اسلام آباد (رحمت محسود وٽان) اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين چيو آهي ته، حڪومت اڻ سڌا ٽيڪس لاڳو نه ٿي ڪري سگھي، ڇاڪاڻ ته شريعت ان جي اجازت نه ٿي ڏئي ۽ اهي اسلامي تعليم سان مطابقت رکندڙ نه آهن.

اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين مولانا محمد خان شيرانيءَ نيوز لينز پاڪستان کي خصوصي انٽرويو ڏيندي چيو ته اڻ سڌا ٽيڪس واهپيدارن مٿان سڌيءَ ريت اثرانداز ٿيندا آهن ۽ اهڙو ڪو به عمل جيڪو عام ماڻهن ۽ ضرورتمندن کي ڪا سهولت مهيا نه ڪندو هجي اسلام ۾ اهڙي عمل جي منع ٿيل آهي.
هن تبصرو ڪندي چيو ته ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته، اسلامي تعليم تحت شين جي ذخيره اندوزي يا دولت گڏ ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي.

گذريل سال، عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاران لاڳو ڪيل پابندين جي پسمنظر ۾ پاڪستان جي خزاني واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پاران 40 ارب جا جيڪي نوان ٽيڪس مڙهيا ويا انهن کي ٿلهي ليکي ”مِني بجيٽ“ قرار ڏنو ويو ۽ نيوز لينز پاڪستان ان متعلق معلومات مهيا ڪئي هئي.

اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آءِ سي سي آءِ) جي ميمبر عاطف اِڪرام شيخ انهن وقتن ۾ مني بجيٽ جي تشريح ڪندي خبردار ڪيو هيو ته نئون بجيٽ نه صرف ٽيڪسن جي ڍانچي کي غيرمستحڪم ڪندو پر غربت ۽ بيروزگاريءَ ۾ واڌ جو سبب به بڻجندو.

قومي سطح جي ڪنهن به معاملي کي جائزي هيٺ آڻيندي بعد ۾ ان بابت پارليامينٽ ڏانهن سفارشون اماڻڻ جي سلسلي ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي حاصل اختيارن بابت هڪ سوال جو جواب ڏيندي مولانا محمد خان شيرانيءَ ٻڌايو ته ”آئين جي شق 230 اي تحت اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي اختيار حاصل آهي ته هي ادارو (پارليامينٽ جي) ڪنهن به ايوان، هڪ صوبائي اسيمبليءَ ۽ ٻين کي، ڪنهن به مجوزه قانون متعلق صلاحون ڏئي سگھي ٿو جيڪو هن اداري ڏانهن ان ارادي سان جائزي وٺڻ لاءِ اماڻيو ويو هجي ته اهو اسلام جي تعليم مطابق آهي يا ان سان ٽڪراءَ ۾ ايندڙ آهي. ڪائونسل بااختيار آهي ته ملڪ اندر لاڳو قانونن متعلق به پنهنجون تجويزون ڏئي سگھي ٿي ته اهي قانون اسلامي تعليم سان مطابقت رکندڙ آهن يا نه“.

جڏهن ته رابطو ڪرڻ بعد قائداعظم يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ اڪنامڪس شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر جاويد اقبال جو چوڻ هيو ته، عوامي نوعيت جي مالياتي معاملن جي پسمنظر ۾ تڪراري معاملو اهو آهي ته ٽيڪسن جي ڍانچي ۾ سڌن ٽيڪسن کي ترجيح ڏيڻ گھرجي يا اڻ سڌن ٽيڪسن تي ڀاڙڻ گھرجي.

ڊاڪٽر جاويد اقبال جو موقف هو ته يقينن سڌن ۽ اڻ سڌن ٽيڪسن جون پنهنجون پنهنجون خرابيون ۽ سٺايون آهن جنهن ڪري هڪ سٺي ٽيڪسن واري نظام کي انهن ٻنهي نوعيت وارن ٽيڪسن جو برابريءَ تي ٻڌل مجموعو هجڻ گھرجي.

