سوات ۾ ٿيل رانديون پئسي جو زيان قرار

0
1107

سوات: راندين جي تنظيم جي هڪ عملدار سوات ضلعي ۾ راندين تي ڪي پي يو 23 تحت 172 ملين روپيه خرچ ڪرڻ کي ضايع ٿيڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته اها رقم 5000 رانديگرن جي تربيت تي موثر نموني خرچ ٿيڻ گهرجي ها.

سوات ضلعي جي راندين واري آفيس وٽان هٿ ڪيل انگن اکرن موجب ڪي پي يو 23 راندين 2017 دوران 20 راندين ۾ 227 رانديگرن حصو ورتو جن ۾ هاڪي، فٽ بال، باسڪيٽ بال، والي بال، بيڊمنٽن، ٽيبل ٽينس، لان ٽينس، ٽگ آف وار، ڪٻٽي، اسڪوائش، جوڊو، ڪراٽي، ريسلنگ، ايٿليٽڪس، جمناسٽڪ، ترڻ، سائيڪلنگ، سنوڪر، ٽائيڪ وانڊو ۽ ووشو شامل آهن. جڏهن ته 178 رانديگرن 15 راندين ۾ حصو ورتو.

سوات اسپورٽس آفيسر عبدالسلام ٻڌايو ته خيبرپختونخواه جي راندين واري ڊائريڪٽوريٽ ٽرائلز لاءِ 50 هزار روپيه ۽ 80 هزار لوگو سيريمنيءَ لاءِ ڏنا ويا. هوڏانهن اسپورٽس ايسوسيئيشن ان سڄي عمل کي پئسي جو زيان قرار ڏنو آهي.

خيبرپختونخواه بيڊمنٽن ايسوسيئيشن جي صدر ظفر علي ڪاڪا جو چوڻ هو ته اها رقم ٻن ، ٽن ڏينهن جي پروگرام تي خرچ ڪرڻ بدران اها رانديگرن جي تربيت تي لڳڻ کپندي هئي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اها رقم ايماندريءَ سان سوات جي ٽيلنٽ تي خرچ ٿئي ها ته ايندڙ قومي راندين ۾ خيبرپختونخواه فاتح ٿئي ها.

جمناسٽڪ ايسوسيئيشن ڪي پي جي سيڪريٽري رفيع الله جو به چوڻ هو ته صوبائي حڪومت ۽ اسپورٽس بورڊ کي نئين ٽيلنٽ ڳولڻ ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏئي. هن نيوزلينز پاڪستان کي وڌيڪ ٻڌايو ته سوات جي رانديگرن ۾ ٽيلنٽ موجود آهي، تازين راندين ۾ جمناسٽڪ رانديگرن محمد احسان، عمران خان ۽ وقاص خان گولڊ ميڊل حاصل ڪيا.

سوات راندين ۾ ٽينس کيڏندڙ بلال خان ٻڌايو ته سوات ۾ ٽينس ڪورٽ ناهن ۽ رڳو خانه پوريءَ لاءِ ٽينس مقابلن ۾ ٻين راندين جا رانديگر کيڏريا ويا، ايتري قدر جو انهن لاءِ نه ٽرينر ۽ نه ئي ڪو ڪوچ هيو.

سوات ۾ ڪرڪيٽ اڪيڊمي هلائيندڙ گوهر شاه جو چوڻ هو ته ڪي پي يو 23 ۾ ڪيترائي رانديگر مختلف راندين ۾ کيڏيا پر انهن خلاف ڪو به قدم نه کنيو ويو. هن چيو ته ”مان ذاتي طور تي ڪافي رانديگرن کي مختلف ڪيٽيگرين ۾ کيڏندو ڏٺو“.

ڪجهه عملدارن جو چوڻ هو ته شانگله ضلعي مان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ٽيمن شرڪت نه ڪئي پر انهن جا ڊيلي الائونس ۽ يونيفارم ورهايل ظاهر ڪيا ويا. جڏهن ته سوات جي ڇوڪرين غيرقانوني طور شانگله جي نمائندگي ڪئي ۽ انهن جوڊو سان گڏ ٽگ آف وار راندين ۾ به حصو ورتو.

بيڊمنٽن جي رانديگر فيصل خان چيو ته ڪي پي يو 23 رانديون بهتر طريقي سان منعقد نه ڪرايون ويون، ايتري قدر جو فائنل به اٻهرائپ جو شڪار نظر آيو. هن چيو ته اشتهارن مان ائين پئي لڳو ته اهو بهتر پروگرام هوندو پر ائين نه ٿيو.

سوات جي ضلعي اسپورٽس عملدار عبدالسلام جو خيال هو ته ڪي پي يو 23 رانديون تمام ڪارائتيون هيون، ڇاڪاڻ ته ان مان رانديگرن لاءِ موقعا نڪتا ۽ ٽيلنٽ ڏيکارڻ جو کين ڀرپور چانس مليو.

هن نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ته جلد ئي اسپورٽس ڪمپليڪس قائم ڪيو پيو وڃي جتي مختلف راندين لاءِ تربيت جو انتظام ڪيو ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here