لاهور (ماريه لاريب وٽان) ملڪ ۾ موجود قانونن تي مڪمل عمل نه ٿيڻ سبب غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ وارو وحشت ڀريو سلسلو بغير ڪنهن ڊپ جي هلندڙ آهي. انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ وڪيلن جو چوڻ آهي ته، اڄ به غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتل جي 99 سيڪڙو ڪيسن ۾ خون بخشي ڇڏڻ سبب قاتل سزا کان بچي وڃن ٿا.

هُنن جو چوڻ هو ته، پاڪستان پِينل ڪوڊ (پي پي سي) ۾ موجود ڪمزورين جي ڪري غيرت جي نالي تي قتل ڪندڙ ڏوهارين کي پاڪستان جي عدالتي نظام مان قتل جي سزا ملڻ کان بچي وڃڻ جو وجهه ملي وڃي ٿو.

عام طور تي عورت کي ئي خانداني عزت ۽ غيرت خاطر قتل ڪيو وڃي ٿو، ان ڪري ئي ماڻهو خاندان کي وڌيڪ بدناميءَ کان بچائڻ خاطر هڪ فرد جي زندگي قربان ڪري ڇڏڻ واري عمل کي آسانيءَ سان قبول ڪري وٺن ٿا.

عورت فائونڊيشن جي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر ممتاز مغل نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته هلندڙ سال دوران غيرت جي نالي تي هن مهل تائين قتل جا 200 واقعا ٿي چڪا آهن، جن مان گھڻا پنجاب ۾ ٿيا آهن. هن ٻڌايو ته، پنجاب جي ٻهراڙيءَ ۾ ٿيل صرف هڪ ڪيس ۾ متاثره عورت جي زندگي بچي وئي ۽ ان ڪيس ۾ قاتلاڻو حملو ڪندڙ کي هڪ مهينو اڳ 10 سال قيد جي سزا ملي آهي.

هن ٻڌايو ته ٻين ڪيسن ۾ فريادي جيئن ته خاندان جا ڀاتي يا ويجها مائٽ هوندا آهن ان ڪري گڏيل رضامنديءَ سان هو قاتل کي خون بخشي ڇڏيندا آهن. جيڪڏهن غيرت جي نالي تي قتل عورت جو مڙس يا ساهراڻي خاندان جو ڪوئي ڀاتي ڪندو آهي ته ان صورت ۾ قتل جو معاملو دِيت جي بنياد (خون بها واري قانون) تحت حل ڪيو ويندو آهي. ممتاز مغل انڪشاف ڪيو ته، اهڙي قانون جي بنياد تي ئي 90 سيڪڙو عورتن کي سندن خاندان جا ڀاتي غيرت جي نالي تي قتل ڪندا رهن ٿا.

هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) پاران گڏ ڪيل انگن اکرن مطابق، سال 2015 ۾ غيرت جي نالي تي ڏوهن جا 987 واقعا رڪارڊ ڪيا ويا. انهن ڏوهن ۾ گھڻي ڀاڱي خطرناڪ هٿيار استعمال ڪيو ويو ۽ انهن ڏوهن ۾ عورتن جا موجوده يا اڳوڻا مڙس ملوث هجڻ جي نشاندهي ٿي آهي. ايڇ آر سي پيءَ پاران اهو پڻ رڪارڊ ڪيو ويو آهي ته انهن واقعن پٺيان جيڪا ڳالهه شدت سان نظر ايندي رهي آهي اها هيءَ هئي ته مقتول عورتون پرڻيل هيون يا وري هنن پاران عليحدگي اختيار ڪئي وئي هئي.

ايڇ آر سي پيءَ جي رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته، غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتل جي واقعن پٺيان جيڪي مکيه سبب موجود رهيا انهن ۾ مبينه طور تي ناجائز لاڳاپا رکڻ جو الزام، عورت پاران پسند جي شادي ڪرڻ ۽ گھريلو جهيڙا شامل آهن.

انساني حقن واري وفاقي وزارت پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق، جنوري 2012 کان سيپٽيمبر 2015 تائين ملڪ ۾ غيرت جي نالي تي قتل جا 860 واقعا رڪارڊ ڪيا ويا آهن. عورت فائونڊيشن پاران 2015 ۾ ساڳي نوعيت جا 178 واقعا رڪارڊ ڪيا ويا آهن.

لاهور سان تعلق رکندڙ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن سِدرا همايون پاران نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ غيرت جي نالي تي قتل جا جيڪي به واقعا رڪارڊ ڪيا ويا انهن مان 75 سيڪڙو پنجاب ۾ پيش آيا.
پنهنجي گھرن مان نڪري عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪرڻ سبب قتل ٿيڻ کان ذري گھٽ بچي ويل بلوچستان جي ڊيرا الهيار واري علائقي سان تعلق رکندڙ فدا حسين ۽ حسينه کان نيوز لينز پاڪستان پاران معلومات حاصل ڪئي وئي آهي.

