کيسور-ڏکڻ وزيرستان: ”ڏهن سالن جي ڊگھي بي گھري گذارڻ کانپوءِ مون ڏکڻ وزيرستان ۾ قائم پنهنجي جنم ڀُوميءَ جي ڌرتيءَ تي قدم رکيا ته بيحد خوشيءَ واري احساس سان سرشار ٿي پيس. اباڻي وطن ڏانهن موٽڻ جو فيصلو مون مٽن مائٽن سان گڏ عيد ملهائڻ کان علاوه ماڻهن توڙي سهولتن جي بنيادي ڍانچي ۾ آيل تبديلين جو مشاهدو ڪرڻ خاطر ڪيو“.

18 جولاءِ 2007 واري ڏهاڙي ڏکڻ وزيرستان جي وچولي حصي ۾ واقع پنهنجو ڳوٺڙو ”طُور وام“ مونکي (ليکڪ) تيزيءَ سان ڦهلجندڙ ويڙهه ۽ تشدد واري لهر جي ڪري ڇڏڻو پيو، جنهن بعد هزارين ٻين قبائلين جيان مون به پنهنجي بي گھريءَ وارو وقت مختلف علائقن ٽانڪ، مري ۽ ايبٽ آباد ۾ گذاريو.

”اهو سمورو وقت مان انتهائي پريشانين ۾ وڪوڙيل رهيس ڇو ته مونکي پنهنجي خاندان جي گذران لاءِ هٿ وير هڻڻا ٿي پيا ۽ جياپي جي گھرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ مان صحافيءَ جي حيثيت ۾ ملڪي توڙي غيرملڪي اخبارن لاءِ ڪم ڪندو رهيس“.

24 جون 2017 واري ڏهاڙي جڏهن مان پنهنجي اباڻي شهر ۾ پهتس مونکي محسوس ٿيو ته ڄڻ اتان جي سنگلاخ پهاڙن ۽ آبشارن سميت هر شئي مونکي پنهنجي ڀاڪُر ۾ ڀري ورتو آهي.

ڊيرا اسماعيل خان کان پنهنجي شهر ڏانهن چئن ڪلاڪن واري مسافري 39 ڊگري واري گرميءَ ۾ شروع ٿي ۽ سفر جي پڄاڻيءَ تي پهچڻ وقت وزيرستان ۾ گرمي پد ڪافي حد تائين پرسڪون 22 ڊگري سينٽي گريڊ هيو.
اسانجو گاري سان لنبيل ۽ ٽڙيل پکڙيل گھرن وارو ڳوٺڙو خشڪ پهاڙن ۽ خاموشيءَ سان وهندڙ چشمن ۾ گھِيريل آهي. اڪثر گھر تباهه ٿيل آهن پر منهنجي مشاهدي ۾ اها ڳالهه به آئي ته هي علائقو هاڻي ترقيءَ ۽ اڳڀرائيءَ جي راهه تي هلي پيو آهي.

حڪومت پاران مقامي انتظاميا وسيلي ماڻهن کي مڪمل تباهه ٿيل گھرن عيوض 04 هزار ڊالر جڏهن ته جزوي تباهه ٿيل گھرن جي معاوضي طور 02 هزار ڊالر ادا ڪيا پيا وڃن. قبائلين کي شڪايت آهي ته اها بنهه معمولي رقم آهي جنهن مان صرف هڪ ڪاڪوس به مشڪل سان جوڙائي سگھجي ٿو.

مٽيءَ مان ٺهيل تمام گھڻا گهر يا ته بمباريءَ سبب تباهه ٿي چڪا آهن يا برساتن جي ڪري ۽ تازو ئي بي گھري ختم ڪري واپس اباڻن ماڳن ڏانهن موٽيل خاندانن کي گھرن جي چوديواريءَ اندر خيما لڳائي اجهي جو بندوبست ڪرڻو پئجي رهيو آهي ڇو ته هو نوان گھڙ جوڙڻ جي سگھ کان محروم آهن.

