پشاور: نيوز لينز پاڪستان/ٽرٿ ٽريڪر کي پتو پيو آهي ته وزيراعظم کي عهدو ڇڏڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف پاران اسلام آباد جي لاڪ ڊائون واري حڪمت عمليءَ جي ڪاميابيءَ خاطر صوابي ضلعي جا سرڪاري وسيلا استعمال هيٺ آندا ويا.

28 آڪٽوبر 2016 واري ڏهاڙي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پاران پاناما پيپرز جي منظر عام تي اچڻ بعد وزيراعظم ۽ سندس خاندان جي ڀاتين جا آف شور ڪمپنين سان لاڳاپا هجڻ جي بنياد تي وزيراعظم کان استعفيٰ جو مطالبو ڪندي ٻه نومبر تي اسلام آباد ۾ احتجاجي ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو.

وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جو گھيراءُ ڪرڻ متعلق رٿيل اهو احتجاج بعد ۾ پهرين نومبر واري ڏهاڙي سپريم ڪورٽ جي مداخلت بعد آخرڪار ان خاطريءَ آڌار رڪجي ويو ته پاناما پيپرز وسيلي ٿيل انڪشافن واري معاملي جي آزادانه جاچ عمل ۾ آندي ويندي، جڏهن ته اسلام آباد جي گھيراءَ لاءِ رٿيل احتجاج کي ڪامياب ڪرڻ خاطر خيبرپختونخواه ۾ قائم پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي حڪومت پاران سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون هيون.

اسلام آباد ۽ پشاور کان لڳ ڀڳ هڪجيتري مفاصلي تي قائم خيبرپختونخواه جي صوابي شهر کي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن لاءِ اسلام آباد ڏانهن رواني ٿيڻ کان اڳ بيس ڪيمپ وارو درجو ڏنو ويو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي سرگرم اڳواڻن وٽان معلوم ٿيو آهي ته، اسلام آباد جو ڪاميابيءَ سان محاصرو ڪرڻ خاطر پي ٽي آءِ قيادت جو سمورو بار  خيبرپختونخواه جي ڪارڪنن ۽ حامين مٿان هيو انهيءَ رٿابنديءَ تحت صوبي کي 4 انتطامي زونز ۾ ورهايو ويو هيو جن ۾ پشاور، ڏکڻ هزاره، مالاڪنڊ ۽ سوات شامل هئا.

Swabi: State’s officials looking after arrangements for base-camp of PTI: Photo by News Lens Pakistan
Swabi: State’s officials looking after arrangements for base-camp of PTI: Photo by News Lens Pakistan

جتان ايندڙ ماڻهن جي هجومن کي ڪٺو ڪري وفاقي راڄڌانيءَ ڏانهن پنڌ پوڻو هيو. جڏهن ته پارٽيءَ سان تعلق رکندڙ صوبي جي 25 هزار مقامي حڪومتن جي نمائندن کي تاڪيد ڪئي وئي هئي ته اهي صوبائي گاديءَ واري شهر پشاور ۾ گڏ ٿين ته جيئن انهن کي ٻين ماڻهن سان گڏائي لڳ ڀڳ  2 لک ماڻهن جو تمام وڏو جٿو اسلام آباد روانو ڪجي.

پشاور اسلام آباد موٽر وي تي صوابي شهر جي حدن ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن لاءِ قائم ٿيل بيس ڪيمپ اندر صوابيءَ جي ٽائون ميونسپل ايڊمنسٽريشن جا سرڪاري وردي پاتل ملازم پي ٽي آءِ جي ريليءَ جا انتطام ڪرڻ واري ڊيوٽي ڪندي نظر آيا. ٽي ايم اي انتظاميا جي هڪ سينئر عملدار، معلومات جي نوعيت حساس هجڻ سبب پنهنجو نالو راز ۾ رکڻ جي شرط تي نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته، خيبرپختونخواه صوبي جو صحت وارو وزير شهرام خان ۽ خيبرپختونخواه اسيمبليءَ جو اسپيڪر اسد قيصر، جن جو تعلق پي ٽي آءِ سان آهي، تن صوابي ٽي ايم اي کي اهي حڪم ڏنا ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي گڏجاڻيءَ واري هنڌ انتظام ڪيا وڃن.

