پشاور (عطاءُ الله خان وٽان) 40 لک ماڻهن جي آباديءَ واري شهر پشاور ۾ رزوانو ڪيترائي ٽن ڪچرو گڏ ٿئي ٿو، ڪچري کي سنڀالڻ وارن انتطامن جا ماهر صورتحال کي ان رخ کان به ڏسي رهيا آهن ته جيڪڏهن ٻيهر استعمال لائق بنائڻ واري ري سائيڪلنگ جي سهولت موجود هجي ته ان ڪچري کي ”ڪاري سون“ ۾ تبديل ڪري سگھجي ٿو.

”واٽر اينڊ سينيٽيشن سروسز آف پشاور“ (ڊبليو ايس ايس پي) خيبرپختونخواه حڪومت جو هڪ خودمختيار ادارو آهي، ان اداري پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق پاڪستان جو نائون نمبر وڏو شهر پشاور، 1257 ڪلوميٽرن تي ڦهليل آهي، ۽ شهر جي 45 يونين ڪائونسلن مان روزانو 810 ٽن ٺوس ڪچرو گڏ ڪيو ويندو آهي.
ڊبليو ايس ايس پيءَ جي مئنيجر آپريشنز ناصر غفور نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو آهي ته ”روزانو جيڪو ڪچرو ڪٺو ڪري اڇلايو ويندو آهي اهو 810 ٽنن جو 70 کان 75 سيڪڙو آهي، جڏهن ته باقي بچيل ڪچرو شهر اندر ئي پيل هوندو آهي“.
ان جو مطلب اهو ٿيو ته شهر مان جيڪو ڪل ڪچرو ٽريٽمينٽ يا ري سائيڪلنگ لاءِ ڪٺو ڪيو ويندو آهي اهو 810 ٽنن جو جيڪڏهن 75 سيڪڙو آهي ته ان حساب سان ڪل 610 ٽن ڪچرو جمع ڪيو وڃي ٿو، باقي 200 ٽن ڪچرو شهر اندر ئي پيل رهي ٿو. ناصر غفور جو چوڻ آهي ته ”عالمي سطح تي ٺوس ڪچري کي ڪارو سون تصور ڪيو ويندو آهي پر بدقستميءَ سان اسان اهڙي گھڻ قومي ڪمپنيءَ جي تلاش ۾ آهيون جيڪا ڪچري جي ري سائيڪلنگ ڪري سگھي“.
پشاور جي صفائي ۽ سٿرائيءَ واري اداري ڊبليو ايس ايس پي پاران سال 2014-15 دوران ڪل 65 هزار ٽن ڪچرو ڪٺو ڪيو ويو، ڪچري جو اهو انتهائي گھڻو مقدار توانائي پيدا ڪرڻ جي مقصد خاطر استعمال ٿي سگھي ٿو.
ڊبليو ايس ايس پيءَ مطابق، 2015 ۾ شهر جي ڪچري کي ٻيهر قابل استعمال بنائڻ واري رٿا خاطر خيبر پختونخواه حڪومت کي 15 بين الاقوامي ڪمپنين پاران اظهار دلچسپيءَ واريون آڇون وصول ٿيون پر آرمي پبلڪ اسڪول مٿان ٿيل دهشتگرد حملي کانپوءِ واري تحفظ جي صورتحال سبب انهن آڇن جي ڇنڊڇاڻ وارو عمل ئي شروع ٿي نه سگهيو.

جيئن ته ڊبليو ايس ايس پيءَ جو هڪ آفيسر ميڊيا کي تفصيل مهيا ڪرڻ لاءِ بااختيار نه هيو ان ڪري هن پنهنجو نالو راز ۾ رکڻ جي شرط تي نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ”ڪچري کي ڪارائتي انداز سان استعمال ڪرڻ وارين 10 کان وڌيڪ ڪمپنين پاران ملڪ جي قومي ڪمپنين سان گڏجي، ٺوس ڪچري مان 10 کان 13 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ عملي انتظام ڪرڻ بابت دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو ويو.
اهڙي ماحول دوران، تحفظ واري صورتحال به ڪردار ادا ڪيو، پر افسر شاهيءَ پاران رٿا کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ ٺيڪن کي منظور ڪرڻ ۾ گھڻي دير ڪرڻ وارا حربا پڻ هلايا ويا“.
ڊبليو ايس ايس پيءَ جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته، ملڪي ڪمپنين وٽ اهڙيون صلاحيتون موجود نه آهن جن تحت اهي شهر جي سموري ڪچري کي ڪارائتي انداز سان استعمال هيٺ آڻي سگھن.
ان سلسلي ۾ ناصر غفور جو چوڻ آهي ته ”ملڪي ڪمپنيون صرف 30 سيڪڙو ٺوس ڪچري کي استعمال ڪندي ان مان رفيوز ڊرائيوڊ فيول (آر ڊي ايف) يا ٻوٽن کي ڏنو ويندڙ ڀاڻ تيار ڪري سگھن ٿيون، جڏهن ته باقي بچي پيل ٺوس ڪچرو ضايع ئي ٿيندو رهندو. جنهن کي شهر جي مختلف علائقن ۾ اڇلائڻ لاءِ اسانکي واڌو وسيلا خرچ ڪرڻا پوندا“.

