پشاور: هڪ ڪروڙ 78 لک 5 هزار انسانن جي آباديءَ واري شهر پشاور اندر باهه ۾ سڙي پوڻ وارن جي علاج لاءِ جڙندڙ اسپتال جي تعمير شروع ٿيڻ کي ڏهن کان به وڌيڪ سال گذري چڪا آهن پر اسپتال ۾ علاج جي سهولت اڃان به موجود ناهي. جيڪڏهن انهيءَ اسپتال جي تعمير وارو ڪم مڪمل ٿي به ويو تڏهن به خيبرپختونخواه صوبي جي گاديءَ واري شهر پشاور ۾ ان قسم جي اها اڪيلي اسپتال ئي هوندي.

Marble Slab on Burn, Trauma and Reconstructive Surgery Centre: Photo by News Lens Pakistan

پشاور جي حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس (ايڇ ايم سي) ۾ هڪ اڻ مڪمل عمارت تي پٿر جي سِر لڳل آهي جنهن مٿان ”سڙي پيلن، ڳڻتيءَ ۾ ورتلن ۽ بحالي لاءِ ٿيندڙ سرجريءَ جو سينٽر“ وارا لفظ اُڪريل آهن، پٿر جي اها تختي ٻڌائي رهي آهي ته هن عمارت تي تعميري ڪم جو افتتاح  3 جولاءِ 2003 واري ڏينهن ڪيو ويو.

اسپتال جي تعمير واري ڪم جو افتتاح،  6 مذهبي پارٽين جي اتحاد ”متحده مجلس عمل (ايم ايم اي)“ جي خيبرپختونخواه صوبي ۾ قائم اقتدار وارن ڏينهن ۾ تڏهوڪي وڏي وزير اڪرم خان درانيءَ پاران ڪيو ويو هيو. جيتوڻيڪ انهيءَ افتتاح کي تيرنهن سال گذري چڪا آهن پر صوبي ۾ باهه جي سڙي پيلن جي علاج لاءِ قائم ٿيندڙ اڪيلي اسپتال تعميري ڪم مڪمل ٿيڻ ۽ علاج وارو ڪم شروع ڪرڻ جي منتظر آهي.

ورڪرز ويلفيئر بورڊ (ڊبليو ڊبليو بي) سان لاڳاپيل هڪ آفيسر ٻڌايو ته، 2003 کان هن مهل تائين اهڙن ڪيترن ئي اختيار ڌڻين جيڪي وقتي طور اقتدار ۾ آيا اهي هن عمارت جو نئين سِري سان افتتاح ڪري چڪا ۽ اسپتال کي پنهنجي حڪومتي دور دوران مڪمل ڪرڻ لاءِ فنڊ ڏيڻ جا واعدا ڪري اميدن کي هر دفعي نئون حوصلو ڏيندا رهيا آهن.

ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه خاطر با اختيار نه هجڻ جي ڪري سندس سڃاڻپ رازداريءَ ۾ رکڻ جي شرط تي ڊبليو ڊبليو بي جي انهيءَ عملدار ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته اڪرم خان درانيءَ کان علاوه ٻيا جيڪي به اختيار ڌڻي ۽ سياستدان هتي آيا انهن ساڳي رٿا جي تفصيلن مٿان پيل صرف پردو ئي هٽايو باقي ڪجهه نه ڪيو. اهڙن اختيار ڌڻين ۾ اڳوڻو صدر آصف زرداري، اڳوڻو وڏو وزير امير حيدر هوتي ۽ هاڻي ويجهڙائيءَ ۾ صوبائي اسيمبليءَ جو اڳوڻو ميمبر ظاهر علي شاهه، اهو عمل ورجائي چڪا آهن.

خيبرپختونخواه جي صحت واري کاتي ۽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ وچ ۾ ”يادگيريءَ لاءِ ٿيندڙ ٺاهه“ (ايم او يو) مطابق صوبائي صحت واري کاتي کي اسپتال لاءِ زمين مهيا ڪرڻي ۽ ڊبليو ڊبليو بيءَ کي 120 بسترن واري اسپتال جي اڏاوت مڪمل ڪري اها صحت واري کاتي جي حوالي ڪرڻي هئي. ان بعد صحت واري کاتي کي اها اسپتال پنهنجي مالي وسيلن تحت متحرڪ ڪري علاج جي سهولت شروع ڪرڻي آهي.

