ۾ هو ملازمت ڪري ٿو ان جي انتظاميا گذريل ڪجهه وقت کان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ شهري انتظاميا جي عملدارن سان رابطي ۾ آهي ته جيئن هنن کان هن نئين مارڪيٽ ۾ بئنڪ جي برانچ کولڻ جي اجازت وٺي سگھجي.

ولي خان جو چوڻ هو ته، مقامي ماڻهن کي اها برانچ کلڻ سان تمام گھڻي سهولت ملندي پر ان لاءِ کين تيستائين انتظار ڪرڻو پوندو جيستائين مقامي انتظاميا برانچ کولڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي. هن اهو پڻ ٻڌايو ته مقامي ماڻهو بئنڪ انتظاميا کان اهو مطالبو انتهائي شديد انداز سان ڪندا رهن ٿا ته جنهن برانچ ۾ سندن اڪائونٽ کليل آهن اها هتي واپس قائم ڪئي وڃي. ولي خان اشاري ڀريل انداز سان اها ڳالهه به سمجهائي ته ايجنسيءَ مان لڏپلاڻ ڪري ويل سڀ ماڻهو جيستائين هتي واپس اچي آباد نه ٿيندا تيستائين ٿي سگھي ٿو ته بئنڪ جي برانچ به واپس هتي نه آندي وڃي.

ولي خان ان جي وضاحت ڪندي چيو ته هتان لڏي ويلن جا ان بئنڪ ۾ اڪائونٽ آهن ۽ جيڪڏهن برانڇ اتر وزيرستان ايجنسيءَ ڏانهن منتقل ڪئي ويندي ته انهن کي به پيسن جي ڏيتيءَ ليتيءَ ۾ ساڳيا ئي مسئلا پيش ايندا جيڪي هتان بنون ايندڙن کي پيش اچن ٿا. هن ٻڌايو ته هنن جي بئنڪ پاران ميران شاهه ۽ ميرعليءَ واريون برانچون بنون منتقل ڪرڻ واري فيصلي کي ڏهه سال گذري چڪا آهن. جڏهن ته ويڙهه ۾ تيزي اچڻ کان اڳ هن علائقي ۾ مختلف بئنڪن جون 10 برانچون ڪم ڪري رهيون هيون ۽ هر برانچ روزانو لڳ ڀڳ 2 سو کاتيدارن جا معاملا حل ڪندي هئي ۽ 50 لک روپين کان وڌيڪ جي ڏيتي ليتي ٿيندي هئي.

اتر وزيرستان جا اهي رهواسي جيڪي نار وارن ملڪن ۾ ملازمتون ڪن ٿا بينڪن جي عدم موجودگيءَ سبب اهي به پنهنجي گھرن ڏانهن پيسا اماڻڻ لاءِ هُنڊي ۽ حوالي وارن وسيلن مٿان ڀاڙڻ تي مجبور ٿي پون ٿا.

اتر وزيرستان ايجنسيءَ جي ڳوٺ زراڪيءَ جو رهواسي نظام الدين جيڪو گڏيل عرب امارتن ۾ ٽرڪ ڊرائيور واري نوڪري ڪري ٿو، نيوز لينز پاڪستان سان ٽيليفون وسيلي ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته سندس خاندان کي پئسن جي ضرورت هوندي آهي ۽ جيئن ته سندن ڳوٺ جي ڀرپاسي ۾ ڪا به بئنڪ موجود نه آهي ته اهڙي صورت ۾ وٽس حوالي يا هنڊيءَ وسيلي پيسا موڪلڻ کان علاوه ٻيو ڪو حيلو وسيلو ناهي رهندو. هن جو چوڻ هو ته، حڪومت کي گھرجي ته بئنڪن جون برانچون اتر وزيرستان ايجنسيءَ ۾ ٻيهر قائم ڪرايون وڃن ڇو ته پيسي جي محفوظ ۽ قانوني ڏيتي ليتي بئنڪن وسيلي ئي ڪري سگھجي ٿي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here