اها ڳالهه به منهنجي مشاهدي ۾ آئي آهي ته ملڪ جي ٻين حصن ۾ بي گھر ٿيل ماڻهن جيان ئي هن علائقي سان تعلق رکڻ وارا جيڪي خاندان واپس ٿيا آهن اهي ڪرائي جي جاءِ ۾ رهائش بجاءِ پنهنجي تباهه ٿيل گھرن ۾ ئي رهڻ تي مجبور آهن.

پنهنجن اباڻن علائقن ڏانهن واپس اچڻ خاطر، جنگ سٽيل قبائلين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ کان علاوه خاص قسم جو اجازت نامو جنهن کي ”وطن ڪارڊ“ چيو وڃي ٿو اهو به حاصل ڪرڻو پوي ٿو.

اسانجي ڳوٺن جي اندر توڙي ٻاهر سيڪيورٽيءَ جي سختيءَ کي واڌيو ويو آهي ۽ مونکي به ڏکڻ زيرستان ڏانهن ايندڙ رستي تي سيڪيورٽي فورسز پاران قائم ڪيل ستن چيڪ پوسٽن تي رڪڻو پيو جتي تفصيلي تلاشي ڏيڻ ۽ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻ کانپوءِ اڳتي وڃڻ ڏنو پئي ويو.

پنهنجي تباهه ٿيل گھر ۾ جڏهن مان داخل ٿيس ته منهنجي 65 سالن جي ڄمار واري ماءُ مونکي 10 منٽن تائين پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙي رکيو ۽ سندس اکين مان خوشيءَ جا لڙڪ وهندا رهيا. منهنجي ماءُ ئي اها آخري شخصيت هئي جنهن 10 سال اڳ هتان کان منهنجي ڀاڄ وقت مونکي الوداع چيو هو ۽ نه چاهڻ باوجود مونکان ڌار ٿيڻ وارن لمحن ۾ هوءَ مسلسل روئندي رهي هئي. گذريل 10 سالن دوران مان ساڻس صرف 02 ڀيرا ملي سگھيو هئس.

قبائلي ماڻهو قربت جي ڳنڍ واري اهڙي سماجي نظام ۾ رهندا آهن جيڪو کين هڪٻئي جي ويجهو آڻي وٺندو آهي.

ان هوندي به، جيئن ته مان ڏهه سال پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ رهي آيو هيس ان ڪري ئي مان پنهنجي ڪيترن ئي ويجهن مائٽن کي سڃاڻي نه پئي سگھيس. 18 جولاءِ 2017 واري ڏهاڙي منهنجي رواني ٿيڻ وقت جيڪي ٻارڙا هئا اهي هاڻي جوان ٿي چڪا آهن جنهن جي ڪري کين سڃاڻڻ لاءِ مونکي ساڻن تعارف جي ضرورت پيش پئي آئي.

ڳوٺ پهچڻ کان ستت پوءِ، مان پنهنجي ٻارن سان گڏ پهاڙي چشمي ۾ وهنجي رهيو هئس ته اتي مونکي خوشيءَ مان ٻهڪندڙ ٻيا ڪيترائي چهرا به نظر آيا. انٽرنيٽ ۽ موبائل فون جون سهولتون نه هجڻ ڪري ڏکڻ وزيرستان ۾ زندگي پرسڪون ۽ سوشل ميڊيا جي پڪڙ کان آزاد آهي ۽ سڀ ڪو مائٽن ۽ دوستن سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ حال احوال اوريندو رهي ٿو.

ڳوٺ ڏانهن رواني ٿيڻ کان هڪ مهينو اڳ، منهنجو پنجن سالن وارو پٽ مونکان پڇندو رهندو هيو ته اسان پنهنجي اباڻي وطن ڪڏهن هلنداسين، هو جيئن ته اسلام آباد ۾ پيدا ٿيو ان ڪري کيس وزيرستان، طالبان ۽ ويڙهه جي ڪا به خبر نه هئي. هن کي وزيرستان ۾ ٿيل انهيءَ فوجي آپريشن جي به ڪا خبر نه آهي جنهن جي ڪري اسان کي پنهنجا گھر ڇڏڻا پيا.