ڊبليو ايس ايس پيءَ پاران ڏنل تفصيلن مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته پشاور ۾ هڪ ماڻهوءَ پاران روزانو ڪچرو پيدا ڪرڻ جي شرح لڳ ڀڳ 0.3 کان 0.4 ڪلو آهي. شهر اندران ڪٺي ٿيندڙ ڪچري جو تمام وڏو حصو ڏاکڻئين علائقي ۾ اڇليو ويندو آهي، جتان عام طور تي ڪچري مان ٻيهر استعمال لائق ٿي سگهندڙ شيون ڪٺيون ڪرڻ وارا ٻار لوهه، ڪاغذ، پلاسٽڪ، پراڻا ڪپڙا ۽ ٻيون شيون گڏ ڪندا آهن. جتي ڪچرو اڇلايو ويندو آهي، اها جڳهه مناسب انداز سان محدود ڪيل نه آهي. ڪچرو چونڊيندڙ ۽ نشي جا عادي ماڻهو پنهنجي مقصد خاطر ڪچري کي ڦهلائيندا رهن ٿا ته جيئن ڪم واريون شيون ڳولي انهن جو وڪرو ڪري سگھن. پشاور ضلعو 4 ٽائونن ۽ 93 يونين ڪائونسلن تي مشتمل آهي. ماحوليات ۽ زراعت جي انتظامن بابت ماهر ميان مقبول حسين مطابق، شهر جي 40 لک آباديءَ جي ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ جا صرف 2 هنڌ آهن، هڪڙو هنڌ هزار خواني ۽ ٻيو لنڊي آخوند احمد آهي.

مقبول حسين جو چوڻ آهي ته ”هزارين ماڻهن پاران پنهنجي جياپي لاءِ ان ڪچري مان قابل استعمال شيون چونڊڻ واري اها اڪيلي سرگرمي ئي آهي جيڪا اهو ڪچرو گڏ ٿيڻ بعد ٿيندي آهي. ڪچري کي کليل هنڌن تي باهه ڏئي ان مان وڪري لائق شيشي جون شيون يا اهڙو ٻيو سامان جيڪو ڪچري جي ڍڳ مان ڳولڻ سولو نه آهي، ان کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪچري کي ساڙڻ ”خطرناڪ ۽ تشويش جوڳي سرگرمي آهي“.

ڪچري ۾ شامل ٿي ويندڙ 50 سيڪڙو ڪارائتيون شيون ڪچري جي ڍيرن تائين پهچڻ کان اڳ ئي ان هنڌ وٽان چونڊجي وينديون آهن، جتي ڪچري کي ابتدائي طور تي اڇلايو ويندو آهي. جڏهن ته اهڙيون شيون جيڪي ٻيهر استعمال لائق ٿي سگھن ٿيون، انهن کي ڪيتري وقت تائين گھرن اندر به ڪنهن ڪنڊ ۾ رکيو ويندو آهي، اهڙو ڪچرو تڏهن ئي گھر کان ٻاهر نڪرندو آهي، جڏهن ڪير ان کي پيسي عيوض خريد ڪندو آهي، اهڙي ڪچري جا انگ اکر مختلف ٿي سگھن ٿا“.
مقبول حسين پاران هڪ ويب سائيٽ bioenergycosult.com تي لکيو ويو آهي ته ”ٻيهر استعمال جي لائق ٿي سگھندڙ شيون تمام گھٽ تعداد ۾ ڪچرا ڪنڍين يا ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ واري ثانوي منزل تائين پهچي سگھنديون آهن. هر هڪ گھر مان ٻيهر استعمال جي لائق ٿي سگھندڙ شين کي ڪٺو ڪرڻ جو سلسلو متعارف ڪرائي ميونسپل وارا گھرن مان 90 سيڪڙو اهڙيون شيون هٿ ڪري سگھن ٿا جيڪي ٻيهر استعمال جي لائق هونديون آهن“.

