اسلام آباد (رحمت محسود وٽان) سياحت واري صوبائي کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته، دهشتگرديءَ ۽ قدرتي آفتن جي ڪري سخت متاثر ٿيل خيبرپختونخواه جي سياحت واري شعبي جي بحاليءَ خاطر ملڪي توڙي غيرملڪي سياحن جو ڌيان مختلف طريقن وسيلي ڇڪائڻ لاءِ صوبائي حڪومت سخت محنت ڪري رهي آهي.

خيبرپختونخواه ٽوئرزم ڪارپوريشن (ٽي سي ڪي پي) جي ميڊيا مئنيجر زهريٰ عالم نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته صوبي ۾ حالتون جيئن ته معمول تي اچي ويون آهن ان ڪري صوبائي حڪومت مقامي معيشت کي هٿي وٺرائڻ ۽ حڪومت جي آمدني وڌائڻ لاءِ سياحت جي پراڻي اوج کي بحال ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڏنيون آهن. 2013 کان پاڪستان تحريڪ انصاف جيئن ئي صوبي ۾ حڪومت سنڀالي آهي، ٽي سي ڪي پيءَ طرفان سياحت جي بحاليءِ لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ورتيون ويون آهن.

زهريٰ عالم ٻڌايو ته سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تازو جيڪي قدم کنيا ويا آهن، سوات جي مالم جَبا واري علائقي ۾ برف تي ترڪڻ واري راند کيڏندڙن (اسڪيئرز) ۽ عام سياحن جي سهولت خاطر ٻٽي نوعيت واري چيئر لفٽ ۽ زپ لائينر وارو منصوبو به انهن مان هڪ آهي، جڏهن ته سياحن کي سهولتون مهيا ڪرڻ خاطر 19 ريسٽ هائوسز پهريان ئي ٽوئرزم ڪارپوريشن جي حوالي ڪيا ويا آهن.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته، جيڪي ريسٽ هائوس ٽي سي ڪي پي کي ڏنا ويا آهن انهن مان 11 پهريان ئي ڪارآمد بڻيل آهن جن ۾ فاريسٽ ڪاٽيج نٿياگلي، فاريسٽ ريسٽ هائوس ڊونگا گلي ۽ رٽريٽ ريسٽ هائوس نٿياگلي شامل آهن. زهريٰ عالم جو چوڻ هو ته انهن علائقن ۾ واقع خانگي هوٽلن جي ڀيٽ ۾ ريسٽ هائوسز ۾ قيام ڪرڻ جو ڪرايو گھڻو گھٽ آهي.

زهريٰ عالم ٻڌايو ته حڪومت ايندڙ سالن دوران سياحت واري شعبي مان گھٽ ۾ گھٽ 50 ارب روپين جو ناڻو حاصل ڪرڻ چاهي ٿي، پر هن اهو نه ٻڌايو ته اهو ڪيتري وقت اندر ڪيو ويندو. هن جو چوڻ هو ته ريسٽ هائوسز وارا علائقا مڪمل طور تي پرامن آهن ۽ اتي تحفظ جي حوالي کان ڪي به خطرا موجود نه آهن.

خيبرپختونخواه ۾ سماجي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ گروپ، ڪي پي پبلڪ سروس جي ڪوآرڊينيٽر مطابق، سوات جي علائقي مالم جبا ۾ واقع ”اسڪي رزارٽ پاڪستان“ اهو سياحتي ماڳ هيو جيڪو سڀ کان پهريان دهشتگرد حملي جو نشانو بڻيو. 2008 ۾ دهشتگردن ان کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جنهن جي ڪري پاڪستان ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن (پي ٽي ڊي سي) کي 6 ڪروڙ روپين جو نقصان پهتو. اهو اسڪي رزارٽ هڪ دفعو ٻيهر کوليو ويو آهي.

ٻڌايو ويو آهي ته، سياحت مٿان ساڳي نوعيت جو ٻيو وڏو حملو 22 جون 2013 تي ناگا پربت جي بيس ڪيمپ مٿان ڪيو ويو، جڏهن 10 غيرملڪي جبل چاڙهن (ڪلائمبرز) ۽ سياحن جي رهنمائي ڪندڙ مقامي سونهين (گائيڊ) کي دهشتگردن گوليون هڻي قتل ڪيو. سوات واري علائقي ۾ دهشتگرد ڪارروائين ۽ انهن خلاف ٿيل فوجي آپريشن جي نتيجي ۾ سياحت واري صنعت جون سرگرميون گھڻي پئماني تي گھٽجي ويون.