مون پنهنجو ڳوٺ اهڙي وقت ۾ ڇڏيو جڏهن علائقي ۾ ويڙهاڪن جو اثر زور وٺي رهيو هيو ۽ هو علائقي مٿان قائم ٿي ويل پنهنجي عملداريءَ جو مزو وٺندا هئا. هنن پنهنجون عدالتون قائم ڪري ورتيون هيون ۽ پنهنجي پسند جا سخت گيريءَ وارا انصاف جا اصول لاڳو ڪري ورتا هئا ان سان گڏ ئي سرڪاري انتظاميا جو متبادل نظام به علاقي مٿان لاڳو ڪري ورتو هيو.

سخت تڪليفن جو سبب بڻجندڙ طالبان جي اهڙي عملداريءَ سبب هزارين خاندانن کي پاڪستان جي ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻي پئي ۽ اڪثر خاندانن کي ڪيترا ئي سال سخت ڀوڳنائن واري صورتحال ۾ گذارو ڪرڻو پيو.

جڏهن مان هتان روانو ٿيو هوس ته طالبان پاران موسيقي ٻڌڻ ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته تعليم پرائڻ کي غيراسلامي فعل قرار ڏئي انهن تي بندش لڳائي وئي هئي. ويڙهه ڪيترائي اسڪول بارود سان اڏائي ڇڏيا.

وسيع پيماني تي ڦهلجي ويل بدامنيءَ ۽ عدم تحفظ سبب اڪثر ماڻهو سج لٿي وقت ئي پنهنجي گھرن جا دروازا اندران بند ڪري ڇڏيندا هئا. قبائلي رائيفلون کڻي پنهنجي گھرن جي چوڪيداري ڪندا رهندا هئا ته جيئن ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي ٽاري سگھن.

A newly opened public school in South Waziristan : Photo by News lens Pakistan

انهيءَ ڪري ڏهن سالن کانپوءِ ٿيل واپسيءَ وقت مونکي ايئن لڳي رهيو هيو ته ڄڻ مان ڪوئي خواب ڏسي رهيو آهيا. چئن ڏينهن تائين عيد جي خوشي ملهائڻ وارين تقريبن دوران مون نوجوانن ۽ جهونن کي رات جو دير تائين هلندڙ موسيقيءَ جي محفلن ۾ دهل جي تال تي جهومندي ۽ نچندي ڏٺو.

حيرت جي ڳالهه ته اها به آهي جو مقامي مذهبي عالم سينيٽر سيد صالح شاهه به قبائلين ۽ فوجي عملدارن سان گڏجي دهل جي ڌمال تي رقص ڪندو رهيو.

سينيٽر سيد صالح شاهه چيو ته ”مون ثقافتي ڊانس ۾ قبائلين جو حوصلو وڌائڻ جي ارادي سان حصوورتو ته جيئن اهي به هِن سرگرميءَ ۾ شامل ٿين ڇو ته اسان گذريل ڏهن سالن تائين اهڙي ڏکئي ترين دور مان گذري آيا آهيون جنهن کي بيان ڪرڻ به مشڪل آهي ۽ انهن ڏهن سالن دوران هڪڙو به اهڙو ڏينهن نه هيو جنهن ۾ خوشي ملهائي وئي هجي“.

Youngsters dance on drum beat on the eve of last Eid : Photo by News lens Pakistan

انهيءَ کان علاوه ٻارڙا ۽ نوجوان مخصوص يونيفارم پائي شڪئيءَ ۾ قائم ٿيل آرمي پبلڪ اسڪول ڏانهن ويندا رهن ٿا، شڪئي ڏکڻ وزيرستان جو خوبصورت شهر آهي جتي پاڪستان جي حڪومت پاران اپريل 2004 ۾ طالبان سان هڪ امن ٺاهه تي صحيحون به ڪيون ويون هيون.

