پشاور (شيراز اڪبر وٽان) ويجهڙائيءَ ۾ ٿيل يونيورسٽين جي هڪ درجي بنديءَ مان اهو معلوم ٿيو آهي ته، خيبرپختونخواه صوبي جي هڪ به يونيورسٽي ملڪ جي ڏهن بهترين يونيورسٽين واري لسٽ ۾ شامل نه آهي.
اها درجي بندي، ملڪ اندر اعليٰ تعليم وارن عملن بابت بنيادي مالي وسيلا فراهم ڪندڙ، وڏن تعليمي ادارن جي نگراني ڪندڙ، انهن کي تصديقي سَند ڏيڻ واري ڪم لاءِ جوڙيل اداري هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اِي سيءَ) پاران ترتيب ڏني وئي آهي.
2015 ۾ ڪيل، پاڪستان جي اعليٰ تعليمي ادارن (ايڇ اِي آئيز) جي پنجين درجي بنديءَ ۾، سرحدي صوبي خيبرپختونخواه جي يونيورسٽين جي درجي بندي 2014 جي ڀيٽ ۾ مجموعي طور تي تنزليءَ جو شڪار نظر اچي رهي آهي.

ايڇ اِي سيءَ جي درجي بندي پاڪستان جي 129 يونيورسٽين تي مشتمل آهي، جن ۾ خيبرپختونخواه جون هنري، ڪاروباري، زراعت، طب ۽ جنرل درجي بنديءَ واريون 22 سرڪاري توڙي خانگي يونيورسٽيون پڻ شامل آهن. ان درجي بنديءَ سبب هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ خيبرپختونخواه جي يونيورسٽين جي ڪارڪردگيءَ بابت ڪيترا ئي سوال پڻ نروار ٿي بيٺا آهن.
ٽيليفون وسيلي نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي باچا خان ٽرسٽ ايجوڪيشن فائونڊيشن (بي ڪي ٽي اِي ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر خادم حسين چيو آهي ته ”يونيورسٽين جي معاملن ۾، ماضيءَ وارين توڙي موجوده حڪومت پاران مسلسل ڪئي ويندڙ مداخلت ۽ مالي مشڪلاتن، خيبرپختونخواه جي يونيورسٽين جي ڪارڪردگيءَ کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي“.

ڊاڪٽر خادم حسين اهو پڻ چيو ته، خيبرپختونخواه جي يونيورسٽين جي ڪارڪردگي خراب ٿيڻ جو ٻين کان علاوه، موجوده حڪومت پاران 2012 ۾ يونيورسٽي ايڪٽ اندر ڪيل ترميم پڻ هڪ سبب آهي. ان ترميم ۾ هڪ نقطو يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن جي مقرريءَ واري مدي ۾ گھٽتائي ڪرڻ وارو پڻ آهي. وائيس چانسلر کي هٽائڻ لاءِ سينڊيڪيٽ ميمبرن جي اڪثريت کي هاڻي صرف ها ۾ ڪنڌ لوڏڻ جيتري ضرور پوي ٿي.
ڊاڪٽر خادم حسين پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته ”اهڙي قسم جي سرگرميءَ سان تعليمي ۽ انتظامي عمل توڙي فيصلا سازيءَ ۾ بار بار رخنو پوي ٿو“.
تعليمي ماهر ڊاڪٽر پرويز هودڀائي پڻ، اعليٰ تعليمي ادارن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي سطح کان گھٽ هجڻ جو ذميوار ايڇ اِي سيءَ کي قرار ڏئي ٿو.
سرگرم سياسي ڪارڪن، ناميارو تعليمدان ۽ ايٽمي فزڪس جو ماهر ڊاڪٽر پرويز هودڀائي، جيڪو هونئن ئي پاڪستان ۾ تعليم کي ترقي وٺرائڻ بابت گھڻو ڪري فڪرمند رهندو آهي، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ”سرڪاري اداري هجڻ واري حيثيت ۾، پاڪستان اندر اعليٰ تعليم جو معيار ڪري پوڻ جي بنيادي ذميواري ايڇ اِي سيءَ مٿان اچي ٿي. نمبر واري ڊوڙ سبب يونيورسٽين اندر ”تعليمي ڪرپشن“ جي وڏي پيماني تي همٿ افزائي ٿي رهي آهي. ڪارڪردگيءَ جو معاملو جيئن ته مالي فائدن سان جڙيل آهي، ڇاڪاڻ ته درجي بنديءَ سبب يونيورسٽين کي اضافي مالي وسيلا مهيا ڪيا وڃن ٿا، ۽ اهو ئي سبب آهي جنهن ڪري شاگرد اهڙين يونيورسٽين ۾ داخلا تي زور ڏين ٿا ۽ روزگار ڏيڻ وارا اهڙن ادارن مان پڙهيلن کي نوڪري ڏين ٿا“.

