Zamoong-Kor-or-Our-Home
: Photo by News Lens Pakistan/

پشاور (رحمت محسود وٽان) پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي حڪومت پاران ”زا مُونگ ڪور“ مطلب، اسانجو گھر جي نالي تحت اهڙن ٻارن، جيڪي دهشتگرديءَ خلاف جنگ دوران يتيم ٿي ويا آهن يا خيبرپختونخواه صوبي جي گھٽين ۾ لاوارث انداز سان رُلي رهيا آهن، انهن لاءِ تمام وڏو منصوبو شروع ڪري ڇڏيو آهي. اها ڳالهه ان منصوبي جي فوڪل پرسن پاران ٻڌائي وئي.
خيبرپختونخواه اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ منصوبي زا مونگ ڪور جي فوڪل پرسن بيگم معراج همايون، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي ٻڌايو آهي ته، صوبي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ پاران ان عظيم منصوبي جو افتتاح گذريل سال جي نومبر مهيني دوران ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪيو ويو. پي ٽي آءِ جو چيئرمين عمران خان به ان افتتاحي تقريب ۾ شريڪ ٿيو هيو.
بيگم معراج پاران ڏنل معلومات مطابق، ان منصوبي تحت جيڪا سهولت مهيا ڪئي ويندي ان مطابق، پشاور شهر جي ڀرسان 11 بلاڪن اندر 216 رهائشي فليٽ تعمير ڪيا ويندا، منصوبي جو مکيه مقصد اهو آهي ته يتيم ۽ لاوارث ٻارن جي بحالي ڪري سگھجي. منصوبي جا تفصيل مختصر انداز ۾ بيان ڪندي هن وڌيڪ ٻڌايو ته، منصوبي تي ڪل خرچ جو ڪاٿو 447 ملين روپيا لڳايو ويو آهي، جنهن وسيلي 1000 ٻارن کي سهولتون ڏيڻ خاطر مدد مهيا ٿي سگھندي.
بيگم معراج خالد پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته انهيءَ منصوبي ”اسانجو گھر“ تحت ٻارن کي تفريح، کاڌي پيتي، صحت، تعليم، راندين ۽ نفسياتي تربيت جون سهولتون ڏنيون وينديون. ان کان علاوه هن اهو پڻ واضح ڪيو ته ”منصوبي لاءِ سموار مالي وسيلا خيبرپختونخواه حڪومت پاران مهيا ڪيا ويندا، صوبائي حڪومت پاران ڪرڪيٽ گرائونڊ، هڪ آڊيٽوريم ۽ ٻين راندين جي ميدان لاءِ واڌو 12 ايڪڙ زمين پڻ مهيا ڪئي ويندي“.
بيگم معراج همايونءَ، ان موقعي تي اميد ظاهر ڪئي ته، زا مونگ ڪور برابريءَ تحت زندگي گذارڻ جا موقعا فراهم ڪري سگھندو، ڊگھي مقصد تحت هن منصوبي وسيلي يتيم ۽ لاوارث ٻارن کي ڪارائتو شهري بنايو ويندو.
پاڪستان پيپلزپارٽيءَ سان لاڳاپيل صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ مخالف ڌر جو اڳواڻ فخر اعظم وزير چوي ٿو ته ”عوام جي ڀلائي ۽ فائدي لاءِ شروع ٿيندڙ سمورن منصوبن جي ساراهه اسان تڏهن ئي ڪنداسين جڏهن اهي منصوبا واعدن ۽ اصولن مطابق عمل هيٺ آندا ويندا“.
فخر اعظم پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ”پي ٽي آءِ پاران عوام سان جيڪي واعدا ڪيا ويا آهن انهن جي لسٽ تمام ڊگھي ٿي چڪي آهي پر پي ٽي آءِ وارا انهن واعدن تي عمل ناهن ڪري سگھيا. خيبرپختونخواه ۾ اقتدار سنڀالڻ کان ستت پوءِ، پي ٽي آءِ جي چيئرمين پاران اهو نعرو هنيو ويو ته تعليم سڀني لاءِ، پر زميني حقيقتون ان جي برعڪس تصوير پيش ڪري رهيون آهن“.
هن الزام هڻندي چيو ته ”حد ته اها ٿي وئي آهي جو پي ٽي آءِ حڪومت جي نااهليءَ جي ڪري ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترن ئي اسڪولن جو ڪارونهوار ٺپ ٿي ويو آهي“.

