لاهور ۾ 15 سالن جي ڊگهي وٿيءَ کانپوءِ عورت ايس ايڇ او مقرر

0
1382

لاهور: هي لاهور جو اوچين ديوارن اندر آباد علائقو آهي، جتان جا واپاري جُڳن کان خشڪ ميوا، ڪپڙي ۽ تيل وڪڻڻ جي ڪاوربار کي جاري رکندا پيا اچن. اِهو ”رَنگ محل“ پوليس ٿاڻو آهي جتي هونئن ته مرد پوليس اهلڪار اڪثريت ۾ مقرر ٿيل آهن پر انهيءَ ٿاڻي تي هاڻي دلڪش نالي واري عورت غزالا جا حڪم هلندا آهن جنهن کي ويجهڙائيءَ ۾ ئي ايس ايڇ او مقرر ڪيو ويو آهي. هوءَ عورتن جي بااختيار هجڻ متعلق ڪجهه ڏند ڪٿائن سان متفق آهي.

هوءَ مناسب لباس ۾ ملبوس رهي ٿي ۽ ڏينهن جو مناسب لڳندڙ ميڪ اپ به ڪندي آهي ۽ ماڻهن سان ڳالهائڻ وقت گُٿا لفظ ڳالهائڻ کيس بنهه پسند نه آهي ۽ نه ئي هوءَ روايتي پوليس وارن وانگر ڏنڊي گھهمائيندي رهندي آهي. جيتوڻيڪ هوءَ نرم لهجي ۾ گفتگو ڪندي آهي پر کيس اهڙي روپ ۾ ڏسي ڪير به اهڙي غلط فهميءَ جو شڪار نه رهي ڇو ته هوءَ پنهنجو ڪم بااختيار انداز سان ڪرڻ کان چڱيءَ ريت واقف آهي ۽ سندس ادا ڪيل لفظ اهڙا هوندا آهن جن تي وڌيڪ بحث جي گنجائش ناهي رهندي.

مون کانئس جڏهن معلوم ڪيو ته هن هڪ اهڙي ٿاڻي جي سربراهه ٿيڻ کي ڪيئن قبول ڪيو جتي مرد اهلڪار اڪثريت ۾ آهن، جواب ۾ غزالا ساڳي ڏکيائيءَ جو ذڪر ڪندي چيو ته مون هتي ”عزت ڏيو ۽ عزت وٺو“ جي بنياد تي پنهنجا پير ڄمايا آهن. هوءَ محسوس ڪري ٿي ته نه صرف هن علائقي جي قدامت پسند مرد توڙي عورتن پر ٿاڻي جي مرد اهلڪارن به سندس آجيان سٺي انداز سان ڪئي. مڙس ۽ سَسُ جي سهڪاري رويي کان علاوه پوليس واري نوڪريءَ سان بيپناهه چاههُ اهو محرڪ آهي جنهن ڪري هوءَ هي عهدو ماڻي سگھي آهي. هوءَ ٻڌائي ٿي ته نوڪريءَ جي ڪري سندس ذاتي زندگي بنهه محدود ٿي چڪي آهي پر عوام وٽان جيترو سهڪار ملي ٿو اهو ئي سندس قربانين جي مڃتا آهي.

اها به هڪڙي حقيقت آهي ته عورتن جي اهم عهدن تي ترقيءَ کي اڪثر ڪري هنن پاران ڪيل جنسي سهڪار جو نتيجو قرار ڏنو ويندو آهي، اهڙي راءِ جي جواب ۾ هن چيو ته ”هڪ عورت پنهنجي نِج اهليت جي بنياد تي به ترقي ماڻي سگھي ٿي. ڪيريئر جي شروعات ۾ ايئن به ٿيندو هيو ته سرڪاري گڏجاڻين دوران سندس ڳالهه کي اڻ ٻڌو ڪيو ويندو هيو پر اهڙي ريت پوءِ گھڻو وقت جاري نه رهي سگھي.