فدا ٻڌايو ته سندس پيءُ غوث بخش کي سندن گھرن مان نڪري پسند جي شادي ڪرڻ جي 48 ڪلاڪن بعد حسينه جي مائٽن پاران قتل ڪيو ويو. هن جو چوڻ هو ته، غيرت جي نالي تي ٿيندڙ اهڙي هر هڪ قتل جي واقعي بعد رياست کي هڪ ڌر طور سامهون اچڻ گھرجي ته جيئن وڌيڪ جاني نقصان روڪي سگھجي.

سينئر وڪيل زين قاضيءَ نشاندهي ڪئي ته، ملڪ جي قبائلي سوچ وارن علائقن ۾ جرڳن وارو نظام (انصاف جو غير روايتي نظام) اڃان به موجود آهي، اهو جرڳائي نظام پاڪستان ۾ ڏوهن خلاف ڪم ڪندڙ انصاف جي عدالتي قانونن کي منصفاڻي انداز سان لاڳو ڪرڻ جي راهه آڏو رڪاوٽ بڻيل آهي.

”شديد ۽ اوچتو آيل ڪاوڙ“ انهيءَ نوعيت جي قانوني اصطلاح کي جوابدارن پاران غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتل ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران پنهنجي بچاءَ خاطر بنيادي دليل طور تي استعمال ڪيو ويندو آهي.

”ڪيمپ“ منصوبي تحت 2014 ۾ ڪرايل هڪ تحقيقي اڀياس جي نتيجي ۾ آگاهي ملي آهي ته، 73 سيڪڙو پاڪستاني متڀيد وارن رواجن کي غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتل جو سبب سمجهن ٿا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتل وارن واقعن پٺيان موجود سببن ۾ انهن رواجن جي حيثيت ٻئي نمبر تي ايندڙ مضبوط سبب آهي.

انساني حقن جا ڪارڪن ۽ وڪيل غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتل متعلق پاڪستان ۾ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ ترتيب ڏنل انصاف واري نظام ۾ موجود خرابين ۽ خامين جي نشاندهي ڪندا رهيا آهن.

پاڪستان پِينل ڪوڊ جو قلم 305 واضح ڪري ٿو ته ”وَلي“ (سار سنڀال ڪندڙ) خون معاف ڪري سگهي ٿو، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته پئسن عيوض يا الله جي راهه ۾ معافي، پر جيڪڏهن اهو قتل ڪارنهن الزام هيٺ ٿيو اهي ته ان ۾ معافي نه هوندي. ڪرمنل امينڊمينٽ لا 2004 تحت قاتل کي ڦاسي يا عمر قيد جي سزا ملي سگهي ٿي.

ڊيموڪريٽڪ ڪميشن فار هيومن ڊويلپمينٽ پاران پنجاب ۽ خيبرپختونخواه جي ٻن ضلعن ۾ ”قتل ڪيسن ۾ صلح جي اهميت“ جي عنوان سان 2005 ۾ ڪرايل هڪ تحقيقي اڀياس وسيلي ڪَڙو سچ سامهون آيو آهي.

انهيءَ اڀياس جي ليکڪ ۽ ڊي سي ايڇ ڊيءَ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر تنوير جهان نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتل جي 100 سيڪڙو واقعن ۾ کين اهو ئي نظر اچي ٿو ته عورت جي وليءَ (عورت جي پيءُ يا سنڀاليندڙ) پاران ديت جي قانون تحت پنهنجي قاتل پٽ يا ٻئي مائٽ کي پنهنجي ڌيءُ جو خون معاف ڪيو ويو.

تنوير جهان جو چوڻ هو ته، مرد جي مقابلي ۾ عورت جي خون بها به اڌ مقرر ٿيل آهي ۽ 2015 ۾ اها 1 لک 75 هزار روپيا مقرر هئي. ان جو سڌو مطلب اهو ٿيو ته هڪ قاتل جيڪو غيرت جي نالي تي قتل ڪري ٿو اهو مقتولا جي وارثن کي صرف هڪ لک روپيا ادا ڪري آرام سان سزا کان بچي سگھي ٿو.

تنوير جهان اهو پڻ ٻڌايو ته، حڪومت انهيءَ رجحان کي گھٽائڻ لاءِ غيرت جي نالي ٿيندڙ قتل کي ”معاف نه ٿي سگھندڙ“ ڏوهه قرار ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.

21 جولاءِ 2016 تي پارليامينٽ جي هڪ گڏيل ڪاميٽيءَ پاران غيرت جي نالي ٿيندڙ ڏوهن بابت بل 2016 جو مسودو اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي صلاحڪار ملڪ حُڪم خان نيوز لينز پاڪستان سان ٽيليفون وسيلي ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته، نئين قانون تحت عدالتون ان شخص، جنهن مٿان غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيندو تنهن کي ساڍن 12 سالن تي ٻڌل عمر قيد جي سزا لازمي طور ڏئي سگھنديون.

هن اهو پڻ واضح ڪيو ته، نئين قانون تحت به مقتول جي وارثن کي اهو حق حاصل رهندو ته اهي قاتل کي موت جي سزا معاف ڪري سگھندا. ملڪ حڪم خان ٻڌايو ته، باضابطه قانون جي شڪل ڏيارڻ لاءِ انهيءَ بل کي جلد پارليامينٽ ۾ پيش ڪري ان جي منظوري ورتي ويندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here