ڪوئٽه: دهشتگردي ۽ انتها پسنديءَ سبب سئنيما انڊسٽري زوال پذير، امن سان رونقون بحال ٿينديون

0
2382

ڪوئٽه(رپورٽ: عبدالمالڪ اچڪزئي) ڪوئٽه شهر سدائين پري وارين ٻهراڙين کان ايندڙ ماڻهن لاءِ ڪشش وارو علائقو رهيو آهي. اهي ماڻهو خريداري ۽ ٻين سرگرمين کانسواءِ شهر جي مختلف هنڌن تي ڦهليل سئنيمائن تي فلمون به ڏسن ٿا، پر دهشتگري، امن امان جي خراب صورتحال ۽ فرقيواراڻي تشدد سبب فلم انڊسٽري سخت متاثر ٿي آهي.

امداد سئنيما جي ڪشادي هال ۾ صرف 7 ماڻهو مختلف هنڌن تي ويهي پشتو فلم ”يارانه“ ڏسي رهيا هئا. ڇاڪاڻ ته عوامي جاين تي لاڳيتن دهشتگرد حملن سبب فلمون ڏسندڙن جو انگ گهٽجي ويو آهي. جڏهن ته ان کان اڳ وڏو انگ سئنيمائن جو رخ ڪندو هو. امداد سئنيما جي داخلي دروازي تي ويٺل ٽڪيٽن واري ڇوڪري عبدالقادر نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته اسان 800 کان 1000 تائين ٽڪيٽون وڪرو ڪندا هئاسين پر هاڻي رڳو 7 ماڻهو فلم ڏسي رهيا آهن.

ياد رهي ته نائين اليون واري واقعي کانپوءِ نيٽو پاران افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي خاتمي لاءِ ڪيل حملي بعد هڪ مدرسي جي شاگردن احتجاج ڪندي ڪوئٽه جي پختون آباد ۾ قائم ڪيپري سئنيما کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو هو.

ڪوئٽه جي مدرسي مان گريجوئيشن ڪندڙ 38 سالن جي مولوي محبوب جو خيال آهي ته اسلام ۾ ڪنهن به انسان جي جسم جون هلندڙ ڦرندڙ تصويرون ڏسڻ جي اجازت ناهي ۽ تفريح لاءِ ڪنهن جو بدن ڏسڻ گناه آهي.

بلوچستان يونيورسٽيءَ ۾ لسانيات تي کوجنا ڪندڙ 36 سالن جي ناصر احمد ٻڌايو ته جڏهن هن دوستن جي زور ڀرڻ تي فلم ”ٽائيٽينڪ“ ڏٺي هئي ته کيس محسوس ٿيو ته هن وڏو گناه ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس ڳوٺ جي مولوي کيس ٻڌايو هو ته جڏهن ڪو فلم ڏسڻ ويندو آهي ته سندس عقيدو در ٻاهران رهجي ويندو آهي ۽ جڏهن هو ٻاهر اچي ٿو ته ان جو ايمان ساڻس گڏجي وڃي ٿو.

25 سالن جي احسان الله جو چوڻ هو ته هو هفتي ۾ هڪ دفعو ضرور سئنيما تي ويندو آهي، توڙي جو وٽس ليپ ٽاپ، ڪيبل ۽ ٽي وي به آهي پر سئنيما تي فلم ڏسڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي. هن چيو ته تحفظ جي ڪٿي به ڪا گارنٽي ناهي، چاهي اهو چانهه جو اسٽال هجي، ميدان يا بازار ته پوءِ سئنيما تي وڃڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي.

هڪ سئنيما جي مالڪ نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ته سئنيما کان ڪجهه ميٽرن جي مفاصلي تي قائم ڪار پارڪنگ سئنيما کان هزار سيڪڙو وڌيڪ ڪمائي ٿي. هن چيو ته هي عمارت لکين روپين جي آهي پر هتي سئنيما جو ڪاروبار بهتر ناهي رهيو. حڪومت سئنيما انڊسٽري جي مدد ناهي ڪري رهي ۽ ماڻهو تمام گهٽ انگ ۾ فلمن تي اچن ٿا، ان لاءِ اسان پنهنجو ڪاروبار تبديل ڪرڻ تي مجبور آهيون.

هن وڌيڪ چيو ته عوامي جاين تي دهشتگرد حملن ۽ ماڻهن جي مرڻ سبب عوام سئنيما اچڻ کان ڪيٻائين ٿو. هوڏانهن 70 سالن جي حاجي مرتضي! خان ٻڌايو ته هو ٽولين جي شڪل ۾ افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل ۾ ڀارتي ۽ پشتو فلمون ڏسڻ ويندا هئا، ان وقت کين ڪوبه مسئلو نه هو ۽ نه ئي افغانين کي ڪو اعتراض هوندو هو.