ويڙهاڪن خلاف فوجي آپريشن ٿيڻ کان پهريان قبائلي علائقن ۾ هٿيار رکڻ عام ڳالهه هئي ۽ انهن هٿيارن وسيلي ٻيلن ۾ وڃي خطرناڪ جهنگلي جانورن جو شڪار ڪرڻ هتان جي ماڻهن لاءِ عام ڳالهه هئي، پر هاڻي ماڻهو انهن جهنگلي جانور جن ۾ جهنگلي سوئر ۽ سيڙهه به شامل آهن، جي حملن جي خوف ۾ ورتل آهن ڇو ته فوج ماڻهن کي بي هٿيار ڪري ڳوٺاڻن کي پنهنجو بچاءُ ڪرڻ کان محروم ڪري ورتو آهي.

40 سالن جي ڄمار وارو شخص مير نواز هڪ ننڍڙي باغ جو مالڪ آهي جنهن مونکي ٻڌايو ته ”هڪ جهنگلي سوئر ميڪن نالي ڳوٺڙي ۾ عورت ۽ ٻار مٿان حملو ڪري کين شديد زخمي ڪري ڇڏيو جن کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو“.

قبائلي ماڻهن کي اڄڪلهه هڪ ٻي ڳڻتي به هر وقت به ڊيڄاريندي رهي ٿي اها آهي اڻ ڦاٽل بارودي سرنگن جي موجودگي، جن جي ڪري ڪيترا ئي مرد توڙي عورتون معذوريءَ جو شڪار ٿي چڪا آهن، پر ان هوندي به ماڻهو رات دير تائين بندوقن جي اڻهوند ۾ باهه جا مچ مچائي چشمن ۾ وهنجڻ ۽ ٻين محفلن کي منعقد ڪري پنهنجو وقت لطف اندوزيءَ ۾ گذاريندا رهن ٿا.

اهڙين سرگرمين باوجود، جڏهن مان تباهه ٿيل گھرن، غيرآباد چراگاهن ۽ گدلي ٿي ويل پاڻيءَ جي دُٻن کي ڏسان ٿو ته وزيرستان مونکي اهڙي ڪنوار جيان لڳي ٿو جنهن جي ڪنوارپ ڪنهن لُٽي ورتي آهي.

فوج پاران تعمير ڪيل ايڪڙ ٻيڪڙ اسڪولن ۽ ڪاليجن کان علاوه اڪثر سرڪاري اسڪول ويرانيءَ واري حالت ۾ پيل آهن جڏهن ته حڪومت اڃان تائين انهن اسڪولن ۾ بجلي، گندي پاڻيءَ جي نيڪال ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ وارين سهوليتن کي مهيا ڪرڻ خاطر ڪي به قدم ناهي کڻي رهي.

جڏهن مان پنهنجي ٻالڪپڻ جي دوست 45 سالن جي ڄمار واري محمد شاهه سان مليس ته هن مونکي ٻڌايو ته کيس ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ هو مري ويو آهي ۽ مرڻ بعد جنت ۾ اچي پهتو آهي. هن کي جديد دور جي سهولتن جي ڪا به پرواهه ناهي. ياد رهي ته ويڙهه سبب محمد شاهه جو نوجوان پٽ کانئس هميشهه لاءِ وڇڙي ويو.

محمد شاهه جو چوڻ هو ته ”گھريلو زندگي گذارڻ لاءِ روزانو جي بنياد تي گھربل سهولتن بجلي، پاڻي، گيس کان علاوه گھر جي ڪرائي، موبائل ۽ حڪومت کي ٻيا ٽيڪس ادا ڪرڻ واري پريشانيءَ کان آجو ٿي هتي پرسڪون زندگي گذاري رهيو آهيان، جڏهن بي گھري هئي ۽ مان پنهنجي ستن ڀاتين واري خاندان سان گڏ ٻين علائقن ۾ رهيو پيو هئس اهو زندگيءَ جو ڏکيو ترين وقت هيو“.

