سوات ۾ ڪارنهن هيٺ قتلن ۾ واڌ، قانوني سازي جي گهر

0
2571

سوات: پاڪستان جي اترواري علائقي سوات ضلعي اندر ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل، خاندان جي منصوبه بندي ۽ ڳٺ جوڙ سبب اڳتي نه وڌي رهيا آهن، ان لاءِ پوليس اهو سوچي رهي آهي ته هاڻي اهڙا ڪيس رياست طرفان داخل ڪيا ويندا.

اها ڳالهه سوات جي ضلعي پوليس آفيسر (ڊي پي او) اعجاز خان، نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌائي. هن جو چوڻ هوته ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل سوات جو اهم مسئلو ٿي ويو آهي، پر رياست طرفان ڪيس داخل ٿيڻ بعد انهن ڪيسن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو.

عورتن جي حقن بابت ڪم ڪندڙ تنظيم جي انگن اکرن موجب سوات ضلعي ۾ 2017 دوران هر مهيني اٽڪل 4 عورتون ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪيون ويون. سماجي تنظيم جي ڊائريڪٽر عرفان حسين ٻڌايو ته سوات ۾ ڪارنهن تحت قتل وڌي رهيا آهن ۽ اهڙن قتلن کي آپگهات جو رنگ به ڏنو وڃي ٿو.

هن ٻڌايو ته 2016 دوران سوات ضلعي ۾ 53 عورتن کي ڪارنهن جي الزامن هيٺ ماريو ويو، جڏهن ته پوليس انهن انگن اکرن کي وڌاءُ سمجهي ٿي، ضلعي جاچ پوليس موجب 2016 ۾ 11 عورتون ۽ 2017 دوران 6 عورتن کي قتل ڪيو ويو.

پوليس عملدارن جو چوڻ هو ته سوات ۾ ويڙهه واري وقت ۾ اهو ريشو گهٽ هيو پر طالبان بعد امن قائم ٿيڻ کانپوءِ اهو انگ وڌي ويو آهي. هنن جو خيال هو ته موبائيل فون جي استعمال سبب اهڙا واقعا وڌي رهيا آهن، ڇو ته ان سان هن سخت گير معاشري ۾ رابطا وڌي وڃن ٿا.

ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ پوليس حبيب الله، نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته اهي قتل اڪثر خاندان جا ماڻهو ئي ڪندا آهن، ان ڪري انهن کي ڳجهو رکيو ويندو آهي يا جرڳن ذريعي معاملا حل ڪيا ويندا آهن. جيڪڏهن پوليس جوابدار گرفتار به ڪيا ته اهي عدالت ۾ شاهدي ڏيڻ ناهن ايندا.

بار ڪائونسل جي ميمبر ۽ سينئر وڪيل سهيل سلطان جو چوڻ هو ته سوات جي پاٽا ۾ شامل ٿيڻ بعد به پاڪستان ۾ موجود عورتن جي حقن بابت قانون هتي لاڳو نٿا ٿين، ان ڪري ڪارنهن جي واقعن ۾ واڌ ايندي رهي ٿي.

سوات ۾ عورتن واري جرڳي جي سربراه تبسم عدنان ٻڌايو ته گذريل سال، چار ڪيس سندن ڄاڻ ۾ آيا جن ۾ عورتن کي قتل ڪيو ويو هو پر اهي آپگهات ظاهر ڪيا ويا اهو سڀ ڪجهه موثر قانون نه هجڻ سبب ٿي رهيو آهي.

سماجي ڪارڪن اقبال جهان جو خيال هو ته ثقافتي ۽ تاريخي روايتون سوات ۾ ڪارنهن جي واقعن ۾ واڌ جون ذميوار آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ڪا ڇوڪري شاديءَ کان انڪار ڪري ٿي ته ان کي سماج سٺو نٿو سمجهي ۽ پسند جي شادي به ڄڻ ته خراب تصور ڪئي

وڃي ٿي. جڏهن ته ڪارنهن جي الزام بعد ان کي نجي معاملو سمجهيو ويندو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اهڙا واقعا اڳ ۾ رپورٽ نه ٿيندا هئا پر ميڊيا جي ڪري هاڻي اهي رپورٽ ٿين ٿا.

علائقائي جرڳي جي ميمبر رحمت شاهه جو چوڻ هو ته هو اڳي ڪارنهن واقعن جا جرڳا ڪندا هئا پر جڏهن کان پوليس انهن ڪيسن تي ايڪشن ڪڻڻ شروع ڪيو آهي، تڏهن کان هو اهڙن ڪيسن ۾ هٿ نٿا وجهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here