پراڻين ڳالهين کي ياد ڪندي زهريٰ عالم چيو ته، کاتي جا علمدار جيئن ته پنهنجون موڪلون ملهائڻ خاطر ريسٽ هائوسز جا ڪمرا ڪيترن ئي مهينن تائين استعمال ڪندا رهندا هئا، ان ڪري اهي ريسٽ هائوسز اڳ سرڪاري خزاني مٿان هڪ وڏو بار بڻيل هئا. هن ٻڌايو ته سال 2015-16 ۾ لڳ ڀڳ 10 لک ملڪي سياح انهن علائقن ۾ گھمڻ لاءِ پهتا ۽ ان جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 5 ڪروڙ روپين جي آمدني ٿي آهي.

نيوز لينز پاڪستان پاران حاصل ڪيل دستاويزن مطابق، صوبائي ڪابينا پاران 2015 ۾ منظور ڪيل سياحت بابت پاليسيءَ ۾ اهميت جوڳين اوليتن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو آهي جن مطابق سياحت واري شعبي کي اهڙي انداز سان هٿي وٺرائي ويندي جيئن اهو معاشي ترقيءَ جي حاصلات ۾ مک ڪردار ادا ڪري سگھي. انهيءَ پاليسي ۾ سياحتي ماڳن کان علاوه انهن سان لاڳاپيل بنيادي سهولتن واري ڍانچي جن ۾ باغيچا، ثقافتي مرڪز، بيت الخلا، آرام وارا هنڌ، خيما کوڙي قيام ڪري سگھڻ وارا هنڌ، روڊ، هاسٽلون ۽ ٻيون سهولتون مهيا ڪرڻ شامل آهن.

اپر دِير جتان جي ڪمراٽ واديءَ ۾ سياحن جي رهائش وارو هڪ ريزارٽ موجود آهي، اتان جي هڪ اعليٰ انتظامي عملدار عثمان محسود نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ”خيبرپختونخواه جو سياحت وارو شعبو آمدنيءَ جي حاصلات ۽ سياحن جي انگ ۾ اضافي واري حوالي کان اڏام ڀرڻ واري پوزيشن ۾ اچي ويو آهي.

Kumrat Valley, A renowned tourist destination in Upper Dir, KP. : Photo by News Lens Pakistan/
Kumrat Valley, A renowned tourist destination in Upper Dir, KP. : Photo by News Lens Pakistan/

هن اهو پڻ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ڪجهه مهينا اڳ ڪمراٽ واديءَ جو جيڪو دورو ڪيو ان سان سياحن جو ڌيان ڇڪائڻ ۾ وڏي مدد ملي ۽ هن جي دوري کان ستت پوءِ سياحن جا ڪيترائي جٿا هن ماڳ ڏانهن پلٽجي پيا.

روڊن جي حالت گھڻي خراب هجڻ ۽ سهولتن جي کوٽ سبب ڪمراٽ واديءَ تائين پهچي سگھڻ سياحن لاءِ انتهائي مشڪل ڪم ٿي پوي ٿو. عثمان محسود جو چوڻ هو ته اها وادي سرسبز ميدانن تي مشتمل آهي جتي وڻن جي ڇانوَ ۾ ڦهليل جبل ۽ آبشار جادوئي ڪشش رکن ٿا.

Kumrat Valley, A renowned tourist destination in Upper Dir, KP. : Photo by News Lens Pakistan/
Kumrat Valley, A renowned tourist destination in Upper Dir, KP. : Photo by News Lens Pakistan/

عثمان محسود جو چوڻ هو ته، ٽي سي ڪي پيءَ جڏهن کان انهيءَ واديءَ جي ريسٽ هائوسز جو انتظام سنڀاليو آهي تڏهن کان ان جي سالانه آمدني 2.9 ملين مان وڌي 3.9 ملين تي پهچي وئي آهي.

ڪمراٽ واديءَ ۾ هڪ روڊ جي ڪناري تي قائم بيڪري ۽ کاڌي پيتي جي ٻين شين واري دڪان جي مالڪ عامر شاهه ٻڌايو ته جڏهن کان سياحن ڪمراٽ واديءَ ۾ اچڻ شروع ڪيو آهي ته هو هڪ ڏينهن ۾ هڪ لک روپيا به ڪمائي وٺي ٿو. جڏهن ته عثمان محسود انهن علائقن ۾ سياحن جي جان خطري ۾ هجڻ بابت سمورن خدشن کي رد ڪندي صلاح ڏيڻ واري انداز ۾ چيو ته اهڙي جاڳرتا مهم ضرور هلائڻ گھرجي جنهن وسيلي مقامي ماڻهن جي رويي کي سياح دوست بڻائي سگھجي.

