ڪراچي (وينگس وٽان) پاڪستان ۾ دَلِت ذات، جن کي اَڇُوت طور سڃاتو وڃي ٿو، پاران ايندڙ آدمشماريءَ ۾ پنهنجي شيڊيول ڪاسٽ واري ڌار سڃاڻپ تسليم ڪرائڻ خاطر مهم شروع ڪرڻ کانپوءِ ئي اهو احساس اڀرڻ لڳو آهي ته پاڪستان جي هندو برادري اندروني اختلافن جو شڪار آهي.

پاڪستان هندو ڪائونسل مطابق، هونئن ته پاڪستاني هندو سڄي ملڪ ۾ پکڙيل آهن پر سندن 97 سيڪڙو آبادي سنڌ صوبي ۾ موجود آهي. هندو اوچين ۽ گھٽ ذاتين ۾ ورهايل آهن. پاڪستان جي 1956 واري آرڊيننس ۾ هندن جون وڌ کان وڌ 40 گھٽ رتبي واريون ذاتيون شيڊيول ڪاسٽ جي درجي بنديءَ تحت شامل ٿيل آهن.

دَلِتن جي حقن جي حاصلات خاطر ويجهڙائيءَ ۾ ”دَلِت سجاڳ تحريڪ“ جو بنياد وڌو ويو آهي. هن گروپ جو مطالبو آهي ته آدمشماريءَ جي فارم ۾ شيڊيول ڪاسٽ ماڻهن جي ڳڻپ خاطر هڪ ڌار خانو رکيو وڃي پر شيڊيول ڪاسٽ هندن جي ٻين ذاتين سان تعلق رکندڙ ماڻهن پاران ان مطالبي جي مخالفت ڪئي پئي وڃي.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي دلت سجاڳ تحريڪ جي چيئرپرسن راڌا ڀيل چيو ته دلت سجاڳ تحريڪ وسيلي دلتن جا حق حاصل ڪرڻ لاءِ هنن ڪجهه مهينا اڳ ئي پنهنجي تحريڪ شروع ڪئي آهي. سندن ماڻهن کي تعليم. صحت ۽ نوڪرين جي شعبي ۾ مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڪنهن کي به سندن ڳڻتي ناهي. ايتري حد تائين جو سندن ذات جا ماڻهو اغوا ٿين يا قتل ڪيا وڃن ٿا تڏهن به ڪير انهن لاءِ آواز نه ٿو اٿاري.

انهيءَ تاثر ته، هيءَ تحريڪ مالي فنڊ هٿ ڪرڻ خاطر شروع ڪئي آهي متعلق سوال جو جواب ڏيندي راڌا ڀيل چيو ته سندن تحريڪ جو نج مقصد دلتن جا حق حاصل ڪرڻ آهي ۽ هن فنڊ حاصل ڪرڻ خاطر ڪٿي به يا ڪنهن سان به رابطو ناهي ڪيو. پارليامينٽ ۾ نمائندگي حاصل ڪرڻ سندن تحريڪ جو اولين مقصد آهي. شيڊيول ڪاسٽ ذاتين جي نمائندگي ۽ ووٽن جي بنياد تي ماڻهو چونڊجي وڃن ٿا پر اهي سندن مسئلا ته حل ئي نه ٿا ڪن.

راڌا ڀيل يقين واري انداز سان چيو ته، جيڪڏهن شيڊيول ڪاسٽ وارن کي پنهنجون سيٽون حاصل ٿي پونديون ته هو پنهنجي برادريءَ لاءِ گھڻو ڪجهه ڪري سگھندا. ان ڪري ئي هو تبديلي آڻڻ چاهين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته هو جنهن پيڙا مان گذري رهيا آهن ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، هو هڪ مسلمان وڏيري کان مدد وٺڻ چاهي ٿي پر اهو خوف به رهي ٿو ته هن کي سندس ذات جي خبر نه پئجي وڃي. اوچي ذات وارا هندو، گھٽ ذات وارن جي نالي تي ووٽ وٺن ٿا پر هنن لاءِ ڪجهه به نه ٿا ڪن.

اقليتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ قومي وفد (نيشنل ڊيليگيشن فار مائنارٽي رائيٽس) جي ميمبر جئه پرڪاش مُوراڻيءَ نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ڪجهه ماڻهن پاران دَلِت لفظ کي پنهنجي مقصدن خاطر استعمال ڪيو پيو وڃي، اهي فرد ايئن ڪري پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪرڻ چاهين ٿا.

هن اهو پڻ چيو ته پاڪستان ۾ دَلِتن جو هڪ شيڊيول ڪاسٽ وارو نظام آهي، انڊيا جي ڀيٽ ۾ هتان وارو نظام ڪجهه مختلف آهي. هي ڪو مذهبي مسئلو نه آهي، جهڙيءَ ريت پاڪستان ۾ سماجي مسئلا اهميت جوڳا آهن انهن مان هڪ غربت آهي. جيڪڏهن هڪ مسلمان وڏيرو هڪ مسلمان هاريءَ سان انتهائي خراب رويي تحت پيش اچي ٿو ته ڇا ان کي به دَلِت سڏي سگھجي ٿو؟.

جئه پرڪاش مُوراڻيءَ جو چوڻ هو ته، هندو، پاڪستان جي اقليتي برادري آهن. هندو جبري شادين ۽ اغوا وارن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. شيڊيول ڪاسٽ ذاتين سان تعلق رکندڙ ماڻهو گھڻي ڀاڱي هارپي واري ڪِرت سان لاڳاپيل آهن. اهي مسلمان وڏيرن جي زمينن کي آباد ڪن ٿا ۽ اهي وڏيرا ساڻن سٺي ورتاءَ سان پيش نه ٿا اچن.

هن سواليه انداز اختيار ڪندي چيو ته ڇا اوچي طبقي وارا مسلمان، هندو ڇوڪرين کي اغوا ڪري کين زبردستي اسلام قبول نه ٿا ڪرائين؟ اسانجي برادري شيڊيول ڪاسٽ مردن يا عورتن سان ڪٿي به متڀيد نه ٿي ڪري ايتري حد تائين جو ٿر ۾ هندن جون مکيه عبادتگاهون ۽ مندر شيڊيول ڪاسٽ ذات وارن جي انتطام هيٺ آهن.

هن جو چوڻ هو ته، سڀني هندن سان صورتحال ساڳي آهي. سنڌ اندر اسان سڀئي هڪجهڙن ئي سماجي مسئلن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهيون. اسانکي هندن جي حيثيت ٻين جي برابر هجڻ واري سوچ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گھرجن. جڏهن ته ڪنهن رٿا تي ڪم ڪندڙ تنظيمن جو ڪم صرف اهو هوندو آهي ته اهي سماج ۾ متڀيد کي هٿي وٺرائينديون آهن. جئه پرڪاش موراڻيءَ ٻڌايو ته هندو برادريءَ پاران رٿابندي ڪئي پئي وڃي ته اهي آدمشماريءَ واري فارم مان شيڊيول ڪاسٽ جو خانو ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندا.

انساني حقن جي هڪ ڪارڪن آڪاش سنتورائيءَ نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته، دَلِتن جي تحريڪ پٺيان جن ماڻهن جو هٿ آهي اهي پاڪستان جي هندن مٿان پنهنجي سوچ مڙهڻ چاهين ٿا. هندو سياست ۾ سرگرميءَ سان بهرو وٺندا رهن ٿا. اهي اقليتن لاءِ مخصوص سيٽن تي به چونڊجي سگھن ٿا ته جنرل سيٽن لاءِ به اليڪشن ۾ حصو وٺي سگھن ٿا.

هن ٻڌايو ته، اڳوڻي فوجي حڪمران جنرل ضياءُ الحق پاران هندن کي الڳ ووٽنگ وارو حق ڏنو ويو. اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو شهيد هڪ قدم اڳتي وڌائيندي اقليتن کي ٻٽي ووٽ جو حق ڏنو. ان کانپوءِ جنرل پرويز مشرف جي حڪومت واري دور ۾ اقليتن کي جنرل سيٽ لاءِ به اليڪشن ۾ حصو وٺڻ وارو حق ڏنو ويو. 18هين ترميم کانپوءِ هاڻي آئين مطابق پاڪستان ۾ ڪي به شيڊيول ڪاسٽ ذاتيون موجود نه آهن. هو ملڪي نظام ۾ برابريءَ واري شهريت چاهين ٿا پر جيڪي شيڊيول ڪاسٽ وارن کي مٿي آڻڻ چاهين ٿا اهي کين ٽئين ۽ چوٿين درجي جو شهري ڏسڻ چاهين ٿا.

پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان لاڳاپيل ايم اين اي رميش ڪمار وانِڪواڻيءَ چيو ته شيڊيول ڪاسٽ وارن کي به اهو حق حاصل آهي ته اهي به پارليامينٽ يا صوبائي اسيمبلين جون سيٽون حاصل ڪري سگھن ٿا ڇاڪاڻ ته جيڪي اقليتن جي سيٽن تي کٽي اچن ٿا انهن وٽ پنهنجي ووٽرن لاءِ وقت ڪڍڻ وڏو مسئلو آهي.

غير مسلم اقليتن لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ 10، سنڌ اسيمبليءَ ۾ 9، پنجاب اسيمبليءَ ۾ 8 ۽ خيبرپختونخواه توڙي بلوچستان اسيمبلين ۾ ٻه ٻه سيٽون مخصوص ٿيل آهن. اقليتن لاءِ مخصوص سيٽن تي چونڊيل عوامي نمائندن جو چوڻ آهي ته برادريءَ کي اندروني سطح تي ورهائڻ واري سوچ سان مسئلا حل نه ٿيندا. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هو پنهنجو آواز گڏيل انداز سان اٿاري مسئلا حل ڪرائين.

پاڪستان پيپلزپارٽيءَ سان لاڳاپيل سينيٽر گيانچند ايسراڻيءَ چيو ته سندن ماڻهو (شيڊيول ڪاسٽ وارا) مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، پر انهن جي ڀيٽ انڊيا جي سماج سان نه ٿي ڪري سگھجي. ارڙهين ترميم کانپوءِ شيڊيول ڪاسٽ وارن لاءِ صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي. شيڊيول ڪاسٽ وارن جي ڌار سڃاڻپ کي هٿي وٺرائڻ واري عمل تي تنقيد ڪندي گيانچند اِيسراڻيءَ چيو ته هنن کي هڪ برادريءَ طور متحد ٿيڻ گھرجي ۽ اختلاف اڀارڻ بجاءِ پنهنجا مسئلا هڪ هنڌ گڏ ٿي حل ڪرائڻ گھرجن.

پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليبر ايجوڪيشن اينڊ رسرچ (پائلر) جي ايڊووڪيسي اينڊ نيٽ ورڪنگ مئنيجر شجاع الدين قريشيءَ انهيءَ معاملي تي تبصرو ڪندي چيو ته ڀارتي دَلِتن جي مقابلي ۾ پاڪستاني دَلِت وڌيڪ مسئلن ۾ گھيريل آهن. دَلِت اقليتن اندر ڄڻ ته هڪ ٻي اقليت آهن ۽ سندن خدشا هر صورت ۾ ختم ٿيڻ گھرجن.

2 COMMENTS

  1. ادا جئه پرڪاش بلڪل صحيح چيو آهي
    دلت تحريڪ وارا جن مسئلن کي وجه بڻائي هندن کي ورهائڻ وڙهائڻ چاهين ٿا اهي مسئلا سياسي ۽ سماجي آهن. سو بجاءِ انهن مسئلن جي حل لاءِ ذات ۽ مذهب جي بنياد تي ماڻهن م نفرت ڦهلائي بهتر آهي انهن مسئلن جو حل به سياسي ۽ سماجي طور ڳوليو وڃي

  2. Why schedule caste are serving as a farmer or under supervision of landlord ? their resource are snatched by upper one then how???????? We have quota system so all jobs are reserved for your sibling. What is for them??
    If any hindu girls are kidnapped then none of member of PaK-Hindu council stands for her protection or recovery if happen with upper caste then it becomes biggest issue? Is it justice or equality?
    They can be selected for reserved seats but why are not selected??, why you have occupied their postS?

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.