Swabi: State machinery leveling ground for PTI’s base-camp: Photo by News Lens Pakistan
Swabi: State machinery leveling ground for PTI’s base-camp: Photo by News Lens Pakistan

ٽي ايم اي عملدار جو چوڻ هو ته، صوابي ضلعي حڪومت جي انتظام هيٺ ايندڙ  4 ٽائون ميونسپل ايڊمنسٽريشنس ٽوپي، ڇوٽا لاهور، صوابي ۽ رزار جو عملو طلب ڪرڻ کان علاوه مٿي ڄاڻايل ٽي ايم ايز ۽ ڪميونيڪيشن ورڪس کاتي جي مشينري پڻ گھرائي وئي جن ۾  2 فائر برگيڊ گاڏيون،  3 واٽر ٽينڪر،  2 ڪرينون، ڪيترائي ٽريڪٽر ۽  3 هزار ڪرسيون استعمال ڪيون ويون ته جيئن پي ٽي آءِ جي ريليءَ کي ڪامياب ڪري سگھجي. ان کان علاوه خيبرپختونخواه پوليس جي 4 هزار اهلڪارن جون ڊيوٽيون موٽروي تي لڳايون ويون ته جيئن اهي اتي ايندڙ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي حفاظت واري ڊيوٽي ڪن.

سرڪاري عملدار اهو انڪشاف پڻ ڪيو ته، پي ٽي آءِ جي مقامي قيادت پاران نه صرف ٽي ايم ايز ۽ ميونسپل ڪاميٽيءَ جي گاڏين کي استعمال ڪيو ويو پر پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي آڻڻ ۽ نيڻ لاءِ صوابي يونيورسٽيءَ جون گاڏيون پڻ سياسي مقصد خاطر استعمال هيٺ آنديون ويون.

تعلقي ناظم غلام حقانيءَ پاران نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته، ڊپٽي ڪمشنر صوابيءَ جي هدايتن تحت ٽي ايم ايز پاران مشينري ۽ ملازم پي ٽي آءِ جي ريليءَ خاطر مهيا ڪيا ويا.

Swabi: State machinery leveling ground for PTI’s base-camp: Photo by News Lens Pakistan
Swabi: State machinery leveling ground for PTI’s base-camp: Photo by News Lens Pakistan

هن جو چوڻ هو ته، ڪميونيڪيشن اينڊ ورڪس کاتي پاران هيلي پيڊ ۽ سائونڊ سسٽم لڳائڻ خاطر  5 لک روپيا خرچ ڪيا ويا. جڏهن ته، فائر برگيڊ گاڏيون، ڪرينون ۽ ٽريڪٽر ريليءَ وسيلي ايندڙ ماڻهن کي اسلام آباد پڄڻ کان روڪڻ لاءِ وفاقي حڪومت پاران رستن تي رکيل ڪنٽينرن ۽ ٻين رڪاوٽن کي هٽائڻ لاءِ طلب ڪيا ويا. غلام حقانيءَ جو چوڻ آهي ته، انهن انتظامن خاطر روزانو هزارين روپين جو تيل خريد ڪيو ويندو هيو ته جيئن ڪرينن، فائر برگيڊ گاڏين ۽ ٽريڪٽرن کان ڪم وٺي سگھجي.

حقانيءَ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ڪميونيڪيشن اينڊ ورڪس کاتي طرفان پيٽرول ۽ ڊيزل جي خريداريءَ لاءِ نقد رقم ادا ڪئي ويندي هئي. جڏهن ته خيبرپختونخواه جو صحت وارو وزير شاهرام خان ۽ ڊپٽي ڪمشنر صوابيءَ پاران ٽي ايم ايز ۽ سي اينڊ ڊبليو کاتي کي هدايتون ڏنيون ويون ته پي ٽي آءِ ريليءَ جي انتطامن خاطر سرڪاري فنڊ ۽ وسيلا استعمال ڪيا وڃن.

