خيبرپختونخواه جي 47 سيڪڙو اسڪولن ۾ بجلي ۽ پاڻيءَ جي سهولت اڻلڀ

0
1196

پشاور: خيبرپختونخوا صوبي جي 27 هزار اسڪولن مان 10 هزار اسڪول اهڙا آهن جتي فنڊن جي کوٽ سبب بنيادي سهولتن جو کوٽ آهي جنهن ڪري صوبي جي شاگردن کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو.

خيبرپختونخواه جي سرڪاري اسڪولن بابت سالياني شمارياتي رپورٽ مطابق صوبي ۾ متحرڪ سمورن اسڪولن جو تعداد 27 هزار 261 آهي جن مان 22 هزار 44 پرائمري (15 هزار 579 ڇوڪرن ۽ 8 هزار 456 ڇوڪرين جا) ۽ 5 هزار 217 سيڪنڊري اسڪول (3 هزار 208 ڇوڪرن ۽ 2 هزار 09 اسڪول ڇوڪرين جا) آهن.

سرڪاري اسڪولن ۾ داخل شاگردن جوڪل تعداد 42 لک آهي جن مان 30 لک 20 هزار پرائمري جڏهن ته 11 لک 70 هزار ٻار مڊل ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن.

رپورٽ مطابق، انهن اسڪولن ۾ ذميواريون نڀائيندڙ استادن جو مجموعي تعداد هڪ لک 25 هزار 265 آهي. (81 هزار 344 مرد ۽ 43 هزار 931 عورتون آهن. جڏهن ته مجموعي طور تي 70 هزار 876 پرائمري اسڪولن، 15 هزار 207 استاد مڊل اسڪولن، 28 هزار 186 استاد هاءِ اسڪولن ۽ 10 هزار 996 هائير سيڪنڊري اسڪولن ۾ مقرر ٿيل آهن).

هر هڪ اسڪول ٽن بنيادي محرڪن تي مشتمل آهي، جن ۾ عمارت، تدريسي توڙي غير تدريسي عملو ۽ شاگرد شامل آهن. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيل آهي ته ”اها حڪومت جي ذميواري آهي ته پيئڻ جي صاف پاڻيءَ، ٽوائلٽ، بجليءَ ۽ اسڪول جي تحفظ خاطر چوديواريءَ تي مشتمل سهولتن جي فراهميءَ خاطر مالي وسيلا مهيا ڪندي رهي“.

خيبرپختونخواه انڊيپينڊنٽ مانيٽرنگ يونٽ، اسڪولن جي ڪارڪردگيءَ سان لاڳاپيل سمورن بنيادي محرڪن بابت ماهوار بنيادن تي انگ اکر ڪٺا ڪندو رهندو آهي، يونٽ جي رپورٽ نشاندهي ڪري رهي آهي ته لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو اسڪولن ۾ بجلي مهيا ٿيل نه آهي، 17 سيڪڙو اسڪولن ۾ پاڻيءَ جي ڪا به سهولت موجود نه آهي، 07 سيڪڙو اسڪولن کي چوديواري ڏنل نه آهي جڏهن ته 08 سيڪڙو اسڪولن ۾ عملي توڙي شاگردن لاءِ ٽوائلٽ جي ڪا به سهولت فراهم ناهي ڪئي وئي.

”انسٽيٽيوٽ آف سوشل اينڊ پاليسي سائنسز“ جي ڪمپيريزن رپورٽ 2016-17 ۾ چيل آهي ته مالي سال 2014-15 جي بجيٽ ۾ ايليمينٽري اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن کاتي لاءِ 94 ارب روپيا رکيا ويا. تعليم کاتي جي فنڊن ۾ مالي سال 2015-16 جي بجيٽ تحت 05 سيڪڙو اضافو ڪندي 99 ارب روپيا رکيا ويا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال دوران فنڊن ۾ وڌيڪ 05 سيڪڙو واڌ ڪندي تعليم کاتي لاءِ 104 ارب روپيا رکيا ويا جڏهن ته اضافي 08 ارب روپيا صرف انهن سهولتن جي پورائي لاءِ رکيا ويا جيڪي اسڪولن ۾ موجود نه آهن.

ان هوندي به تعليمي ماهرن چيو آهي ته، جيڪي سهولتون اسڪولن ۾ غيرموجود آهن انهن جي فراهميءَ خاطر 08 ارب روپين جا فنڊ گھڻو گھٽ آهن ۽ سهولتن جي حاصلات متعلق جيڪي ضرورتون آهن انهن جو پورائو ڄاڻايل فنڊن مان نه ٿو ڪري سگھجي.

ٻارن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ تعليمي ماهر عمران ٽَڪر نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ”پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پاران تعليم کي انتهائي اهميت ڏني پئي وڃي ان باوجود کٽل سهولتن کي پورو ڪرڻ خاطر 08 ارب روپيا رکڻ ناانصافي آهي“.

هن جو چوڻ هو ته صوبي جي ڪافي اسڪولن ۾ پاڻيءَ جي ڪا به سهولت ناهي، 10 سيڪڙو اسڪولن ۾ ڪاڪوس ناهن ۽ 10 سيڪڙو اسڪول بنان چوديواريءَ جي هلي رهيا آهن. عمران ٽَڪر جي راءِ هئي ته بنيادي سهولتن جي هجڻ سان نه صرف شاگردن جو حوصلو وڌندو آهي پر والدين به پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ  کي ترجيح ڏيندا آهن. هن ٻڌايو ته  شهري علائقن ۾ به ڇوڪرين جا اهڙا ڪيترائي اسڪول ڏٺا ويا آهن جتي پاڻي ۽ ٽوائلٽ جي سهولت موجود ناهي، اهڙي صورتحال جي ڪري ئي صوبي ۾ ڇوڪرين جي تعليم پرائڻ تي منفي اثر پون ٿا“.