ڊبليو ڊبليو بي سان لاڳاپيل عملدار جو چوڻ هو ته ورڪرز ويلفيئر بورڊ پاران ورڪرز ويلفيئر فنڊ جي پيسن مان هن اسپتال جي تعمير ڪئي پئي وڃي پر اڏاوتي ڪم وارو معاملو وفاقي ۽ صوبائي سطح تي، سرڪاري معاملن کي اينگهائڻ واري رواج جو شڪار ٿيڻ سبب مڪمل ٿيڻ ۾ تمام گھڻي دير جو شڪار ٿي چڪو آهي.

ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي ڊائريڪٽر آصف مجيد وضاحت ڪندي ٻڌايو ته اسپتال جي تعمير ۾ دير ٿيڻ جا ڪيترائي سبب آهن. هن جو چوڻ هو ته، اڏواتي ڪم جي شروعات افتتاح کان ستت پوءِ نه ٿي سگھي هئي، ورڪرز ويلفيئر فنڊ جي گورننگ باڊيءَ پاران فنڊ مهيا ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ کان علاوه ٻين اختيارين پاران به هن رٿا ۾ گھٽ دلچسپي وٺن سبب اڏاوتي ڪم ته 2010 ۾ شروع ٿيو آهي.

آصف مجيد ٻڌايو ته، ملڪي آئين ۾ ٿيل ارڙهين ترميم جي نتيجي ۾ وفاقي اختيار هيٺ رهندڙ ڪيترائي معاملا صوبن جي حوالي ڪيا ويا. انهيءَ ترميم جي نتيجي ۾ ورڪرز ويلفيئر بورڊ به صوبن حوالي ٿيڻ جو نتيجو اهو نڪتو ته اسپتال جي اڏاوتي ڪم ۾ وڌيڪ دير ٿي، ڇو ته سندن ادارو صوبي حوالي ٿيڻ جي نتيجي ۾ سموري معاملي کي صوبائي سطح تي نئين سِري سان ترتيب ڏيڻو پئجي ويو.

آصف مجيد واضح ڪيو ته انهيءَ صورتحال جي ڪري ئي هيءَ رٿا پسمنظر ۾ هلي وئي. هاڻي صورتحال اها آهي ته پنهنجي نوعيت واري صوبي جي واحد سهولت واري رٿا کي مڪمل ڪرڻ ۾ نه صرف دير ٿي پر ان کان علاوه رٿا لاءِ گھربل مالي وسيلن حاصل ڪرڻ ۾ به مشڪلاتون پيش اچڻ لڳيون. آصف مجيد نشاندهي ڪئي ته، اسپتال جي اڏاوت ۾ غير ضروري دير کان علاوه هاڻي ته اڏواتي ڪم جي لاڳت ۾ به اضافو اچي چڪو آهي. ابتدائي ڪٿ موجب اسپتال جي تعمير تي ڪل 233 ملين روپيا خرچ اچڻا هيا پر 2003 ۾ اها لاڳت وڌي 532 ملين روپيا ۽ ساڳي ماليت هاڻي ته اڃان به وڌي 765 ملين روپيا ٿي چڪي آهي.

ان هوندي به آصف مجيد رٿا جي ويجهڙائيءَ ۾ مڪمل ٿيڻ لاءِ پراميد آهي ڇو ته اسپتال جو 80 سيڪڙو اڏاوتي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. ان حوالي کان هن اها ڳالهه  به چئي آهي ته ”اڏاوتي ڪم اڪلائڻ لاءِ گھربل مالي وسيلن جي حاصلات خاطر ڊسمبر 2016 ۾ نئين سِري سان تيار ڪيل رٿابنديءَ جو خاڪو جمع ڪرائي چڪا آهيون. کين اميد آهي ته رٿابنديءَ جو اهو خاڪو جلد منظور ڪيو ويندو ۽ اڏاوتي ڪم تڪڙي انداز سان مڪمل ڪيو ويندو.