ڊاڪٽر پرويز هودڀائيءَ تبصرو ڪندي چيو ته ”جيڪڏهن ايڇ اِي سي چوي ٿي ته ڪا يونيورسٽي سٺي آهي، ته اها ڳالهه به اوتري سٺي به ۽ خراب به ٿي سگھي ٿي ڇو ته يونيورسٽين جي ڪارڪردگيءَ جي ڪٿ ڪرڻ متعلق غلط يا اڻ لاڳاپيل معيار مقرر ٿيل آهن. ايڇ اِي سيءَ جي معيار مطابق، هڪ يونيورسٽيءَ جو درجو ان ڪري مٿانهون ٿي ويندو ڇو ته ان يونيورسٽيءَ پاران تحقيقي ڪم جي ڇپائي وڏي انگ ۾ ڪئي وڃي ٿي يا ان اداري پاران وڏي تعداد ۾ پي ايڇ ڊيءَ جون ڊگريون جاري ڪيون وڃن ٿيون، جڏهن ته اهڙا ڪيترائي فرد به موجود هجن ٿا جيڪي انفرادي طور تي گھڻا تحقيقي پيپر تيار ڪن ٿا پر ان باوجود اهي پنهنجي ڪم بابت بنيادي سوالن جا جواب ڏئي سگھڻ واري قابليت به نه ٿا رکن“.

ڊاڪٽر پرويز هودڀائيءَ جو چوڻ هو ته ”ايڇ اِي سيءَ جي درجي بنديءَ جي ساک ٻڙي آهي. ان جو مطلب يا مقصد ڪجهه به نه آهي ۽ انٽرنيٽ جي دور ۾ اهو ڪم دوکيبازيءَ واري ڪاروباري صنعت (ڊگري ڏيڻ وارو) ٿي پيو آهي، جهڙيءَ ريت ”اگزيڪٽ“ اداري پاران ڪيو ويو. درجي بنديءَ وارو اهڙي قسم جو نامعقول ڪاروبار ٻيو ڪجهه به نه آهي صرف اجايو نمبرن کي عظيم قرار ڏيڻ آهي. اهو ڪاروبار هر صورت ۾ بند ٿيڻ گھرجي“.
هن اهڙي خدشي جو پڻ اظهار ڪيو ته ”يونيورسٽين اندر سڀ کان اهم ۽ وڏا عهدا هاڻي اهي ماڻي وٺندا، جن وڏي انگ ۾ تحقيقي مضمون شايع ڪرڻ جو بندوبست ڪري ورتو هوندو، پي ايڇ ڊيءَ جون ڊگريون حاصل ڪري ورتيون هونديون ۽ آخري نتيجو اهو نڪرندو ته کين ايندو ڪجهه به نه هوندو. ايندڙ 50 سالن تائين اسان اهڙن ماڻهن جي گھيري ۾ اچي وينداسين جيڪي مختلف تعليمي شعبن جا سربراهه، ڊين ۽ وائيس چانسلر ٿي پوندا“.

ڊاڪٽر پرويز هودڀائيءَ صلاح ڏني ته ”يونيورسٽين ۽ ايڇ اِي سيءَ کي گھرجي ته اهي صرف ان ڳالهه تي ڌيان ڏين ته سندن فيڪلٽي ميمبر انهن مضمونن بابت سٺي ڄاڻ رکن ٿا ۽ اهي مضمون پڙهائڻ جي پڻ قابل آهن جن ۾ مهارت رکڻ بابت هنن ڊگري ورتي آهي“.

يونيورسٽين بابت ايڇ اِي سيءَ جي تازي درجي بنديءَ مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته، خيبرپختونخواه جي سڀ کان وڏي سرڪاري يونيورسٽي، پشاور يونيورسٽيءَ جو 2014 ۾ درجو جنرل شعبي ۾ پنجين نمبر تي هيو، ساڳي شعبي ۾ ان جو درجو گھٽجي اچي اٺين نمبر تي بيٺو آهي.
هڪ سال جي وقت اندر جنرل يونيورسٽين جي شعبي ۾، پشاور جي اباسين يونيورسٽيءَ جو درجو 25 مان گھٽجي 47 هون (22 پوائنٽن سان) ۽ ڊيرا اسماعيل خان جي قرطبه يونيورسٽيءَ جو درجو 26هين مان گھٽجي 40هين (14 پوائنٽن سان) تي بيٺو آهي.
پشاور يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر رسول جان، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي ٻڌايو آهي ته ”پشاور يونيورسٽيءَ ۾ شام واري شفٽ بند ڪري ڇڏي سين، جنهن جي ڪري شاگردن جو تعداد گھٽجي ويو ته ان جي نتيجي ۾ تحقيقي مضمونن جي ڇپائي به گھٽجي وئي، جيڪو ايڇ اِي سيءَ جي درجي بنديءَ واري لسٽ ۾ نقصان پهچائڻ جو وڏو سبب بڻجي پيو“.
جڏهن ته هڪ سال اندر خيبرپختونخواه جي جن يونيورسٽين جي درجي بندي مٿي ٿي آهي انهن ۾ ڊيرا اسماعيل خان جي گومل يونيورسٽي پڻ شامل آهي. اها يونيورسٽي 2014 ۾ 38هين نمبر تي بيٺل هئي ۽ هاڻي ٽپو ڏئي 26هين نمبر تي پهتي آهي. ڪوالٽي اشوئرنس بابت گومل يونيورسٽيءَ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اسد علي خان پاران ان سلسلي ۾ تحقيقي مضمونن جو حوالو ڏنو ويو آهي، ٻڌايو ويو آهي ته 2014 جي ڀيٽ ۾ 2015 دوران وڌيڪ تحقيقي مضمون شايع ٿيڻ جي ڪري يونيورسٽيءَ جي درجي بنديءَ ۾ بهتري آئي آهي.