جڏهن ته مولانا محمد خان شيرانيءَ جو چوڻ هو ته اسلام ۾ اڻ سڌا ٽيڪس لڳائڻ جي رتيءَ برابر به گنجائش موجود نه آهي. محصول سڌيءَ ريت عام واهپيدار مٿان ته لاڳو ئي نه ٿيڻ گھرجن ان بجاءِ اهي صنعتڪارن ۽ واپارين کان اوڳاڙڻ گھرجن.

انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽيءَ (آءِ آءِ يو) جي انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ اڪنامڪس جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرشيد اي ميل وسيلي اماڻيل پنهنجي جواب ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ترقيءَ ڏانهن وڌندڙ پاڪستان جهڙن ملڪن کي سڌن ٽيڪسن جي ڀيٽ ۾ اڻ سڌن ٽيڪسن تي وڌيڪ ڀاڙڻو پوندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ملڪ امير شهرين کان ٽيڪس اوڳاڙي ناهن سگھندا.

اسلام آباد سان تعلق رکندڙ هڪ تجزئي نگار حامد خان موجب ته اڻ سڌا ٽيڪس، عام واهپيدارن مٿان سڌيءَ ريت اثرانداز ٿين ٿا، جن مٿان افراط زر جي موجوده شرح مطابق وڌيڪ مالي بار نه وجهڻ گھرجي.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حڪومت وٽ اڻ سڌا ٽيڪس لاڳو ڪرڻ کان علاوه ڪو ٻيو حيلو وسيلو نه آهي ته پوءِ حڪومت کي گھرجي ته اها ”ڀت تي وڌيڪ ڌڪ هڻڻ“ واري چوڻي مطابق ٽيڪس وصولين جي دائري کي وڌائي پنهنجي آمدنيءَ ۾ اضافي وارو رستو ڪڍي وٺي.

حامد خان جو موقف آهي ته، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين پاران ملڪ جي منجهيل ٽيڪس نظام، جنهن ۾ وڏن وڏن سرمائيدارن کي ٽيڪس ڇوٽ مليل ۽ ننڍن واپارين مٿان ڳرا ٽيڪس پيل آهن، متعلق جيڪا ڳالهه ڇيڙي وئي آهي اها هڪ نه ختم ٿي سگھندڙ بحث کي جنم ڏيندي.

واهپيدارن مٿان سڌيءَ ريت لاڳو ٿيندڙ ٽيڪسن خلاف عام ماڻهو ۽ واهپيدار پهريان ئي پنهنجي خدشن ۽ اعتراضن جو چٽيءَ ريت اظهار ڪندا رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ نين ٽيڪسن تي ٻڌل مِني بجيٽ جو اعلان ٿيڻ جي ڪري عام استعمال وارين شين جي قيمتن ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي آهي.

اسلام آباد ۾ هڪ هوٽل جي مالڪ احمد تقيءَ جو چوڻ هو ته، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين جيڪي سفارشون متعارف ڪرايون آهن انهن تي سندن روح موجب عمل ٿيڻ گھرجي.

هن حڪومت مٿان الزام هڻندي چيو ته، اها معاشري جي غريب ۽ پيڙهيل طبقن مٿان اڻ سڌا ٽيڪس هڻي انهن کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻائي رهي آهي. پاڪستان هڪ اسلامي ملڪ آهي ۽ حڪومت کي هر صورت ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين جي بيان کي نه صرف ڪن کولي ٻڌڻ گھرجي پر سندس فيصلي کي عملي طور لاڳو پڻ ڪرڻ گھرجي.

فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) جي هڪ سينيئر عملدار، جيڪو ميڊيا کي موقف ڏيڻ متعلق بااختيار نه آهي، پنهنجو نالو راز ۾ رکڻ جي شرط تي نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته اڻ سڌن ٽيڪسن يا مِني بجيٽ کي لاڳو ڪرڻ کانسواءِ حڪومت وٽ ٽيڪس سان لاڳاپيل معاملن کي حل ڪرڻ جو ٻيو ڪو به رستو موجود نه آهي.

