ڪراچي (فرحانه نيازيءَ وٽان) ڪراچيءَ جي مرڪزي علائقي لڪي اسٽار ۾ هڪ دڪاندار گراهڪن جو انتطار ڪري رهيو هيو ته ايتري ۾ هن جي دڪان ٻاهران اڇي رنگ جي هڪ ڪار اچي بيٺي، جنهن مان هڪ شخص لهي دڪان تي آيو ۽ اچڻ سان ئي اٺ جي کير جي پُڇا ڪيائين.

دڪان جي مالڪ عدنان موجب، هو روزانو هڪ سئو لٽر اٺ جو کير آرام سان وڪرو ڪري وٺندو آهي، هن جو دڪان رات دير تائين کليل هوندو آهي ۽ هو روزانو اٺ جو تازو کير ئي وڪرو ڪري ٿو.

Camel Milk
:Photo by Farhana Niazi / News lens Pakistan.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي عدنان ٻڌايو ته اٺ جي کير وٺڻ وارن گراهڪن ۾ گھڻائي انهن جي آهي جيڪي هيپاٽائيٽس، هائپرٽينشن ۽ ڪينسر جهڙن مرضن مان ڇوٽڪارو وٺڻ لاءِ ان کير کي دوا طور استعمال ڪن ٿا، ڇو ته اهڙن ماڻهن کي يقين آهي ته اٺ جو کير واپرائڻ سان سندن جند انهن بيمارين مان آجي ٿي پوندي. ايتري تائين جو ڪيترن مريضن کي سندن ڊاڪٽر به اٺ جو کير واپرائڻ جي صلاح ڏيندا رهن ٿا.

عدنان وڌيڪ ٻڌايو ته هو اٺ جي کير جو هڪ لٽر 4 سو روپين عيوض وڪرو ڪن ٿا. ڳوٺ ۾ سندن اٺن جو پنهنجو ڌڻ آهي ۽ کير جي طلب وڌي وڃڻ سبب ڪڏهن ڪڏهن ته کير دبئيءَ مان به گھرائيندا آهن. هي منافعي وارو ڪاروبار نه آهي، پر هو هن ڪِرت سان ان ڪري به ملهائيندا پيا اچن ته ماڻهن جي ڪم اچڻ سبب الله کين اَجر ڏيندو.

اٺ جو کير هاڻي ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي علائقن صدر، بَرنس روڊ، ناظم آباد ۽ ڪلفٽن جي ڪيترن ئي دڪانن تي آسانيءَ سان ملي وڃي ٿو. پهريان اهو کير صرف ابراهيم حيدريءَ ۾ ئي ملي سگھندو هيو. جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ ته اهو کير هاڻي مختلف ذائقا وجهي بوتلن ۾ ڀري وڪرو ڪيو وڃي ٿو. ڪجهه ويب سائيٽن تي اها پيشڪش ڪئي وڃي ٿي ته کير خريد ڪرڻ جي صورت ۾ اهو گھرن تائين مفت ۾ پهچايو ويندو. پاڪستان جي ريگستاني علائقن کان علاوه اٺن جي پالنا سامونڊي علائقن ۾ به ڪئي وڃي ٿي. اٺ جي کير جي فائدن بابت حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جون ڪيتريون ئي حديثون پڻ موجود آهن.

اٺ جو کير وڪرو ڪندڙ دڪاندار عدنان جو چوڻ هو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ اسان جي ڪاروبار ۾ گھڻو اضافو ٿيو آهي، جيئن ته تندرستي حاصل ڪرڻ خاطر ماڻهن جو هن کير تي ڀروسو وڌيو آهي انهيءَ ڪري ئي کير جي طلب ۾ واڌارو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ شهر اندر کير جي وڪري جا ڪيترائي نوان دڪان کلي پيا آهن.

34 سالن جي شهريار ٻڌايو ته، هو هفتي ۾ هڪ ڀيرو اٺ جو کير واپرائيندو آهي. هن ٻڌايو ته، هن جو جگر سُڄي ويندو هيو ۽ جڏهن کان هن اٺ جو کير واپرائڻ شروع ڪيو آهي تڏهن کان هن جي صحت بهتر ٿي رهي آهي. پهريان هن ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايو، جگر جون ڪيتريون ئي ٽيسٽون ڪرايون ۽ تمام مهانگيون دوائون استعمال ڪندو هيو پر ڪو به فائدو نه ٿيو. آخر ۾ هو هڪ حڪيم وٽ ويو ته ان کيس اٺ جو کير واپرائڻ جي صلاح ڏني.

پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچيءَ ۾ علاج جون جديد سهولتون ته پهريان ئي موجود هيون، هاڻي اسلامي طريقي وارو علاج به ماڻهن ۾ تيزيءَ سان مشهوري ماڻڻ لڳو آهي، جنهن کي ”پيغمبري طب“ طور به ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. ”پيغمبري طب“ جي حوالي سان ٽي وي چينلن تان پروگرام نشر ٿي رهيا آهن ۽ اخبارن ۾ ان متعلق تفصيلي ليک شايع ڪيا وڃن ٿا. تازو ئي اهڙي علاج جي مشهوريءَ خاطر ايس ايم ايس سروس به شروع ڪئي وئي آهي.

65 سالن جي محمد طارق، جيڪو شگر ۽ دل جي عارضي ۾ مبتلا آهي، ان تندرستيءَ خاطر اجوا کارڪون کائڻ شروع ڪيون آهن. محمد طارق ٻڌايو ته اجوا کارڪ جي فائدن بابت هن هڪ سياڻي ماڻهوءَ کي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ٻڌو، ان بعد ئي هن اجوا کارڪ جي کوکڙيءَ جو چُورو استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته، اهو چُورو واپرائڻ کانپوءِ هو پاڻ کي چاق ۽ تندرست محسوس ڪري ٿو، انهيءَ چُوري جي استعمال سبب رت ۾ گلوڪوز جي سطح نه ٿي وڌي. محمد طارق جو چوڻ هو ته ٽن ڏينهن دوران هو 3 اجوا کارڪون به کائيندو آهي ۽ ان بعد ٽن ڏينهن جو وقفو ڪندو آهي.

اسلامي تعليم مان معلوم ٿئي ٿو ته حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن مديني شريف ۾ اجوا جا وڻ پوکيا هئا ۽ ماڻهن کي يقين آهي ته اجوا وڻ جون کارڪون سندن طبي عارضن جي علاج لاءِ انتهائي مفيد آهن. عاصمه فريد، گھريلو عورت آهي جيڪا گذريل ڪجهه سالن کان شگر جي مرض ۾ مبتلا آهي. سندس دعويٰ آهي ته هو نِگيلا جا ٻج مستقل طور تي واپرائيندي آهي، ڇاڪاڻ ته قرآن پاڪ ۽ حديث ۾ چيل آهي ته اهي هر مرض جو علاج آهن. رت ۾ گلوڪوز جي مقدار کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هو نِم جي پنن جو پيٺل ٻُورو به واپرائيندي آهي.

اسلامي لباس ۽ اسلامي بينڪنگ کانپوءِ هاڻي اسلامي طريقي واري علاج جو ڪاروبار به ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهيو آهي. نفسياتي معاملن جي مشهور ڊاڪٽر هارون احمد جو چوڻ هو ته ان قسم جي علاج کي ٽي وي چينل گھڻي هٿي پيا وٺرائين. انهن جي دعويٰ آهي ته انهن طريقن سان ڪينسر ۽ شگر جهڙين بيمارين جو علاج ٿي سگھي ٿو. جيڪڏهن ڪير شگر جو مڪمل علاج ڪري سگھي ٿو ته پوءِ هو ان لائق آهي ته ان کي طب جو نوبل انعام ملڻ گھرجي.

ڊاڪٽر هارون جو چوڻ هو ته علاج جي غيرروايتي طريقن ۾ مقبوليت انهيءَ ڪري اچي رهي آهي ڇو ته ايلوپيٿيءَ وارو علاج انتهائي ڏکيو بڻجي پيو آهي. جيڪڏهن توهان ڪنهن به اسپتال وڃو ٿا ته توهان کي ڳچ قسم جي مهانگين ٽيسٽن ڪرائڻ لاءِ چيو ويندو. تمام گھڻا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي سستو ۽ تڪڙو علاج ڪرائڻ چاهن ٿا اهي پوءِ روحاني علاج ڏانهن مائل ٿي پون ٿا. سياڻا ماڻهو ۽ اسڪالر به اها دعويٰ ڪندا رهن ٿا ته ايلوپيٿيءَ واري سائنسي علاج وسيلي پيچيده بيمارين مان جند آجي نه ٿي ڪرائي سگھجي.

پاڪستان ۾ ڊاڪٽرن جي نمائندگي ڪندڙ تنظيم پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن (پي ايم اي) جو چوڻ آهي ته سنڌ صوبي ۾ لڳ ڀڳ 20 لک عطائي ڊاڪٽر ڪم ڪري رهيا آهن. روزانو، جيڪڏهن گھٽ ۾ گھٽ 10 ماڻهو به هڪ عطائي ڊاڪٽر وٽ علاج خاطر وڃن ٿا ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته هر روز 2 ڪروڙ ماڻهو انهن عطائين کان علاج ڪرائي رهيا آهن. پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) جي انگن اکرن مطابق، سرڪاري سطح تي سنڌ صوبي ۾ 825 ماڻهن لاءِ هڪ ڊاڪٽر موجود آهي.