غزالا کي يقين آهي ته جيتوڻيڪ پوليس فورس جو تصور سٺو ناهي پر هن فورس ۾ سڀ ڪاريون رڍون به نه آهن. اهو ئي سبب آهي ته غزالا اڪثر ڪيسن ۾ ماڻهن سان سٺي ورتاءَ ۽ انفرادي ڪيسن ۾ ماڻهن جي معاملن کي رزاداريءَ ۾ رکي سلجهائڻ جي ڪري ڪافي نيڪ نامي حاصل ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته هن هميشهه ڏوهي ڌر خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ کي ئي اوليت ڏني آهي.

بشريٰ غني اها پوليس اهلڪار آهي جنهن کي لاهور پوليس جي تاريخ ۾ 2007 دوران پهرين عورت ايس ايڇ او طور مقرر ٿيڻ جو اعزاز حاصل آهي. کيس لاهور جي ”يڪه گيٽ“ پوليس ٿاڻي ۾ مقرر ڪيو ويو. سندس مقرريءَ کان 15 سال پوءِ غزالا جي مقرري عمل ۾ آئي آهي. غزالا جي راءِ هئي ته ”هڪ ٻي عورت جي ايس ايڇ او مقرر ٿيڻ ۾ ايتري طويل وِٿي مختلف محرڪن جهڙوڪ صنفي متڀيد، عورت پوليس اهلڪارن ۾ اعتماد جي کوٽ هجڻ ۽ ٿاڻي ڪلچر جي حوصلو ڪمزور ڪرڻ وارين روايتن سبب پئي آهي“.

معاشري جي پڙهيل لکيل عورتن ۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ خاطر پوليس ۾ نوڪري ڪندڙ عورتون هاڻي مختلف ڪاليجن جا دورا ڪري اتي ٿيندڙ پروگرامن ۾ شرڪت ڪري شاگردياڻين سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن ۽ کين پوليس فورس ۾ پنهنجي ڪم ڪرڻ واري ماحول ۽ فورس ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ جي ترغيب به ڏينديون رهن ٿيون.

جنهن علائقي ۾ غزالا ايس ايڇ او مقرر ٿيل آهي انهيءَ علائقي ۾ ننڍا تڪرار ”پئنچائت“ وسيلي نبيرڻ جو رواج اڃان به موجود آهي ۽ غزالا اهڙين ڪيترين ئي پئنچائتن ۾ شريڪ ٿيندي رهي آهي. غزالا ٻڌايو ته هو جيڪي به فيصلا ڪندي آهي انهن تي ڪو به اعتراض وارِڻ کانسواءِ ئي ماڻهو انهن کي تسليم ڪري وٺندا آهن. نه صرف لاڳاپيل ٿاڻي جي حدن ۾ ايندڙ علائقن سان واسطو رکندڙ پر ٻين علائقن جون عورتون به پنهنجي مسئلن جي نبيري خاطر هن وٽ ڪهي اچن ٿيون. سندس سامهون به هڪ اهڙي ئي عورت جو مسئلو سرگرميءَ سان حل ڪيو ويو.

هن ان عورت کان معلوم ڪيو ته ”هوءَ هڪ ٻئي شهر کان رواني ٿي ايس ايڇ او غزالا وٽ ئي پنهنجو مسئلو ڇو کڻي آئي آهي“ ته ان جي جواب ۾ انهيءَ عورت سادگيءَ واري انداز سان چيو ته ”هن وٽ ايندي کيس تحفظ جو احساس به ٿي رهيو هيو ۽ اها پڪ به هئي ته هوءَ سندس مسئلو حل ڪندي. اها به حيرت جي ڳالهه آهي ته لاهور جي گرم موسم وارن ڏهاڙن ۾ کُهري ڪپڙي مان ٺهيل ورديءَ ۾ غزالا پرسڪون ۽ پرڪشش نظر اچي ٿي.