ٻارن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڪارڪن معلومات مهيا ڪندي ٻڌايو ته سڄي صوبي ۾ 25 لک ٻار اسڪول ۾ تعليم نه پيا پرائين ۽ حڪومت لاءِ اها انتهائي ڳڻتيءَ واري ڳالهه آهي.

هن اهو پڻ چيو آهي ته اورمر يونين ڪائونسل ۾ ڇوڪرين جا 03 اسڪول 2005 کان استادن جي اڻهوند سبب بند پيل آهن. اتان چونڊيل صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر کي علائقي جي رهواسين جيتوڻيڪ ڪيترائي ڀيرا انهيءَ مسئلي بابت شڪايتون ڏنيون آهن پر هن مسئلي جي تدارڪ لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو.

هن صلاح ڏيندي چيو ته سموري صوبي ۾ اسڪولن جو پراڻو رتبو بحال ڪرڻ ۽ اسڪولن اندر بنيادي سهولتن جي فراهميءَ خاطر حڪومت کي جوڳا اپاءَ وٺڻ گھرجن.

پشاور سان تعلق رکندڙ هڪ شهريءَ سلمان خان چيو ته سندس ٻه ٻار سرڪاري اسڪول مان تعليم پرائيندا آهن انهن کي حاجت پوري ڪرڻ لاءِ گھر اچڻو پوندو آهي. ”حڪومت توڙي تعليم کاتي لاءِ تعليم اولين ترجيح نه آهي اهو ئي سبب آهي جنهن ڪري ماڻهو پنهنجي ٻارن کي نجي اسڪولن ۾ داخل ڪرائي رهيا آهن“.

پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ خيبرپختونخواه صوبائي اسيمبليِءَ جي ميمبر آمنه سردار تعليم جي شعبي ۾ نه هجڻ جيتري تبديلي آڻڻ سبب پي ٽي آءِ حڪومت مٿان تنقيد ڪندي چيو ته ”پي ٽي آءِ جي حڪومت صرف سٺا واعدا ۽ دعوائون ڪيون جڏهن ته گذريل 04 سالن دوران ڪا به حقيقي بهتري ڏسڻ ۾ ناهي آئي“.

مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ انهيءَ ايم پي اي وڌيڪ چيو ته ڪيترن ئي ضلعن ۾ ته ڇوڪرين جي تعليم لاءِ هاءِ اسڪول به موجود نه آهن جڏهن ته ٻهراڙين جي پسمنظر وارن ضلعن اندر ڇوڪرين جا جيڪي اسڪول هلي رهيا آهن انهن ۾ بنيادي سهولتن جي سخت اڻاٺ آهي. آمنه سردار چيو ته شانگله، ڪوهستان ضلعن، سرحدي پرڳڻي بنون ۽ لڪي مروت بابت عام تاثر اهو ئي هوندو هيو ته شاگردياڻين کي مناسب سهولتون مهيا ٿيل آهن. صوبي ۾ ڇوڪرين جي تعليم پرائڻ واري شرح گھٽ هجڻ پٺيان جيڪو سڀ کان وڏو سبب موجود آهي اهو اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ ئي آهي“.

ٻئي طرف ايليمينٽري اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن بابت صوبائي وزير محمد عاطف خان ٽرٿ ٽريڪر/نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته سرڪاري اسڪولن اندر جيڪي سهولتون کُٽل آهن انهن جي پورائي لاءِ 21 ارب روپيا رکيا ويا آهن. صوبائي وزير پاران آگاهي ڏني وئي آهي ته 2008 کان 2013 تائين اي اين پيءَ جي صوبائي حڪومت پاران صرف 1369 اسڪولن ٻاهران چوديواريون تعمير ڪرايون ويون. جڏهن ته پي ٽي آءِ جي حڪومت پاران 13 هزار 638 اسڪولن کي چوديواري ڏياري وئي آهي.

هن اهو پڻ چيو ته اي اين پيءَ جي حڪومتي دور دوران 1987 اسڪولن کي پاڻيءَ جي سهولت ڏني وئي. ان جي ڀيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت هن مهل تائين 12 هزار 198 اسڪولن ۾ پاڻيءَ جي سهولت مهيا ڪري ڏني آهي. سردار محمد عاطف ٻڌايو ته گذريل 05 سالن دوران اسڪولن اندر 16 هزار 16 ليٽرين تعمير ڪرايا ويا آهن ان جي ڀيٽ ۾ اي اين پيءَ جي حڪومت جي دور ۾ صرف 2065 اسڪولن ۾ ليٽرين تعمير ٿي سگھيا هئا.

صوبائي وزير وڌيڪ تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته اسڪولن ۾ 12 هزار 31 اضافي ڪلاس روم جوڙايا ويا آهن جڏهن ته 9856 اسڪولن ۾ بجلي فراهم ڪئي وئي آهي. ٻهراڙيءَ جي اهڙن علائقن جتي بجلي موجود نه آهي، ۾ واقع اسڪولن کي 5351 شمسي توانائيءَ جا پينل ڏنا ويا آهن ته جيئن بجليءَ جو انتظام ٿي سگھي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت تعليم واري شعبي ۾ موجود سمورين خامين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ صوبي جي سڀني اسڪولن ۾ سموريون بنيادي سهولتون مهيا ڪري ڏيڻ چاهي ٿي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here