Hajama
:Photo by Farhana Niazi / News lens Pakistan.

ڪراچي شهر ۾ حجامه (ڇِڪ ڏيڻ يا چوس ڏيارڻ) واري مشق به تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. گذريل ڪجهه سالن کان مختلف علائقن ۾ حجامه سينٽر کلي ويا آهن. حجامه جي علاج وارا ڪلينڪ هلائيندڙن جي دعويٰ آهي ته اهي هر هڪ مرض جو علاج ڪري سگھن ٿا. عام ماڻهن کان علاوه، پڙهيل لکيل ۽ اوچي طبقي سان لاڳاپو رکندڙ ماڻهو به ان علاج طرف جهڪاءُ رکن ٿا.

ڪراچيءَ جي پوش علائقي ڪلفٽن ۾ هڪ حجامه سينٽر قائم آهي. جنهن ۾ استقباليه تي هڪ ماڻهو ويٺل آهي جيڪو مريضن جا نالا لکندو وڃي ٿو ۽ ڪيتريون ئي عورتون علاج خاطر قطار ۾ پنهنجي واري اچڻ جو انتظار ڪري رهيون هيون.

نيوز لينز پاڪستان پاران ان ڪلينڪ جو دورو ڪيو ويو. رئي سان ڍڪيل هڪ عورت ڊاڪٽر اتي پهتي، جنهن استقباليه تي ويٺل کي ڪجهه هدايتون ڏنيون. نيوز لينز پاڪستان جي عورت رپورٽر انهيءَ ڊاڪٽر سان گڏجي سندس ڪمري اندر وئي، جتي هڪ عورت بستري تي ليٽيل هئي ۽ سندس جسم مٿان جتي ڳوڙهو نظر اچي رهيو هيو ان مٿان هڪ ڪپ رکيل هيو. انهيءَ ڳوڙهي ۾ ٿي پيل زخم مان رت ٽمندي نظر پئي آيو. اها عورت ان ڪلينڪ ۾، پُٺيءَ ۾ پوندڙ سُور جي علاج خاطر آيل هئي ۽ کيس اهو مڪمل يقين هيو ته حجامه واري علاج وسيلي سندس اها تڪليف ختم ٿي ويندي.

فيملي ميڊيسن اسپيشلسٽ ۽ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر امبر مشتاق ڪيترن ئي سالن کان حجامه وارو علاج ڪري رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته، هن حجامه وارو علاج ڪرڻ بابت هڪ آن لائن ڪورس ڪيو آهي ۽ لنڊن جي هڪ اداري وٽان حجامه علاج ڪرڻ بابت ڊگري حاصل ڪئي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اهو ثابت ٿي ويو آهي ته شگر، هاءِ بلڊ پريشر، پٺن جي سور، اڌ مٿي جي سور، ذهني دٻاوَ، چمڙيءَ جي خرابين، ٿائراڊ، بي سڪوني ۽ اولاد نه ٿيڻ وارن مرضن ۾ ورتل مريضن لاءِ حجامه وارو علاج گھڻو موثر آهي. هن چيو ته هو اها دعويٰ نه ٿي ڪري ته حجامه هر بيماريءَ جو علاج آهي. هڪ مريض کي سرجريءَ جي ضرورت آهي يا هو ڪينسر جي آخري سطح تي پهتل هوندو آهي ته پوءِ هو هن کي ان مرض جي ماهر ڊاڪٽر ڏانهن وڃڻ جي صلاح ڏيندا آهيون، جيڪڏهن اهي مرض جي پهرين سطح تي هوندا آهن ته پوءِ اسان کين حجامه ڪرائڻ جي صلاح ڏيندا آهيون.

ايلوپيٿيءَ جي هڪ ماهر ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته، درد ۽ تڪليف ڏيڻ وارن مرضن جو حجامه وسيلي علاج ڪرڻ ممڪن آهي، ان هوندي به دائمي ۽ پيچيده مرضن مان ڇوٽڪاري لاءِ ايلوپيٿيءَ واري علاج جي ضرورت پوندي آهي.

ڊاڪٽر ميمڻ وڌيڪ چيو ته سُور جي فلسفي مطابق ته درد کي درد ئي ختم ڪري سگھي ٿو، اهو ممڪن آهي ته درد ۽ تڪليف کي حجامه وسيلي ختم ڪري سگھجي ٿو، پر اهي مرض جن ۾ هيپاٽائيٽس، ڪينسر، شگر شامل آهن، ۽ ان جهڙيون ٻيون بيماريون علاج جي انهيءَ طريقي وسيلي ختم نه ٿيون ڪري سگھجن.