پشاور يونيورسٽيءَ جي ماحولياتي سائنس واري شعبي سان واڳيل پروفيسر ڊاڪٽر شفيق الرحمان نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ”ڪچري کي کليل هنڌن تي اڇلائڻ جمالياتي اعتبار کان هڪ ڪراهت ڏياريندڙ فعل آهي، جنهن سان ڪيترائي ايڪڙ ايراضي گندگيءَ جي ور چڙهي ويندي آهي ۽ ان جي ڪري پلاسٽڪ توڙي ٻين شين جي بدبوءِ پڻ ڦهلجي ويندي آهي، جڏهن ته ان ڪچري کي اڏاوت يا زراعت جي شعبي ۾ ڪتب آڻي سگھجي ٿو“.
هن صلاح ڏيندي چيو ته، جتي ڪچري کي اڇلايو وڃي ٿو اهي هنڌ شهر کان گھڻو پري هجڻ گھرجن ۽ انهن ماڳن جي ڀرسان آبادي نه هجڻ گھرجي.

ٺوس ڪچرو گھڻي ڀاڱي ٽن مرڪبن تي مشتمل هوندو آهي، بائيو ڊي گريڊ ايبل نوعيت جي ڪچري ۾ کاڌي جون شيون، جانورن جا ڇيڻا، وڻن جا پن، گاهه، تيليون ۽ ڪاٺ جا اسم شامل هوندا آهن. نان بائيو ڊي گريڊ ايبل ڪچري ۾ پلاسٽڪ، رٻڙ، ڪپڙن ۾ شامل ٻيا اسم، ڌاتو ۽ پٿر شامل هوندا آهن. جڏهن ته ٻيهر استعمال لائق ٿي سگھندڙ ڪچري ۾ ڪاغذ، ڪاغذ جا گتا، قالينن جا ٽڪرا ۽ هڏا شامل هوندا آهن.

ڊاڪٽر شفيق الرحمان جو چوڻ آهي ته ”عالمي سطح جي معيار مطابق ڪچرو شهري آباديءَ مان ڪٺو ڪرڻ بعد گاڏين وسيلي پهريان عارضي هنڌ تي آندو ويندو آهي، جتي بائيو ڊي گريڊ ايبل نوعيت جي ڪچري کي نان بائيو ڊي گريڊ ايبل ڪچري کان ڌار ڌار ڪيو ويندو آهي. جنهن بعد نان بائيو ڊي گريڊ ايبل ڪچري کي وري ٽن ٻين قسمن، ٻيهر استعمال جي لائق ٿي سگھندڙ، ٻيهر استعمال ٿي سگھندڙ ۽ محدود ٿي سگھندڙ ڪچري طور ورهايو ويندو آهي.

ڪچري کي ٻيهر ڪارائتي انداز سان استعمال ڪرڻ واري ان عمل جي پوئواري پشاور ۾ نه ٿي ڪئي وڃي، اهو ئي سبب آهي ته شهر ڏينهون ڏينهن وڌيڪ گندو ٿي رهيو آهي. بائيو ڊي گريڊ ايبل ڪچرو، ان مان ڀاڻ ۽ توانائي ٺاهڻ سبب گھڻو ڪارائتو ٿي سگھي ٿو“.
ڊاڪٽر شفيق الرحمان پاران ٻڌايل ڳالهين مطابق، سڌريل ملڪن ۾ نامياتي ڪچري کي سيمينٽ سان ٺاهيل مختلف تهن وارين کاهين ۾ رکيو ويندو آهي، ڪچري کي گاري يا مٽيءَ سان ليپو ڏئي تهه ڪري رکيو ويندو آهي. ڪيميائي يا جيوڙن جي اثر ۽ موسم جي اثرن سبب اهو نامياتي ڪچرو هڪ عمل کانپوءِ ڀاڻ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي، جنهن کي زرعي مقصدن خاطر استعمال ڪرڻ لاءِ ڪاروباري انداز سان وڪرو پڻ ڪيو ويندو آهي.
ڊاڪٽر شفيق الرحمان وڌيڪ ٻڌايو ته، کليل هنڌن تي اڇلايل ڪچري مٿان بارش پوڻ جي صورت ۾، بارش جو پاڻي ان مان گذري زمين ۾ جذب ٿيندو آهي، جيڪو پوءِ ٽيوب ويلن وسيلي ماڻهن جي استعمال لاءِ ٻاهر ڪڍيو ويندو آهي. بارشن جو اهڙو آلوده پاڻي زمين جي تهن هيٺ وڃي جر جي پاڻيءَ سان گڏجي ويندو آهي، جنهن ڪري جر جو پاڻي به گندو ٿي ويندو آهي، ان جي ڪري ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿي پون ٿيون. اهڙو عمل ساهوارن توڙي پاڻيءَ جي شفافيت واري زندگيءَ لاءِ هاڃيڪار آهي ڇو ته جتي ڪچري جا ڍِڳ لڳايا وڃن ٿا اتي مکين، جيوڙن، گدڙن ۽ ٻين گوشت خور جانورن جا ولر ڪٺا ٿيل هوندا آهن، جيڪي انسانن توڙي ماحول لاءِ خطرو پيدا ڪري وجھن ٿا.