پشاور ۾ واقع ٻن مکيه اسپتالن جي جن ڊاڪٽرن سان ٽرٿ ٽريڪر پاران رابطو ڪيو ويو، انهن باهه ۾ سڙي پوندڙن جي علاج واري صوبي جي خصوصي اسپتال کي ترت عملي حالت ۾ آڻڻ جي گھڻي تاڪيد ڪئي آهي. انهن ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته، اهڙي قسم جي سهولت نه هجڻ جي ڪري صوبي ۾ باهه سبب زخمي ٿي پوندڙن کي تمام گھڻين مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو.

خيبرپختونخواه ٽيچنگ اسپتال (ڪي ٽي ايڇ) ۾ برن يونٽ جي انچارج محمد طاهر چيو ته سندن يونٽ پاران جيڪي انگ اکر گڏ ڪيا ويا آهن انهن مطابق اها نشاندهي ٿي رهي آهي ته باهه ۾ سڙي پوندڙن جو تعداد هر سال وڌي رهيو آهي پر صوبي ۾ اهڙن مريضن جي علاج لاءِ جيڪي سهولتون هن مهل موجود آهن اهي ليڊي ريڊنگ اسپتال ۽ خيبر ٽيچنگ اسپتال ۾ قائم هي ننڍڙا برن يونٽ آهن. جتي سموري صوبي جي مريضن جو علاج ڪيو وڃي ٿو.

هن اهو پڻ چيو ته، انهي ٻنهي سينٽرن ۾ مريضن جي بهتر علاج خاطر گھربل ماهرانه طرز وارين ضروري نوعيت جي سهولتن جي اڻهوند آهي. حد ته اها آهي جو ٻن ڊگرين تائين سڙي پيل مريض جو علاج به هتي نه ٿو ڪري سگھجي. ان ڪري هتان جي سڙي پيل مريضن کي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) اسلام آباد يا ڪمبائينڊ ملٽري اسپتال (سي ايم ايڇ) کاريان ڏانهن اماڻيو ويندو آهي.

محمد طاهر اهو پڻ چيو ته انهن ٻنهي اسپتالن ۾ مريضن جي علاج جون سهولتون محدود آهن ۽ اتي مقامي مريضن جو بار اڳ ۾ ئي گھڻو آهي. ان ڪري انهن اسپتالن ۾ به اڪثر ڪري اهڙن مريضن کي داخلا ڏني ويندي آهي جن کي تڪڙي علاج جي گھرج ۽ ڪنهن ڊاڪٽر جي معرفت اماڻيو ويندو آهي باقي ٻين مريضن کي ابتدائي علاج ڏيڻ کانپوءِ اتان ٻين اسپتالن ڏانهن روانو ڪيو ويندو آهي.

پشاور واري اسپتال جو تعميراتي ڪم ڪڏهن مڪمل ٿي سگھندو، اهو سوال جڏهن خيبرپختونخواه جي صحت واري کاتي جي هڪ عملدار کان پڇيو ويو ته، ميڊيا سان ڳالهائڻ جو اختيار حاصل نه هجڻ سبب هن پنهنجو نالو رازداريءَ ۾ رکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته، گڏيل يادگيريءَ واري جنهن ٺاهه (ايم او يو) تي صحيحون ٿيل آهن ان مطابق جيستائين اسپتال جو تعميراتي ڪم مڪمل نه ٿو ٿئي سندن انهيءَ رٿا سان ڪجهه نه وڃي.

محمد طاهر جو چوڻ هو ته، سندن اسپتالن سان لاڳاپيل اختيارين پاران ورڪرز ويلفيئر فنڊ ۽ صحت واري صوبائي کاتي جي اختيارين سان ڪيترائي ڀيرا رابطا ڪري مٿن زور ڀريو ويو آهي ته سڙي پيلن جي علاج واري اسپتال جي اڏاوتي ڪم کي تيز ڪري جلد مڪمل ڪيو وڃي. محمد طاهر وضاحت ڪندي ٻڌايو ته هو پنهنجي پاران ته کين صورتحال کان آگاهه ڪندا رهن ٿا پر ڇا ڪجي سهولت ملڻ ۾ دير ٿي رهي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here