جهڙيءَ ريت ڊاڪٽر امبر مشتاق موقف اختيار ڪيو، ان مطابق ابتدا ۾ جڏهن رت جو پهريون ڪپ نڪرندو آهي ته ان وقت ٿوري تڪليف ٿيندي آهي پر ان بعد تڪليف برداشت ڪرڻ جوڳي هوندي آهي.

ڊاڪٽر امبر ايئن ته پاڻ به ايلوپيٿڪ ڊاڪٽر آهي ۽ مريضن کي حجامه وارو علاج ڪرائڻ جو مشورو ڏئي ٿي، ڇو ته ايلوپيٿيءَ واري علاج سبب انساني جسم ۾ ”ٽاڪسنز“ جمع ٿي وڃن ٿيون ۽ ”ڊي ٽاڪسيفڪيشنز“ خاطر حجامه گھڻي مدد ڏئي ٿو.

ڊاڪٽر امبر جي ڪلينڪ ۾ آيل هڪ مريضه ناجيه ٻڌايو ته، هن کي سڄي جسم ۾ سور ٿيندو آهي جنهن جي علاج لاءِ هوءَ هتي آئي آهي. ناجيه ٻڌايو ته هڪ ڏينهن سندس سوٽ، کيس هن قسم جي علاج بابت ٻڌايو.
ڪجهه ڊاڪٽرن کي يقين آهي ته، غيرتربيت يافته ماڻهو حجامه وارو علاج ڪن ٿا، جنهن ڪري انهن کان علاج ڪرائڻ لاءِ ايندڙ مريضن کي ايڊز ۽ هيپاٽائيٽس جهڙا مرض به وچڙي سگھن ٿا ڇو ته هو علاج ڪرڻ وقت احتياطي تدبيرون اختيار نه ٿا ڪن.

ڊاڪٽر شرجيل بلوچ جو چوڻ هو ته حجامه وارو علاج ڪرائڻ جا ان صورت ۾ سنگين نتيجا به نڪري سگھن ٿا جيڪڏهن علاج ۾ ڪتب ايندڙ ڪپ جسم جي غلط هنڌ تي لڳايو ويندو ته ان صورت ۾ نقصان ٿيندو ۽ غيرتربيت يافته ماڻهن کان علاج ڪرائڻ جي ڪري تندرستي ملڻ بجاءِ مريضن کي ٻيون بيماريون وچڙڻ جو انديشو پڻ موجود رهندو.

حجامه جي علاج وارا ڪلينڪ ميڊيڪل ايسوسيئيشن وٽ رجسٽر نه ٿا ڪرائي سگهجن ۽ نه ئي انهن جو ڪو ضابطه اخلاق موجود آهي.

پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سيءَ) جي پبلڪ رليشن آفيسر حنا شوڪت چيو ته اهي پي ايم ڊي سيءَ جي اختيارن واري دائري ۾ نه ٿا اچن. صرف ميڊيڪل ڊاڪٽر ۽ ڏندن جو علاج ڪرڻ وارا ڊاڪٽر ئي سندن دائري ۾ اچن ٿا.

سنڌ جي صحت کاتي جي ڊائريڪٽر عبدالشڪور عباسيءَ جو چوڻ هو ته کيس پڪ نه آهي ته حجامه روحاني يا يوناني علاج جو ڪو طريقو آهي. کيس ته ايئن پيو لڳي ته علاج جو اهو طريقو وڏي پيماني تي ٻين بيمارين جهڙوڪ ايڊز ۽ هيپاٽائيٽس جا جراثيم ڦهلائڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي ۽ کين گھرجي ته ان علاج جي ڪلينڪن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي عبدالشڪور عباسيءَ وڌيڪ چيو ته هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر تعليمي ادارن کان سند حاصل ڪندا آهن، پر ڪنهن کي به اها ڄاڻ نه آهي ته حجامه ڪلينڪ هلائيندڙ ڊاڪٽر اهڙو علاج ڪرڻ جي تربيت ڪٿان ۽ ڪنهن کان حاصل ڪن ٿا ۽ کين ڪلينڪ کولڻ جي اجازت ڪير ڏئي ٿو.
جيتوڻيڪ ڊاڪٽر عبدالشڪور عباسيءَ حجامه ڪلينڪس بابت پنهنجي سخت موقف جو اظهار ڪيو پر انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ متعلق سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انهن خلاف ڪارروائي شروع ڪرائڻ جو اختيار هن وٽ نه آهي.

صوبائي قانون موجب، اينٽي بايوٽڪ سميت خطرناڪ دوائون ڪو به غيرمتعلقه يا غير تربيت يافته شخص مريض لاءِ تجويز نه ٿو ڪري سگھي. اهڙي قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي صورت ۾ ذميوار فرد کي ڏنڊ ۽ قيد جي سزا ڏئي سگھجي ٿي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here