پشاور: خيبرپختونخواه صوبي ۾ اسڪولن جي سطح تي ڊجيٽل انداز واري سکيا وسيلي انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي تعليم ڏيڻ وارو سلسلو آءِ ٽيءَ ۾ مهارت رکندڙ استادن جي کوٽ سبب عروج ماڻڻ کان محروم رهندو پيو اچي.

خيبرپختونخواه جي صوبائي حڪومت پاران پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن کي ڪمپيوٽر ۽ آءِ ٽيءَ جا ٻيا اوزار مهيا ڪرڻ سبب صوبي جا استاد سرها آهن، پر اسڪولن ۾ آءِ ٽيءَ ۾ مهارت رکندڙ استادن جي عدم موجودگيءَ سبب استاد ڳڻتيءَ ۾ به ورتل آهن ڇو ته ضروري تربيت کانسواءِ هو شاگردن کي سکيا نه ٿا ڏئي سگھن.

هنري صلاحيت کان علاوه، ڪيترن ئي اسڪولن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ لاءِ گھربل ڌار ڪلاس روم يا ليبارٽريون به موجود نه آهن جتي ويهي شاگرد ڪمپيوٽرن کي استعمال ڪري سگھن. استادن جو چوڻ آهي ته، انهيءَ جي ڪري اهي انديشا به موجود آهن ته ڪمپيوٽر جهڙا قيمتي اوزار استعمال ٿيڻ کانسواءِ ئي خراب ٿي ويندا.

هڪ اهڙي سرڪاري اسڪول جتي آءِ ٽيءَ جو سامان پهچايو ويو آهي اتان جي استاد رسول جان ٻڌايو ته اسڪولن کي جديد ۽ مهانگا آءِ ٽيءَ جا اوزار مهيا ڪيا ويا آهن پر تعليم کاتي جا اعليٰ آفيسر انهن جي مناسب ۽ درست استعمال بابت سنجيدگيءَ جو مظاهرو نه پيا ڪن.

رسول جان جو چوڻ هو ته اسڪولن ۾ ڪمپيوٽرن ۽ ان سان لاڳاپيل ٻئي سامان لاءِ مخصوص جڳهه يا ليبارٽري قائم ٿيل نه آهي ۽ آءِ ٽيءَ ۾ مهارت رکندڙ استاد نه هجڻ سبب لکين روپين جي ماليت وارا اوزار گودامن ۾ پئي پئي سڙي رهيا آهن. حڪومت کي انهيءَ ڳالهه جو نوٽيس وٺڻ گھرجي ۽ تعليم کاتي جي اختيارين کي اها هدايت ڪرڻ گھرجي ته آءِ ٽيءَ وارن اوزارن جي مناسب سار سنڀال لڌي وڃي ۽ انهن جو مناسب استعمال شروع ڪيو وڃي.

نيوز لينز پاڪستان پاران خيبرپختونخواه صوبي جي ”ايليمينٽري اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن کاتي“ جا جيڪي سرڪاري دستاويز حاصل ڪيا ويا آهن، انهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سال2013-14  دوران 839 آءِ ٽي ليبارٽريون قائم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته 2016 جي آخر تائين 500 ٻين هنڌن تي سکيا خاطر سمارٽ اسڪرينون پڻ لڳايو وينديون.

انهن سرڪاري دستاويزن ۾ چيل آهي ته، جيڪي آءِ ٽي ليبارٽريون قائم ڪيون ويون آهن جن ۾  انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جو ضروري سامان موجود آهي، جن ۾ انٽرايڪٽو انداز واري سکيا لاءِ گھربل اوزار، ورچوئل سکيا لاءِ گھربل اوزار ۽ سمارت ڪنيڪٽيڊ ڪلاس روم جا اوزار شامل آهن. انهن دستاويزن ۾ اهو ذڪر پڻ ٿيل آهي ته، آءِ ٽيءَ جي 7 سو استادن ۽ ليبارٽري اسسٽنٽس کي آڪٽوبر 2016 ۾ ڀرتي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نيشنل ٽيسٽنگ سروس (اين ٽي ايس) وسيلي وڌيڪ آءِ ٽي استادن ۽ ليبارٽري اسسٽنٽس جي ڀرتيءَ وارو عمل هلندڙ آهي. واضح رهي ته خيبرپختونخواه صوبي ۾ داخلائن، اسڪالرشپس ڏيڻ، ڀرتين ڪرڻ ۽ تعليم کاتي جي ملازمن جي ترقين وارو ڪم اين ٽي ايس وسيلي ڪيو ويندو آهي.

سرڪاري اسڪولن جي استادن پاران نشاندهي ڪئي وئي آهي ته، جهڙيءَ ريت معاملن کي هلايو پيو وڃي ان حساب سان آءِ ٽيءَ جي جيترن استادن جي ضرورت آهي سندن موجوده تعداد ان کان گھڻو گھٽ آهي. ضلعي مردان جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي استاد ۽ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ابراهيم خان جو چوڻ هو ته، جن استادن جي ويجهڙائيءَ ۾ ڀرتي ڪئي وئي آهي اهي انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڄاڻ جي حوالي کان قابل آهن جڏهن ته پراڻن استادن کي وري نئين تربيت جي ضرورت آهي.