هڪ رات اڳ پوليس کي گھربل مشهور اشتهاري ڏوهاريءَ پاران ڪيل ڌاڙي جي واردات کي ناڪام بڻائڻ واري انهيءَ سنهڙي سيپڪڙي نوجوان ڇوڪريءَ کي عورتن واري پوليس ٿاڻي جي عمارت اندر وڏي ٽيبل پويان اسان سان حال احوال دوران مسڪرائيندو ڏسي خوشگوار حيرت جو احساس ٿيندو رهيو. مون جڏهن کانئس معلوم ڪيو ته ”يونيفارم ۾ هجڻ باوجود هن جو رويو پنهنجي ساٿي اهلڪارن ۽ عام ماڻهن سان ڪهڙي قسم جو هوندو آهي“؟ ته ان جي جواب ۾ ايس ايڇ او نبيلا مسڪرايو ۽ چيو ته ”هڪ ته ماڻهو ورديءَ وارن کي حاصل اختيارن کان چڱيءَ ريت باخبر آهن ۽ ٻيو ته عورت هجڻ جي ڪري به ڪير بدتميزي ۽ ڇڙواڳي ڪري ناهي سگھندو پر سچ اهو به آهي ته هتي سڀ ڪم خوشگوار ۽ سولا به نه آهن“.

نبيلا جي راءِ آهي ته پوليس فورس ۾ هاڻي پڙهيل لکيل ڇوڪرين جي گھڻي تعداد ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ صنفي بنيادن تي حراسان ڪرڻ ۽ عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ جي حوالي کان نيون ريتون رسمون جنم وٺڻ لڳيون آهن، پر افسوس سان اها حقيقت به تسليم ڪرڻي پوي ٿي ته اهڙا ڪجهه واقعا پوءِ به ٿي رهيا آهن جيڪي پوليس فورس لاءِ بدناميءَ جو سبب بڻجن ٿا. نبيلا وٽ جيڪي به معاملا اچن ٿا پوليس اهلڪارن پاران انهن کي خوشگوار رويي سان حل ڪرڻ ۽ انهن جو تڪڙو اڪلاءُ ڪرڻ سبب اڪثر سائِل به حيران ٿيندا رهن ٿا. نبيلا رپورٽر کي ٻڌايو ته سندن ٿاڻي جو لاڪ اپ مختلف ڏوهن ۾ گرفتار ڪري آندل عورتن سان ڀريل رهي ٿو. مون پاران پڇيل هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته لاڪ اپ ۾ بند اهڙين عورتن سان بدسلوڪيءَ کي ڪنهن به قيمت تي برداشت نه ڪرڻ جي پاليسي لاڳو ڪئي اٿم.

جهڙيءَ ريت ايس ايڇ او غزالا پاران پنهنجي ڪاميابيءَ سان نوڪري ڪرڻ جي سلسلي ۾ مڙس ۽ سَسُ جي مثبت ڪردار جو ذڪر ڪيو ويو انهيءَ حوالي کان نبيلا جو چوڻ آهي ته ”عورتن لاءِ هن شعبي ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ گھربل سهڪار جي حوالي کان اها ڳالهه ٻه طرفي گھِٽي وانگر آهي اسان پنهنجي گھرڀاتين جي مدد سان ئي پوليس فورس ۾ اچي سگھئون ٿيون“.

مون جڏهن کانئس معلوم ڪيو ته پوليس فورس ۾ عورت هيڊ ڪانسٽيبلز ۽ ڪانسٽيبلز جون 15 سيڪڙو سيٽون مخصوص ٿيل آهن ۽ اهي به خالي رهجي وڃن ٿيون ته ان جو سبب ڪهڙو آهي؟ جي جواب ۾ نبيلا چيو ته ڪيتريون ئي عورتون ڀرتيءَ واري عمل ۾ حصو وٺڻ لڳيون آهن ۽ تبديليءَ جي هوا جيڪا هوا اڳ ئي گھُلڻ لڳي آهي ان جا مثبت نتيجا جلد اچڻ لڳندا.