صوابيءَ جي هڪ رهواسيءَ خوش دل خان سرڪاري فنڊ ۽ وسيلا سياسي مقصدن خاطر استعمال ڪرڻ سبب پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته، سرڪاري اثاثا ۽ مالي وسيلا ڪنهن به صورت ۾ ذاتي مقصدن خاطر استعمال ٿيڻ نه گھرجن. سرڪاري وسيلن کي ذاتي يا سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ غيرقانوني ڪم آهي.

هن جو چوڻ هو ته، هڪ طرف پي ٽي آءِ قيادت ڪرپشن خلاف تحريڪ هلائڻ جي دعويٰ ڪندي وزيراعظم مٿان ڪرپشن جو الزام هڻي کانئس استيعفيٰ جو مطالبو ڪري رهي آهي ته اهڙي صورتحال ۾ هنن پاران صوبي جا سرڪاري وسيلا پنهنجي سياسي مقصدن خاطر استعمال هيٺ آڻڻ سان سندن تحريڪ ۽ دعوائن جي حيثيت باقي ڪهڙي ٿي وڃي بچي.

ڊپٽي ڪمشنر صوابي مطيع الله خان ٽي ايم ايز ۽ ڪميونيڪيشن اينڊ ورڪس کاتي کي سندن وسيلا پي ٽي آءِ ريليءَ جي انتظامن لاءِ استعمال ڪرڻ جون هدايتون ڏيڻ جي سختيءَ سان ترديد ڪئي. هن جو چوڻ هو ته، ٽي ايم ايز ۽ صوبائي کاتي سياسي پارٽيءَ کي پنهنجي مشينري ۽ ملازم پنهنجي طرفان پاڻ مهيا ڪيا ان سلسلي ۾ هن ڪا به هدايت ناهي ڏني. ضلعي انتظاميا مٿان لڳندڙ الزامن کي رد ڪندي هن وڌيڪ چيو ته، پي ٽي آءِ ريليءَ جي انتظامن ۾ سهولت ڏيڻ متعلق سندس ڪو به ڪردار نه هيو.

خيبرپختونخواه جي خزاني واري کاتي ۾ سيڪشن آفيسر طور ڪم ڪندڙ عبدالرشيد جو چوڻ هو ته پاڪستان تحريڪ انصاف پاران ريليءَ خاطر پنهنجا وسيلا استعمال ڪيا ويا، سرڪاري خزاني مان ان مقصد لاءِ هڪ ٽڪو به خرچ ناهي ڪيو ويو. صوبي جي وڏي وزير ۽ صوبائي وزيرن پاران جيڪي به انتظام ڪيا ويا اهي هنن پنهنجي ذاتي پيسن وسيلي ڪيا آهن.

جڏهن هن کان اها پڇا ڪئي وئي ته جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ پي ٽي آءِ جي بيس ڪيمپ اندر سي اينڊ ڊبليو کاتي توڙي ٽي ايم ايز جون گاڏيون ڇا ڪري رهيون هيون؟ ته ان جي جواب ۾ هن چيو ته اها خبر بي بنياد آهي. انهيءَ ريليءَ دوران ڪنهن به قسم ۽ نوعيت جا سرڪاري وسيلا استعمال ناهن ڪيا ويا.

خيبرپختونخواه اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر ۽ پي ٽي آءِ جي ايم پي اي مهر تاج روغنيءَ جو چوڻ هو ته، ڪميونيڪيشن اينڊ ورڪس کاتي ۽ ٻين ادارن طرفان پي ٽي آءِ جي ريليءَ دوران جيڪو ڪم ڪيو ويو کين ان جو معاوضو پي ٽي آءِ پاران ڏنو ويندو.

مهر تاج روغنيءَ وڌيڪ چيو ته جيتري تائين پوليس جي ڊيوٽيءَ جو تعلق آهي ته پوليس جا اهلڪار عوام ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا. پي ٽي آءِ جا ڪارڪن صوبي جي مختلف شهرن کان ڪهي اتي ڪٺا ٿيا هئا ڇاڪاڻ ته اهي ڪرپشن خلاف عمران خان پاران ڏنل سڏ تي احتجاج ڪرڻ لاءِ اتي آيا هئا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here