ڊاڪٽر شفيق الرحمان پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته ”ڪچري کي محدود ايراضيءَ اندر رکڻ، موثر انتظامي حڪمت عمليءَ ۽ شهر مان سمورو ڪچرو ڪٺو ڪرڻ سان گڏ ڊي گريڊ ايبل، نان ڊي گريڊ ايبل، استعمال لائق، ٻيهر استعمال نه ٿي سگھندڙ ۽ ٻيهر استعمال جي لائق بڻجي سگھندڙ ڪچري کي ڌار ڌار ڪرڻ واري عمل وسيلي ئي اسان پنهنجي ماحول کي محفوظ بڻائي سگھئون ٿا، ٻي صورت ۾ اسان اهڙن خطرن جي وَرِ چڙهي وينداسين جن کي ويجهي مستقبل ۾ مُنهن ڏيڻ اسان لاءِ سولو نه ٿي سگھندو.
ڊاڪٽر شفيق الرحمان ٻڌايو ته، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پاران 2008 کان 2013 دوران دنيا جي 16 سو شهرن ۾ هڪ اڀياس ڪرايو ويو آهي ان اڀياس مان پتو پيو آهي ته ڪراچي دنيا جي گندن ترين شهرن ۾ پنجين نمبر تي بيٺل آهي، پشاور ڇهين ۽ راولپنڊي ستين نمبر تي آهي. ڊاڪٽر شفيق پنهنجي ڳالهه جاري رکندي ٻڌايو ته، اهو اڀياس فضائي آلودگيءَ متعلق هيو، ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪچري کي تلف ڪرڻ لاءِ ان کي باهه ڏئي ساڙڻ وارو طريقو اختيار ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان ماحول ۾ زهريليون گيسون ڀرجي وڃن ٿيون ۽ فضا آلوده ٿي وڃي ٿي.

خيبرپختونخواه جي ماحولياتي تحفظ واري ايجنسي (اِي پي اي) کي شهرين پاران، اسپتالن اندر استعمال ٿيندڙ دوائن جي پاڻيءَ سميت ٻئي ڪچري کي کليل هنڌن تي ساڙڻ بابت اڻ ڳڻيون شڪايتون وصول ٿينديون رهن ٿيون.
انوائرنمينٽ پروٽيڪشن ايجنسيءَ (اِي پي اي) جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ممتاز علي نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو آهي ته ”پاڪستان هاءِ ڪورٽ جي گرين بينچ ۾ جيڪي شڪايتون جمع ڪرايون ويون آهن اسان انهن جي ازالي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. ڪچري کي ڪٺي ڪرڻ جي هنڌن بابت اسان جي اداري پاران سفارشون تيار ڪيون ويون آهن.

ڊبليو ايس ايس پي يا ڪنهن ٻئي ميونسپل سطح جي اداري کي انهن سفارشن تي عمل ڪرڻو پوندو. انهن سفارشن ۾ هي نقطو پڻ شامل آهي ته اسپتالن مان ڪٺي ٿيندڙ سامان کي گھريلو ڪچري ۾ شامل ڪري ڪچري جي ڍيرن ۾ نه اڇلايو وڃي ۽ اهڙي ڪچري کي ساڙڻ بجاءِ کڏون کوٽي زمين اندر دفن ڪيو وڃي“.
ممتاز عليءَ جو چوڻ آهي ته، هاسپيٽل ويسٽ مئنيجمينٽ رولز 2005 مطابق، هر هڪ اسپتال جي انتظاميا ذميوار آهي ته پنهنجي ڪچري کي اسپتال جي حدن اندر ئي ٺڪاڻي لڳائي، پر مسئلو اهو آهي ته، وڏين اسپتالن ۾ ته ڪچري کي ضايع ڪرڻ جون مشينون لڳل آهن، پر ننڍيون اسپتالون اهڙي مهانگي ٽيڪنالاجي لڳائي نه ٿيون سگھن. اهو ئي سبب آهي ته اسپتالن جو ڪچرو مستقل طور تي گھريلو ڪچري سان گڏجي انساني صحت لاءِ هاڃيڪار اثر پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجندو رهي ٿو.

ممتاز عليءَ مطابق، ماحوليات بابت موجوده قانونن ۾ ترميمن جي ضرورت آهي ته جيئن ادارن ۽ فردن کي اهڙين ڳالهين تي عمل جو پابند بنائي سگھجي، جيڪي ماحولياتي معيار سان مطابقت رکندڙ هجن. مسئلي جو هڪ رخ اهو به آهي ته ماحولياتي تحفظ بابت ٽربيونل جو مدو ڊسمبر 2014 ۾ پورو ٿي چڪو آهي ۽ ان ۾ 7 سو ڪيس ٻڌڻيءَ جي انتظار ۾ پيل آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here