ان هوندي به ايف بي آر جي ساڳئي عملدار، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين پاران اڻ سڌن ٽيڪسن کي اسلامي تعليم سان ٽڪراوَ ۾ ايندڙ عمل قرار ڏيڻ متعلق، ڪو به تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

هن ٻڌايو ته، پاڪستان جي لڳ ڀڳ 3 سيڪڙو آبادي ٽيڪس ادا ڪرڻ وارا گوشوارا جمع ڪرائي ٿي يا انڪم ٽيڪس ادا ڪري ٿي، اها شرح عالمي سطح جي گھٽ شرحن مان هڪ آهي.

ايف بي آر جي عملدار جو چوڻ هو ته، ملڪ جا 70 لک ماڻهو اهڙا آهن جيڪي انڪم ٽيڪس ڏيڻ جي لائق آهن.

اسلامي نطرياتي ڪائونسل جي چيئرمين جو موقف آهي ته ”ٽيڪس صرف آمدنيءَ تي ئي لاڳو ڪري سگھجي ٿو. عام واهپيدارن مٿان ضرورت جون شيون خريدڻ جي صورت ۾ سڌيءَ ريت ته ٽيڪس لاڳو ئي نه ٿو ڪري سگھجي“. هن پنهنجي موقف کي ورجائيندي چيو ته ”ٽيڪس وڏن وڏن صنعتڪارن ۽ واپارين مٿان ئي لاڳو ڪري سگھجي ٿو جيڪي پنهنجون شيون وڪرو ڪري ناڻو ڪمائن ٿا.

ڊاڪٽر جاويد اقبال هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته امير ۽ خوشحال پاڪستاني ٽيڪس ڇوٽ حاصل ڪري وٺن ٿا جنهن ڪري ٽيڪسن جو سڄو بار غريبن ۽ عام ماڻهن مٿان اچي ڪري ٿو.

مولانا شيرانيءَ جو خيال هو ته، ڊالر وارن نوٽن جو دٻدٻو ان ڪري آهي ڇو ته آمريڪا بذات خود هڪ طاقتور ملڪ آهي نه ته ڊالر محض ڪاغذ جو هڪ ٽڪرو آهي جنهن جي ڪا به اهميت نه آهي. سندس خواهش آهي ته سموري دنيا ڪاغذي نوٽ ختم ڪري سون وسيلي معيشت هلائي.

انڪم ٽيڪس ڊپارٽمينٽ جي هڪ سينيئر عملدار، پنهنجو نالو راز ۾ رکندي، تحريري صورت ۾ اماڻيل جواب وسيلي آگاهه ڪيو آهي ته، ملڪ جي 36 لک رجسٽرڊ ووٽرن مان 10 لکن کان وڌيڪ ماڻهن انڪم ٽيڪس جا گوشوارا جمع ڪرايا آهن.

هوڏانهن ڊاڪٽر رشيد جو چوڻ هو ته سندس تحقيق مطابق، ٽيڪسن جي ڇوٽ ۽ مني لانڊرنگ جي ڪري لڪايل يا ڪاري ناڻي واري معيشت توڙي ان سان جڙيل معاشي سرگرمين جو ڪو به ڏس پتو ناهي ملندو ۽ پاڪستان ۾ اهڙي قسم جو سرگرميون هاڻي اڃان به وڌيڪ زور وٺڻ لڳيون آهن.

هن ٻڌايو ته هن وقت ملڪ اندر، پاڪستانين پاران غير ملڪي سطح تي آف شور ڪمپنيون قائم ڪرڻ بابت گوڙ ۽ شور متل آهي جن موزون ۽ مناسب انداز سان ٽيڪس ادا ناهي ڪيو، ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسانکي انهن ماڻهن سان ڪوئي مسئلو نه آهي پر جيڪڏهن ڪوئي مسئلو آهي ته اهو اسانکي پنهنجي ڪرپشن سان ڀريل ٽيڪس نظام سان آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here