لاهور: جيڪڏهن توهان پنهنجي صحت جي سلامتي چاهيو ٿا ته پوءِ ريسٽورينٽ اندر پنهنجي پسنديده کاڌي جو جائزو وٺندئو ته ٿي سگھي ٿو جيڪا آخري ڳالهه توهان جي ذهن ۾ ڦيرا پائيندي رهندي اها ويٽر جي صحتمنديءَ واري حالتن سان لاڳاپو رکندڙ بيهڪ ئي هوندي. جيئن ئي توهان پنهنجي کاڌي کي اٿلائي پٿلائي ڏسڻ لڳندئو ته ٿالهيءَ مٿان ان جو تباهه ڪُن ذائقو نظر اچڻ لڳندئو، انهن نظر نه ايندڙ جيوڙن جي تصوير ڪشي ڪرڻ انتهائي مشڪل آهي جيڪي کاڌي اندر موجود هجڻ جي ڪري ڪجهه موذي بيمارين لڳڻ جو سبب بڻجي سگھن ٿا.

پنجاب فوڊ اٿارٽي (پي ايف اي) پاران ويجهڙائيءَ ۾ رت جي نمونن جي تفصيلي چڪاس جي نتيجن مان معلوم ٿيو آهي ته لاهور جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪم ڪندڙ 4572 بيرا (ويٽر) کاڌي جي اهڙين خرابين جي حوالي سان ڀيانڪ سببن جا ذميوار ٿي سگھن ٿا.

شهر جي مشهور کاڌن واري مرڪز جي واحد خوبي سندس شاهوڪار تاريخ ئي آهي جيڪا صاف سٿري کاڌي جي معيار واري حوالي کان پستيءَ جو شڪار رهندي آئي آهي. اهڙن معاملن ۾ پنجاب فوڊ اٿارٽيءَ جو ڪردار انتهائي اهميت وارو ٿي پوي ٿو. اها ڪا گھڻي پراڻي ڳالهه به نه آهي، جڏهن عائشه ممتاز پنجاب فوڊ اٿارٽيءَ جي ڊائريڪٽر آپريشن هئي جنهن شهر جي ڪجهه نالي چڙهيل کاڌي جي مرڪزن جي حقيقي صورتحال وائکي ڪري شهه سُرخين کي پيدا ڪري ورتو هيو.

پنجاب فوڊ اٿارٽيءَ جي آخري عوامي پڌرائي يا فيس بوڪ وارو پيج کاڌي سان پيار ڪندڙ هر هڪ ماڻهوءَ لاءِ ”گيسٽروناميڪل“ (سٺي کاڌي پچڻ ۽ کائڻ) جي حوالي کان هڪ نقشي جي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي.

ڪيترن ئي هوٽلن جي بورچيخاني ۽ صفائيءَ سٿرائيءَ وارن ٻين انتظامن جو جائزو وٺبو ته انهن جي کاڌي جي معيار تان ويساهه ئي کڄي ويندو. لاهور شهر ۾ جتي پيار جو اظهار ۽ تفريح جو موقعو به سٺي کاڌي وسيلي هٿ ڪيو ويندو آهي ان پسمنظر ۾ پنجاب فوڊ اٿارٽيءَ جون ويجهڙائيءَ ۾ ٿيل ڪوششون ماڻهن جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهن.

نيوز لينز پاڪستان پاران حاصل ڪيل تفصيلن مطابق شهر جي کاڌي جي مرڪزن ۾ ڪم ڪندڙ ويٽرن مان سراسري طو تي 28 ڄڻا موذي بيمارين ۾ ورتل آهن. انهن مان سڀ کان تيزيءَ سان ڦهلجندڙ بيمارين ۾ هيپاٽائيٽس سي آهي. معلوم ٿيو آهي ته 756 ڄڻا هيپاٽائيٽس بي، 26 ڄڻا ٽي بيءَ ۾ ورتل آهن ۽ ڳالهه اتي ئي نه ٿي ختم ٿئي پر 03 ڄڻا ته اهڙا آهن جيڪي ايڇ آءِ وي/ايڊز جا مريض آهن.

بيمارين ۾ ورتل اهڙن ويٽرن کي پنجاب فوڊ اٿارٽيءَ پاران ريڊ ڪارڊ (خطري جي علامت وارا ڪارڊ) ڏنا ويا آهن. پنجاب فوڊ اٿارٽيءَ جي ڊائريڪٽر جنرل نورالامين مينگل نيوزلينز کي ڄاڻ ڏني آهي ته ”اهڙا پورهيت پنهنجو علاج پاڻ ڪرائي سگھڻ جي قابل نه آهن ان ڪري کين سرڪاري خرچ تي علاج جون سهولتون مهيا ڪيون وينديون، اهي پورهيت جن مالڪن وٽ ڪم ڪري رهيا آهن، هو انهن کاڌي وارن مرڪزن جا دورا ڪندا رهندا ته جيئن جاچ لهي سگھجي ته سندن اداري جي هدايتن تي عمل ڪيو پيو وڃي يا نه“.