بيگم معراج همايونءَ پاران منصوبن جي واضح نشاندهي ڪرڻ کانسواءِ معلومات ڏيندي ٻڌايو ويو ته ”صوبي جي نوجوانن لاءِ ٻيا به ڪيترائي منصوبا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهن“. هن واعدي ڪرڻ واري انداز سان چيو ته ”ٻارن واري منصوبي تحت يتيم ٻارن کي سمورا حق برابريءَ تحت مهيا ڪيا ويندا“.
بيگم معراج پنهنجي تفصيلي ڳالهه جاري رکندي ٻڌايو ته”جهڙيءَ ريت اسان پنهنجي ٻارن جي پرورش ڪندا آهيون، ساڳيءَ ريت ئي يتيم ۽ لاوارث ٻارن جي پالنا ڪرڻ بابت رٿابندي ڪئي وئي آهي. ان رٿابنديءَ تحت يتيم ۽ بي سهارا ٻار جڏهن 18 سالن جي ڄمار جا ٿيڻ وارا هوندا ته اسان کين هنرمند افرادي قوت ۾ تبديل ڪري ڇڏينداسين“.
هڪ پڌرائي ۾، خيبرپختونخواه جي وڏو وزير جو حوالو ڏيندي پڌرو ڪيو ويو آهي ته ”ان سهولت ۾ جن ٻارن جي پرورش ڪئي ويندي انهن کي گھٽين ۾ رلندڙ ٻار چوڻ بجاءِ رياستي ٻار سڏيو ويندو“.
منصوبي جي فوڪل پرسن ٻڌايو ته، پي ٽي آءِ چيئرمين اهڙي رٿابندي ڪري رهيو آهي ته ٻارن جي لاءِ ٺهندڙ اهڙي سهولت کي ماڊل سينٽر ۾ تبديل ڪيو وڃي ۽ اهڙيون سهولتون وقت گذرڻ سان گڏ ٻين ضلعن ۾ به قائم ڪيون وينديون. منصوبي تحت ٻارن لاءِ کاڌي پيتي جي ڪشادي جڳهه ۽ ڪلاس روم پڻ موجود هوندا. زا مونگ ڪور منصوبي تحت في الحال 29 ٻارڙا سهولتن مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن.
انهن مان ڪجهه يتيم يا لاوارث ٻارڙن جي ذهني حالت درست نه آهي ۽ انهن کي معمول واري زندگيءَ گذارڻ جو عادي بنائڻ ۾ ڪجهه وقت لڳي ويندو. ان ڏس ۾ حڪومت پهريان ئي رٿابندي ڪري ڇڏي آهي ته جيئن کين گھربل سهولت ميسر ڪري ڏنيون وڃن.
آمريڪي ماهرن ۽ يونيسيف پاران ويجهڙائيءَ ۾ ڪٿيل عالمي اندازن مطابق دنيا جا 17.8 ملين ٻار پنهنجي ٻنهي والدين کان وڇڙي ويا آهن ۽ عالمي سطح تي 153 ملين ٻار يا ته پنهنجي هڪ يا وري ٻنهي والدين کان وڇڙيل آهن.
فاٽا رسرچ سينٽر هڪ اهڙي تنظيم آهي جيڪا پاڪستان جي فاٽا پرڳڻي ۾ واقع قبائلي علائقن ۾ امن ۽ ترقيءَ واري واعدي تي ڪوشان آهي، پاران ڪيل هڪ تحقيقي اڀياس ۾ خيبرپختونخواه جي تعليم واري کاتي مطابق ڄاڻايو ويو آهي ته ويڙهاڪن پاران صوبي جي مختلف علائقن ۾ لڳ ڀڳ 1000 اسڪول تباهه ڪيا ويا آهن.
سندس نالو راز ۾ رکڻ جي شرط تي خيبرپختونخواه صوبي جي ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي هڪ آفيسر نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته، اهڙا ڪي به درست انگ اکر موجود نه آهن جن وسيلي صوبي جي يتيم يا لاوارث ٻارن جي تعداد جي خبر پئجي سگھي، اندازن تحت طئي ڪيل انگن اکرن موجب صوبي ۾ يتيم يا لاوارث ٻارن جو ڪل تعداد 25 هزارن جي لڳ ڀڳ آهي.