خيبرپختونخواه حڪومت جي سياحت بابت پاليسيءَ مطابق، سياحن جي تحفظ ۽ سلامتيءَ لاءِ جوڳا اپاوَ وٺڻ ۽ کين غيرضروري پابندين کان آجو ماحول فراهم ڪرڻ کي حڪومت انتهائي اهميت ڏئي رهي آهي.

سياحت واري پاليسيءَ ۾ اهي ڳالهيون به شامل آهن ته سياحن کي اهي سموريون بنيادي ۽ ماحول دوست سهولتون به مهيا ڪيون وينديون جن جي آڌار تي هو خيما کوڙي رهي سگھن ۽ انهن سهولتن کي هڪ کان ٻئي هنڌ منتقل به ڪري سگھجي. اهڙين ڪوششن وسيلي ئي صوبي اندر سياحت کي پائيدار انداز سان هٿي وٺرائي سگھجي ٿي. ان کان علاوه، سياحن جي رهائش خاطر جهوپڙي نما ڪمرا (هَٽ)، ٿيلهي ۾ بند بسترا، پاڻيءَ جي سيمي کان محفوظ خيما ۽ ضروري حاجتن لاءِ گھربل شيون مهيا ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. انهن سڀني کان وڌيڪ اهم اصول اهو طئي ڪيو ويو آهي ته سياحن کي اهڙو سامان استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي جيڪو ماحول دوست هجي ۽ ان کي آساني سان تلف به ڪري سگھجي.

پاليسيءَ مان اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته، خيما کوڙي قيام ڪرڻ واري هنڌ تي شمسي توانائيءَ وسيلي بجلي پيدا ڪندڙ جنريٽر لڳايا ويندا، جڏهن ته باهه وسائڻ وارا اوزار، ابتدائي طبي امداد جو سامان به هر هڪ ڪئمپ وٽ فراهم ڪيو ويندو.

سوات واري علائقي ۾ قائم خانگي هوٽلن جي تنظيم جي صدر زاهد خان نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته 2007 کان 2009 تائين سوات واديءَ ۾ طالبان جي پرتشدد مهم جي نتيجي ۾ سڄي صوبي اندر سياحت جو شعبو تباهه ۽ برباد ٿي ويو. انهن ٻن سالن دوران سياحت جي شعبي کي مجموعي طور تي 7.5 ارب روپين جو نقصان پهتو. هن اهو پڻ چيو ته، هاڻي سياحت ۾ واڌارو ٿيندي نظر اچي رهيو آهي ۽ گذريل سال حالتون جيئن ئي معمول تي آيون ته ان جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 1 لک 80 هزار سياح هن علائقي ۾ گھمڻ خاطر پهتا.

پراڻين ڳالهين کي ياد ڪندي زاهد خان ٻڌايو ته ٻه سال اڳ تائين به سياح واديءِ سوات اچڻ کان گھٻرائيندا هئا ڇو ته رستي ۾ سيڪيورٽي فورسز جون درجنين چيڪ پوسٽون هجڻ سبب اهو تاثر ملندو هيو ته حالتون خراب آهن. اسان پاران ڪيتريون ئي درخواستون ڪرڻ بعد انهن چيڪ پوسٽن جو انگ گھٽائي 5 ڪيو ويو آهي جنهن ڪري به سياحن جي آمد ۾ اضافو ٿيو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ زاهد خان چيو ته هن مهل تائين ته صرف پنهنجي ملڪ جا سياح ئي هتي گھمڻ خاطر اچن پيا جڏهن ته غيرملڪي سياح اڃان به حالتن جي مڪمل طور تي نارمل ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن. هن اهو پڻ چيو ته جيڪي روڊ سياحتي ماڳن تائين پهچڻ جو وسيلو بڻجن ٿا انهن تي مواصلاتي رابطي ۽ صحت جي سهولتن جي اڻاٺ هجڻ ڪري به مشڪلاتون پيش اچن ٿيون. سهولتن جي نظام کي بهتر بڻائي حڪومت لکين سياحن جو ڌيان حاصل ڪري سگھي ٿي.

انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد (آءِ ايس ايس آءِ) پاران 2014 ۾ ”دهشتگرديءَ جي معاشي قيمت: پاڪستان جي صورتحال جو مثالي اڀياس“ جي عنوان سان جاري ڪيل هڪ تحقيقي دستاويز مطابق، سال 2004-05 کان سال 2008-09 دوران دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي نتيجي ۾ پاڪستان کي 2083 ارب روپين جو خسارو ڀوڳڻو پيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here