کاڌي واري صنعت سان لاڳاپيل پورهيتن سان رابطو ڪيو ويو ته انهن سٺي صحت جي اهميت واري نزاڪت سان اتفاق وارو اظهار ڪيو. خاص ڪري مٿي ذڪر ڪيل انهن موذي مرضن جي علاج جي سلسلي ۾ به مثبت جواب ڏنو جن جا جراثيم کاڌي وسيلي بيمار پورهيت معرفت هڪ صحتمند ماڻهوءَ کي به وچڙي سگھن ٿا. انهيءَ معاملي کي سخت قدم کڻڻ کانسواءِ حل ڪرڻ ممڪن نه آهي خاص ڪري انهيءَ سبب جي ڪري ته اهو معاملو صحت ۽ تندرستيءَ سان لاڳاپيل آهي.

پنجاب فوڊ اٿارٽيءَ جي تازه ترين جاچ رپورٽن بابت جڏهن عام ماڻهن کان سندن راءِ معلوم ڪئي وئي ته انهن سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. کانئن جڏهن معلوم ڪيو ويو ته حقيقت سامهون اچڻ کانپوءِ کاڌي کائڻ وارن هنڌن ڏانهن معمول مطابق وڃڻ واري سندن سرگرميءَ تي ڪيترو اثر پيو آهي ته ان جي جواب ۾ ماڻهن ٻڌايو ته هنن گھر کان ٻاهر کاڌو کائڻ وارين سرگرمين کي گھٽائي ڇڏيو آهي.

لاهور جي کاڌي وارن مرڪزن جي مالڪن کان جڏهن بورچيخاني ۽ سندن ملازمن جي صفائيءَ سٿرائيءَ سان لاڳاپو رکندڙ معاملي بابت سوال پڇيا ويا ته هنن اها دعويٰ ڪئي ته صفائيءَ جي اعليٰ معيار خاطر اها پورهيتن جي مرضِي آهي ته بورچيخاني ۾ ڪم ڪرڻ وقت مٿي تي ٽوپي ۽ هٿن تي پلاسٽڪ جا دستانا پائين ٿا يا نه. ان هوندي به ويٽر ۽ کاڌو مهيا ڪندڙ ڄاڻايل احتياطي اپاءَ اختيار ڪرڻ جا هيراڪ نه آهن جنهن ڪري انهيءَ شعبي ۾ سڌارا آندا پيا وڃن. جڏهن ته اهو ڪهڙو طريقو آهي جنهن وسيلي اها پڪ ڪري وٺجي ته اهي بيمارين کان آجا آهن هوٽلن مالڪن جو چوڻ هو ته ان معاملي جو اڪيلو حل اهو ئي آهي ته سندن رت جي نمونن جي مستقل چڪاس ٿيندي رهي.

کاڌي جي صنعت سان تعلق رکندڙ اڪثر پورهيت گھٽ آمدنيءَ واري طبقي سان تعلق رکن ٿا جنهن ڪري سندن زندگي گذارڻ وارو معيار به خامين سان ڀريل هوندو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ ئي هو بيمارين جو شڪار ٿين ٿا. تعليم ۽ جاڳرتا جي کوٽ بيمارين جي سڃاڻ توڙي بروقت علاج ڪرائڻ ۾ رخنو پوڻ جو سبب بڻجي ٿي ۽ بيماري وڌي وڃڻ کانپوءِ ته وٽن ايترا مالي وسيلا به نه هوندا آهن جو علاج مڪمل ڪري سگھن. اهڙن ماڻهن کي سندن بيماريءَ جي ڪري نظرانداز ڪرڻ يا ڌڪارڻ مسئلي جو حل نه آهي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته کين بيمارين بابت ڄاڻ ڏني وڃي ۽ کين سستي اگھ تي دوائون توڙي علاج جون ٻيون سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن ته جيئن هو ان مشڪل صورتحال مان نڪري سگھن.

ٻئي پاسي هوٽلن واري صنعت لاءِ ضروري آهي ته کاڌي جي ڪم سان سڌيءَ ريت واسطو رکڻ وارن پورهيتن جي چونڊ وقت کين وڌيڪ محتاط رهندي صحتمند فردن جي چونڊ کي اوليت ڏيڻي پوندي، ڇو ته پسند جي هڪ هوٽل ۾ سوادي ماني کائڻ جهڙي سادي ڪم جو نتيجو ايترو خطرناڪ ڪنهن به صورت ۾ نڪرڻ نه گھرجي جنهن جو پڇتاءُ سڄي عمر رهندو اچي.

ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن لاهور جي سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر سلمان ڪاظميءَ نيولينز کي ٻڌايو ته هيپاٽائيٽس بي توڙي سي ۽ ايڊز رت ۾ پيدا ٿيندڙ بيماريون آهن ۽ اها بيماري مريض وسيلي سڌيءَ ريت ٻين ماڻهن تائين ڦهلجندي آهي. مثال طور جيڪڏهن ايڊز جي جراثيمن وارو ڪو به پاڻياٺ ڪنهن سبب جي ڪري کاڌي ۾ شامل ٿي ويندو ۽ کاڌي کي ڪيتري دير تائين تيز باهه تي پچايو ويندو ته بيماريءَ جا جراثيم ان صورت ۾ سڙي ختم ٿي ويندا پر کاڌو اڌ پڪل يا ڪچو هوندو يا وري ٿڌو هوندو ته ان صورت ۾ بيماريءَ جا جراثيم آسانيءَ سان کاڌي کائڻ واري جي جسم ۾ منتقل ٿي پوندا. هن اهو پڻ چيو ته ٽي بي آسانيءَ سان وچڙندڙ بيماري آهي ۽ اها بيماري ته صرف کنگهه ۽ ساهه کڻڻ وسيلي به منتقل ٿي وڃي ٿي.

Leave a Reply