ابراهيم خان چيو آهي ته ”انهيءَ معاملي جو جيڪڏهن وڌيڪ گهرائيءَ سان جائزو وٺبو ته انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي تعليم ڏيڻ جو جيڪو ڪم شروع ڪيو ويو آهي ان جو سمورو ڌيان شهري علائقن تي آهي ۽ ٻهراڙين جي علائقن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. شهرن ۽ انهن جي پسگردائيءَ وارن اسڪولن جا شاگرد آءِ ٽيءَ ۽ انٽرنيٽ جي معاملن بابت وڌيڪ ڄاڻ رکن ٿا پر ٻهراڙيءَ وارن علائقن جي شاگردن کي ان شعبي جي بنيادي ڄاڻ به ناهي هوندي. انهن کي ته ڪمپيوٽر به هلائڻ ناهي ايندو.

آءِ ٽي ۽ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجيءَ جي ماهر زُناش عباسيءَ جو چوڻ هو ته پاڪستان آءِ ٽيءَ ٽيڪنالاجيءَ واري شعبي ۾ جيتوڻيڪ وڏي وقت کان اڪيلائپ جو شڪار رهيو آهي ۽ خاص ڪري سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ هلندڙ تعليم جي شعبي ۾ ان جي اڻهوند رهي آهي ان حوالي کان صوبائي حڪومت جو هي قدم صورتحال ۾ تڪڙي تبديلي آڻيندو.

زُناش عباسيءَ جو چوڻ هو ته صورتحال کي تبديل ڪرڻ خاطر کنيل قدم کي وڌيڪ لاڀائتو بنائڻ خاطر صوبائي حڪومت کي گھرجي ته اها تعليمي ٽيڪنالاجيءَ جي موزون استعمال کي وڌيڪ هٿي وٺرائي. سندس راءِ هئي ته، حڪومت جيتوڻيڪ انهيءَ معاملي کي سست رفتاريءَ سان حل ڪري رهي آهي پر ترقيءَ جي عمل جا عالمي شراڪت دار ۽ سماجي نوعيت جا ڪاروباري ادارا آءِ ٽيءَ وسيلي مسئلن کي حل ڪرڻ ڏانهن تمام گھڻو ڌيان ڏئي رهيا آهن.

هن جو چوڻ هو ته ڊويلپمينٽ سيڪٽر، تعليم جو شعبو، حڪومت جا آفيسر ۽ استاد انهيءَ ٽيڪنالاجيءَ جي موثر استعمال سان جيڪو خال موجود آهي ان کي ڀري سگھن ٿا جنهن جا مثبت نتيجا نڪرندا.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي خيبرپختونخواه جي ايليمينٽريءَ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن کاتي جي وزير محمد عاطف خان چيو ته ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ وسيلي سکيا ڏيڻ بابت حڪومت جو هي قدم استادن توڙي شاگردن لاءِ دلچسپيءَ جو سبب بڻجي رهيو آهي ۽ انهيءَ سکيا ۾ جيڪي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن حڪومت انهن جي ازالي لاءِ جوڳا قدم کڻي رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪندي چيو ته اهڙي سکيا شروع ٿيڻ سان شاگردن پاران پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي ڏيڻ وارو رجحان به تمام گھڻو گھٽ ٿي ويندو ڇو ته اهڙي سکيا وسيلي شاگردن کي مستقبل ۾ نوڪريون ملڻ وارو ڪم آسان ٿي پوندو.

صوبائي وزير محمد عاطف خان وڌيڪ چيو ته 2016 جي پڇاڙيءَ تائين صوبائي حڪومت صوبي جي سمورن اسڪولن کي آءِ ٽيءَ جو سمورو سامان ۽ سکيا ڏيڻ وارو عملو مهيا ڪري ڏيندي.

خيبرپختونخواه جي اسڪولن ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردن پاران اسڪولن کي ڪمپيوٽر ۽ آءِ ٽيءَ جو ٻيو سامان ملڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي. گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول پشاور جي شاگرد عبدالعزيز چيو ته سندن اسڪول ۾ ڪمپيوٽر ڪلاس شروع ڪيا ويا آهن ۽ شاگرد انهيءَ سکيا ۾ تمام گھڻي دلچسپي ڏيکاري آهي ۽ باقاعدگيءَ سان ڪلاس اٽينڊ ڪن ٿا.

عبدالعزيز اهو پڻ چيو ته ان هوندي به اڃان اهو رجحان موجود آهي ته شاگرد ڪمپيوٽر کي بي سبب ۽ بغير مطلب وارين ويب سائيٽن جاچڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. ان ڪري استادن کي گھرجي ته انهن مٿان ڪَرڙي نظر رکن ۽ اهڙين ويب سائيٽن تائين شاگردن جي پهچ کي محدود رکيو وڃي جيڪي وقت کي زيان ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿيون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here