جڏهن ته اهڙا به ڪيترا ئي خاندان آهن جيڪي اباڻي وطن ڏانهن واپس موٽي ناهن آيا. اهڙن خاندانن جو چوڻ هو ته ملڪ جي ٻين حصن ۾ سٺو ڪاروبار ڄمائي وٺڻ جي ڪري هاڻي هو پنهنجي اباڻي علائقي ڏانهن واپس نه ايندا.

46 سالن جي ٽن ٻارن جي پيءُ محمد امير جو چوڻ هو ته ”مون هتي ڊي آءِ خان ۾ مسافر وينن جي سروس ۽ روڊ ڪناري ننڍو هوٽل کولي ورتو آهي ان ڪري مان هاڻي مستقل طور تي قبائلي علائقي ۾ رهڻ نه ٿو چاهيان ڇو ته اتي اسانجو ڪو به ڪاروبار نه آهي“.

قبائلي نوجوانن کي ڪيترائي اعتراض به آهن، هو چاهين ٿا ته هتي لاڳو ٿيل فرنٽيئر ڪرائيمز ريگيوليشنز (ايف سي آر) کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي ملڪ جي ٻين علائقن جهڙا قانون لاڳو ڪيا وڃن.

ٻين ڪيترن ئي قبائلين جن سان منهنجي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي آهي انهن کي به لڳ ڀڳ اهڙيون ئي شڪايتون آهن ۽ سندن اهو به چوڻ آهي ته حڪومت بنيادي صحت، تعليم ۽ مواصلات جي شعبن سان لاڳاپيل سهولتن کي فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ کين نظرانداز ڪري رهي آهي.

گڏيل عرب امارتن ۾ پورهيو ڪندڙ قبائلي رحيم خان جو چوڻ هو ته ”ماضيءَ جي حڪومتن پاران اسانکي مستقل طور تي نظرانداز ڪرڻ سبب اهي حڪومتون اسانکي بنيادي حق ڏيڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيون جنهن جي ڪري هتان جا قبائلي تشدد ۽ ويڙهه جي گمراهه ڪندڙ چرخي ۾ ڦاسي پيا“.

هڪ ٻئي قبائليءَ نور محمد جي راءِ هئي ته ”وفاقي حڪومت کي اسانجي هن جنگ ستايل پرڳڻي کي ملڪ جي ٻين علائقن جيان ترقي وٺرائڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه آهي ڇو ته مقامي پوليٽيڪل انتظاميا ترقياتي فنڊن ۾ جيڪي گھوٻيون هڻي رهي آهي انهن جو حصو مٿين طبقن تائين به پهچايو پيو وڃي“.

هن اهو پڻ چيو ته ”اسان چڱيءَ ريت ڄاڻئون ٿا هتي تشدد کي ڀڙڪائڻ ۾ مقامي عملدارن جو انهيءَ ريت اڻ سڌو هٿ آهي، جو سرڪاري آفيسن مان جائز ۽ قانوني ڪم ڪرائڻ جي سلسلي ۾ به قبائلي ماڻهن لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون وڃن ٿيون“.

ماڻهو هاڻي طالبان جي اثر وارن ڏهاڙن بابت گھڻي ڳالهه ٻولهه نه ٿا ڪن پر افغانستان ۾ داعش جي پير ڄمائڻ وارين ڳالهين کي ٻڌي قبائلين کي پريشاني وڪوڙي وڃي ٿي ڇو ته قبائلي نه ٿا چاهين ته انهيءَ شدت پسند گروهه جا ويڙهاڪ هن پرڳڻي ۾ دخل اندازي ڪرڻ شروع ڪري ڏين.

Leave a Reply