نبيلا انهيءَ اشتهاري ڏوهاريءَ کي جنهن مٿان ”ڊفينس اي“ پوليس ٿاڻي ۾ 04 ايف آءِ آرون داخل ٿيل آهن، ڪهڙيءَ ريت گرفتار ڪيو، جا تفصيل ٻڌائڻ شروع ڪيا. انهيءَ ڏوهاريءَ جي گرفتاري خاطر هن پاران ڪيل بهترين رٿابنديءَ ۽ غيرمعمولي سياڻپ جي نتيجي ۾ ئي سندس آپريشن ڪامياب ثابت ٿيو جنهن جي ساراهه پوليس فورس جي ٻين آفيسرن پاران به ڪئي وئي. نبيلا اهڙو اعتراف به ڪري ٿي ته ”مونکي اهي عام روايتي رواج ٽوڙي ۽ اهڙا ڪم ڪاميابيءَ سان ڪرڻ ۾ دلچسپي آهي جن لاءِ چيو ويندو آهي ته عورت پوليس اهلڪارن لاءِ اهي مشڪل ثابت ٿيندا“. نبيلا پنهنجي ننڍڙي ڌيءُ متعلق به ڳالهيون ڪيون ۽ چيو ته گھرڀاتين سان وقت گذارڻ کي به ترجيح ڏيندي آهيان پر مصروفيتن سبب ايئن اڪثر ڪري ناهيان سگھندي.

انگن اکرن مطابق 35 هزارن جي تعداد واري پوليس فورس ۾ صرف 602 عورتون نوڪري ڪن ٿيون. انهيءَ معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪرڻ خاطر مون ڊي آءِ جي آپريشنز ڊاڪٽر حيدر اشرف سان ملاقات ڪئي. هن تسليم ڪندي چيو ته ڪيترن ئي سببن خاص ڪري پوليس فورس ۾ شامل نه ٿيڻ واري عام رواجي رجحان سبب پوليس فورس ۾ عورتن جي گھڻي گھٽتائي آهي. جڏهن ته پوليس فورس ۾ ٻين لاءِ مثال بڻجي سامهون اچڻ وارن ڪردارن جي کوٽ به هڪ وڏو مسئلو آهي پر اها صورتحال هاڻي تبديل ٿي رهي آهي.

ڊي آءِ جي حيدر اشرف اها ڄاڻ به ڏني ته لاهور ۾ مقرر ٻنهي عورت ايس ايڇ اوز کي به ساڳي تربيت ڏني وئي آهي جهڙي مرد پوليس اهلڪارن کي وٺڻي پوندي آهي ان بعد ئي کين اهليت تي پورو لهڻ واري معيار مطابق ايس ايڇ او مقرر ڪيو ويو آهي. هن ايس ايڇ او نبيلا پاران اشتهاري ڏوهاريءَ کي گرفتار ڪرڻ واري عمل جي ساراهه ڪندي چيو ته اهڙي عمل جي نتيجي ۾ عورت پوليس آفيسرن جي ڪردار جي واکاڻ ٿي رهي آهي.

عورت پوليس ايس ايڇ اوز سان عام ماڻهن جي رويي بابت سوال جو جواب ڏيندي ڊي آءِ جي آپريشنز چيو ته پوليس پاران ماڻهن سان تشدد آميز رويي سان پيش اچڻ وارين شڪايتن ۾ گھٽتائي آئي آهي ۽ نظام وڌيڪ موثر انداز سان ڪم ڪرڻ لڳو آهي. ڊاڪٽر حيدر اشرف چيو ته ”عورتن جي پوليس فورس ۾ شامل ٿيڻ جي ڀرپور آجيان ڪئي ويندي ۽ ايندڙ وقتن ۾ صورتحال گھڻي بهتر ٿيڻ جي اميد آهي“.

انهن ڳالهين مان نظر اچي رهيو آهي ته پوليس فورس ۾ نوجوانن جي شموليت جي نتيجي ۾ مثبت تبديليون اچي رهيون آهن ۽ فورس جي ظالم ۽ ڪرپٽ تشخص کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آهي ۽ عام ماڻهن کي پنهنجون شڪايتون ختم ڪرڻ لاءِ پوليس فورس سان رابطي ۾ اچڻ جي حوالي کان حوصلي افزائي به ٿي رهي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here