پشاور جي اباسين يونيورسٽيءَ جي هڪ سينيئر عملدار، جنهن پنهنجو نالو ظاهر ڪرڻ کان ان ڪري انڪار ڪيو، ڇو ته هن کي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه جو اختيار حاصل نه آهي، ان جو چوڻ آهي ته ”ايڇ اِي سيءَ جي درجي بندي تعصب تي ٻڌل آهي، ڇو ته ٻن صوبن پنجاب ۽ سنڌ سان تعلق رکڻ وارن عملدارن کي ايڇ اِي سيءَ ۾ سرسي حاصل آهي، اهڙي قسم جي صورتحال ۾ انهن کان غيرجانبداريءَ جي اميد نه ٿي ڪري سگھجي“.
ڊاڪٽر خادم حسين پاران به ايڇ اِي سيءَ ۾ تعصباڻي روئي جي نشاندهي ڪئي وئي. هن چيو ته، درجي بندي عالمي معيار سان مطابقت رکندڙ نه آهي.
نيوز لينز پاڪستان پاران هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد سان رابطي جي ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪئي وئي ته جيئن انهن معاملن بابت هن جو موقف وٺي سگھجي پر هن رابطي ۾ اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ايڇ اِي سيءَ ۾ ڊائريڪٽر ميڊيا طور ڪم ڪندڙ عائشه اِڪرام، ٽيليفون تي ڏنل انٽرويوءَ دوران موقف اختيار ڪيو ته ”اهو چوڻ مڪمل طور نامناسب آهي ته درجي بنديءَ واري سلسلي ۾ ايڇ اِي سيءَ جو رويو ڪنهن صوبي يا يونيورسٽين ڏانهن تعصب وارو آهي“. عائشه اِڪرام اهڙي تصور ته، درجي بنديءَ جو ڪو به معيار مقرر نه آهي، کي رد ڪندي چيو ته درجي بندي ڪرڻ واري عمل دوران يونيورسٽين جي ڪيترن ئي رخن ڪارڪردگي، معيار تي پورو لهڻ جي ثابتي، پڙهائڻ جي ساک، تحقيق، سماجي لاڳاپي ۽ مقامي سطح تي واڌ ويجهه وارن رخن“ جو ڳوڙهيءَ نظر سان مشاهدو ڪيو ويندو آهي.
عائشه اِڪرام اهو پڻ چيو ته ”يونيورسٽين جي درجي بندي ڪرڻ جو مقصد يا مطلب اهو آهي ته ملڪ جي اعليٰ تعليم ڏيڻ وارن ادارن (ايڇ اِي آئيز) ۾ مقابلي واري صحتمند رجحان کي هٿي وٺرائجي ۽ عالمي سطح تي پڻ مقابلو ڪري سگھڻ واري صلاحيت کي حوصلو بخشي سگھجي“.
هن اهو پڻ چيو ته، پهرين قدم طور ايڇ اِي سيءَ پاران معياري تعليم جي ضمانت وٺڻ خاطر يونيورسٽين سان رابطن کي وڌايو ويو آهي. مختلف ڪوالٽي اشوئرنس ڪميٽين پاران ملڪ جي سمورين يونيورسٽين جا دورا ڪيا ويا آهن. يونيورسٽين جي درجي بنديءَ جي سلسلي ۾ ايڇ اِي سي عالمي سطح جي بهتر عملن جي پوئواري ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ شراڪت دارن پاران ملندڙ صلاحن کي به غور هيٺ آندو ويندو آهي.

عائشه اِڪرام، ان باوجود اهو پڻ چيو ته ”ان هوندي به سڌاري جي گنجائش هر وقت موجود رهندي آهي. ايڇ اِي سي درجي بنديءَ واري عمل بابت شراڪت دارن پاران صلاحون ڏيڻ واري عمل جي هر وقت آجيان ڪندي رهي ٿي ته جيئن ان عمل کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگھجي“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here