بيگم معراج همايون جو چوڻ هو ته ”موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسان ٻارن جي رهائش واري سهولت کي انتهائي مناسب سيڪيورٽي ڏيڻ جا به انتظام ڪيا آهن، انهن انتطامن تحت ٻارن جي رهائش واري علائقي جي چوڌاري اوچيون ديوارون ڏياريون ويون آهن“.
قبائلي علائقن جي پرڳڻي، جنهن جون حدون پشاور شهر سان لڳن ٿيون، ان پرڳڻي ۾ گذريل ڏهن سالن کان دهشتگرديءَ خلاف جاري جنگ سبب ڪيترا ئي ٻار پنهنجي والدين جي شفقت کان محروم ٿي ويا آهن، اهڙي پسمنظر سبب ئي پشاور ۾ يتيم ۽ راهن ۾ رلندڙ لاوارث ٻارن جي تعداد ۾ تيزيءَ سان اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي.
گڏيل قومن پاران گڏ ڪيل انگن اکرن مان پتو پوي ٿو ته، 2008 کان وٺي فاٽا ۽ خيبرپختونخواه ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آپريشن سبب لڳ ڀڳ 50 لک ماڻهو پنهنجي اباڻن علائقن کي ڇڏي ڀڄڻ تي مجبور ٿيا آهن. هڪ اندازي موجب موجوده وقت ۾ 1.66 ملين عارضي طور تي لڏي آيل ماڻهن (هڪ اندازي موجب 2 لک 70 هزار) پاران خيبرپختونخواه ۾ پناهه ورتي وئي آهي.
صوبائي حڪومت ۾ اهم عهدي تي ڪم ڪندڙ هڪ سينئر عملدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ”حڪومت پڻ اهو محسوس ڪيو آهي ته گھٽين ۾ لاوارث انداز سان گھمندڙ ٻارن جي تعداد ۾ گھڻو اضافو ٿيو آهي جيڪي خدشو آهي ته نشي جي عادي ماڻهن يا دهشتگردن جي هٿ لڳي سگھن ٿا“.
بيگم معراج ٻارن جي منصوبي جي پسمنظر بابت ٻڌايو ته ”پهريان اهو طئي ڪيو ويو هيو ته صرف انهن ٻارن کي هن منصوبي تحت سهولتون ڏنيون وينديون جيڪي گھٽين ۾ لاوارث حالت ۾ گھمن ٿا، پر هاڻي حڪومت پاران اها رٿابندي ڪئي وئي آهي ته فاٽا جي انهن ٻارن کي به آڻي هتي رهايو ويندو جيڪي ڪيتري وقت کان هلندڙ تشدد جي لهر سبب پنهنجي والدين جي شفقت کان محروم ٿي ويا آهن.“
گھٽين ۾ گھمندڙ لاوارث ٻارن، جيڪي اڪثر ڪري پنڻ تي مجبور آهن انهن متعلق عام ماڻهو توڙي حڪومت سڀئي تشويش ۾ مبتلا آهن.
نيوز لينز پاڪستان جي مشاهدي ۾ آيو آهي ته ٻارن جي لاءِ اڏيل سهولت جي چوگرد سخت سيڪيورٽيءَ جا انتظام ڪيا ويا آهن. جڏهن ته 14 سالن جي هڪ لاوارث ٻار اسماعيل جان مختصر موقف ڏيندي صرف اهو ٻڌائي سگھيو ته ”منهنجو پيءُ 2004 ۾ طبي موت ٿيڻ ڪري منهنجي ڄمڻ کان اڳ ئي فوت ٿي ويو، جنهن ڪري پنهنجي ٻن ڀينرن جي پالنا خاطر مونکي ڪمائڻو پيو ٿي، پر روزگار نه ملڻ سبب مان گھٽين ۾ پنڻ تي مجبور ٿي پيس“.

هن ٻڌايو ته، سندس ماءُ ۽ ڀيڻ هڪ زميندار جي گھر ۾ ڪم ڪري سٺي زندگي گذاري رهيون آهن ۽ هو به هتي خوش آهي، ٽي وقت کاڌو ملي ٿو، تعليم جو بندوبست ٿيل آهي ۽ هو دوستن سان گڏجي ڪرڪيٽ به کيڏندو آهي“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here