هن چيو ته هاڻي زندگي مشڪل ٿي وئي آهي ۽ امن امان نه هئڻ سبب ڪير وڃي سئنيما تي فلمون ڏسي. اخبارون دهشتگرد ۽ بم حملن، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ فرقيواراڻي تشدد جي خبرن سان ڀريون پيون آهن، ان ڪري ماڻهو ڊنل آهن ۽ موت ڪنهن وقت به اچي سگهي ٿو.

واضح رهي ته سوويت يونين (روس) جي افغانستان تي حملي کان اڳ 1970ـ80ع ۾ ماڻهن کي طالبان يا مجاهدن بابت ڪا خبر به نه هئي، بس دنيا کي کاٻي ۽ ساڄي ڌر بابت ڄاڻ هئي. ان وقت هڪ طرف ڪميونسٽ ۽ ٻئي پاسي مذهبي انتهاپسندي هئي.

ڪوئٽه جي 68 سالن جي عزيزخان چيو ته پشاور ۽ ڪوئٽه کي ان ويڙهه دوران بيس ڪئمپ طور استعمال ڪيو ويو، تنهن ڪري انهن نون خيالن اسانجي امن واري سماج تي حملوڪري پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي.

هن ماضي کي ياد ڪندي ٻڌايو ته 1960 واري دور ۾ به اسان جو سماج امن ڀريو هيو، ڪوئٽه ۾ ان وقت سئنيما، بارس ۽ رجسٽرڊ ڳاڙهي بازار هوندي هئي. اهي سڀ ڊالر ذريعي گم ڪيا ويا ۽ انتهاپسندي کي هٿي ڏني وئي.

ياد رهي ته هڪ سال اڳ عصمت سئنيما جي جاءِ تي شاپنگ مال ٺهي چڪو آهي جتي روزانو سوين ماڻهو اچن ٿا.

گنڌارا آرگنائيزيشن فار ڪلچر جي چيف ايگزيڪيوٽو ثناء اعجاز خان جو چوڻ هو ته سئنيما نه رڳو تفريح آهي پر اهو عوام جي رهنمائي جو هڪ طريقو به آهي. هن چيو ته اسانجي طبقن ۾ ورهايل سماج، جيڪو خوف ۽ دهشتگرديءَ جي ور چڙهيل رهيو آهي، لاءِ سئنيما جهڙي تفريح وينٽيليٽر جيان آهي.

بلوچستان يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي چيئرمين سليمان راجا چيو ته خاندان ڪوئٽه ۾ سئنيما تي وڃي سگهن ٿا ۽ فلم انڊسٽري هڪ هنڌ بيهڻ واري ناهي، دنيا جي وڏي ٽيڪنالاجي پهريان وي سي آر، سي ڊي ۽ هاڻي يو ايس بي ۽ آن لائين اسٽريمنگ سئنيما جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته انهيءَ ٽيڪنالاجيءَ سان ماڻهو صرف 30 روپين ۾ سڄي مووي ڏسي سگهي ٿو.

هن وچيڪ چيو ته حڪومت کي فلم انڊسٽريءَ کي ترقي ڏيارڻ گهرجي ۽ اسان جي نوجوانن ۾ تمام گهڻي اهليت ۽ تخليقي صلاحيت آهي. سندس چوڻ هو ته اسان وٽ ڏسڻ لاءِ تمام دلچسپ فلم ”وار“ موجود آهي. ان موويءَ مان ظاهر آهي ته اسانجي فلم انڊسٽري مئي ناهي پر ان ۾ اڃان به اهليت موجود آهي.

سليمان راجا ان خيال سان سهمت ناهي ته ڪو دهشتگرديءَ جي ڪري ماڻهو فلمون نه ٿا ڏسن، هن چيوته تازو ئي هزارين خاندانن ۽ نوجوانن ڪوئٽه ميلي ۾ شرڪت ڪئي. هن صلاح ڏني ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي علائقائي ثقافت ۽ ٻولين سنڌي، پشتو، پنجابي ۽ بلوچي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

ڪوئٽه جي 56 سالن جي رهواسي نذير خان پانيزئي جو چوڻ هو ته شهر ۾ 9 سئنيمائون هنيون پر هاڻي حملن جي ڊپ سبب ماڻهو ان پاٻوه سان اتي نٿا وڃن.

بلوچستان جي وڏي وزير جي پاليسي ريفارم يونٽ جي بدرخان، نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ته سئنيما وڻندڙ احساس مهيا ڪري ٿي پر ان لاءِ پختون سماج ۾ جاءِ گهٽ آهي ڇاڪاڻ ته اهي مذهبي حساب سان ان کي درست نٿا سمجهن. هن وڌيڪ چيو ته سئنيما انڊسٽري سماج ۾ امن ۽ رواداري آڻي سگهي ٿي ۽ امن امان جي بهتر صورتحال هن شعبي کي ٻيهر عروج ڏئي سگهي ٿي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here