پاڪستاني برطانيه ۾ به پنهنجن سان فراڊ ڪرڻ لڳا، نادرا بيوروز قائم

0
916

لنڊن: سڄي دنيا اندر سفارتخانا، هاءِ ڪميشنز، قونصليٽ ۽ حڪومت جي ٻين ادارن جو شاخون انهيءَ مقصد خاطر قائم ڪيون وينديون آهن ته جيئن ملڪ جي سٺي ساکَ کي هٿي وٺرائي سگھجي، پر لنڊن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستان جي هاءِ ڪميشن ۽ ٻيا ادارا بدقسمتيءَ سان انهيءَ تصور جي بلڪل ابتڙ ڪم ڪري رهيا آهن. برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي ذريعن نيوزلينز پاڪستان کي انٽرويو دوران ملڪ کان ٻاهر قائم ڪيل سرڪاري ادارن جي شاخن ۾ سنگين بيقاعدگين جي نشاندهي ڪئي آهي.

سڃاڻپ راز ۾ رکڻ واري شرط تحت برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ اتي قائم پاڪستاني هاءِ ڪميشن، قونصليٽن جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ”هاءِ ڪميشن ۽ قونصليٽن ۾ پاڪستان جي مختلف ادارن سان تعلق رکندڙ ملازمن کي محدود وقت لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي پر اهڙا آفيسر بعد ۾ اتي مستقل طور تي رهائش اختيار ڪري وٺن ٿا“. برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني برادريءَ جي ذريعن اهڙي ڄاڻ ڏيڻ وقت نالا انهيءَ ڪري راز ۾ رکڻ جي گذارش ڪئي آهي ڇو ته کين خدشو آهي ته ويزا، ڪمپيوٽرائيزڊ قومي شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۽ ٻين درخواستن کي اڪلائڻ وقت ساڻن خراب سلوڪ ٿي سگھي ٿو.

اهي ذريعا دعويٰ ڪن ٿا ته حڪومت جي مختلف ادارن، جن ۾ نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) به شامل آهي، جا آفيسر سياسي ۽ ڪامورڪين سفارشن کان علاوه جهجهي رشوت ڏئي برطانيا ۾ مقرريءَ جو پروانو حاصل ڪن ٿا ۽ ان بعد اتي مقرريءَ دوران ئي يا اڪثر ڪري مقرريءَ جو مدو پورو ٿيڻ کان ٿورو وقت اڳ غائب ٿي وڃن ٿا يا برطانيا ۾ سياسي، مذهبي ۽ انساني بنيادن تي پناهه حاصل ڪرن جي درخواست ڏئي ڇڏين ٿا. جڏهن ته اهڙا ماڻهو ئي غيرقانوني نوعيت وارا نادرا ايڊوائيز بيورو کولي شهرين جي معلومات مني لانڊرنگ وارن مقصدن خاطر استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏين ٿا.

پرڏيهه ۾ قائم ٿيندڙ پاڪستاني ادارن جون جيڪي آفيسون برطانيا ۾ قائم آهن اهي اڻ سڌيءَ ريت انساني اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ جي سهولتڪاريءَ وارو ڪم به سرانجام ڏيڻ لڳيون آهن.

پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي گمنام ذريعن اهڙن پاڪستاني آفيسرن بابت ڪيترا ئي انڪشاف ڪيا آهن جن برطانيا ۾ نوڪري ڪرڻ جو موقعو حاصل ڪيو ۽ بعد ۾ اتي روپوش ٿي برطانيا جا غيرقانوني شهري بڻجي ويا يا شهريت لاءِ درخواستون ڏنيون. هتي اهڙن ماڻهن جون ڪجهه مبينه ڪهاڻيون بيان ڪجن ٿيون.

برمنگهم ۾ قائم پاڪستان جي قونصليٽ ۾ مقرر اڳوڻو ڊيٽا انٽري آپريٽر عارف جان به اهڙن مثالن مان هڪ آهي جيڪو محدود مدي واري مقرريءَ تحت نادرا جي ڊيٽا انٽري آپريٽر طور هتي آيو. ان بعد جڏهن سندس مقرريءَ جو مدو پورو ٿيو ته هن درخواست جمع ڪرائي ته سندس زال بيمار ٿي پئي آهي ان ڪري سندس مقرريءَ واري مدي ۾ واڌ ڪئي وڃي. مقرريءَ ۾ واڌ واري وقت دوران ئي هن برطانيا ۾ پناهه جي درخواست ڏني ۽ بعد ۾ کيس مستقل رهائش جا حق به ملي ويا.

ساڳيءَ ريت گلاسگو جي پاڪستاني قونصليٽ ۾ نادرا مينيجر طور مقرر ٿي آيل نديم حسين به پنهنجي مقرريءَ جو مدو پورو ڪيو ۽ اتي رهندڙ پاڪستانين سان پنهنجا لاڳاپا قائم ڪري ورتا جنهن بعد هو پاڪستان واپس نه وريو ۽ غيرقانوني طور برطانيا ۾ ئي رهائش اختيار ڪري ورتائين.

لنڊن ۾ مقرر ٿيل ڊيٽا انٽري آپريٽر ۽ بعد ۾ بريڊ فورڊ ۾ نادرا جي مينيجر طور ڪم ڪندڙ شفقت به ساڳيءَ ريت سرڪاري انداز سان محدود وقت لاءِ مقرر ٿي برطانيا آيو ۽ بعد ۾ غائب ٿي وڃڻ کانپوءِ پناهه لاءِ درخواست ڏنائين ته جيئن کيس برطانيا جي شهريت حاصل ٿي سگھي.

انهيءَ طريقي تي عمل ڪرڻ وارن ۾ صرف مرد ئي شامل نه آهن پر پاڪستاني ادارن جون پرڏيهه ۾ مقرر ٿيندڙ عورت ملازمائون به اهڙي عمل جي پوئواري ڪن ٿيون. قيصرا بيبي ڊيٽا انٽري آپريٽر طور لنڊن پهتي ۽ مقرريءَ جو مدو پورو ڪرڻ بعد غيرقانوني طور برطانيا ۾ ئي رهي پئي. ساڳيءَ ريت فرزانه ڪوثر آرمي ونگ ۾ مقرريءَ لاءِ پهتي اها به پنهنجي مقرريءَ جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ غائب ٿي وئي ۽ بعد ۾ پناهه لاءِ درخواست ڏنائين.

اسلام آباد ۾ قائم نادرا هيڊڪوارٽر سان لاڳاپيل ذريعن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو آهي ته اهڙن ماڻهن جي هڪ ڊگھي لسٽ ٺهي چڪي آهي جيڪي برطانيا ۾ مقرريءَ جا خواهشمند آهن ۽ اهڙي مقرريءَ خاطر هو سياسي ۽ ڪامورڪي سفارش کان علاوه لکين روپيا رشوت به ڏين ٿا. اهڙي ڪوشش هو صرف هڪ مقصد لاءِ ئي ڪن ٿا ته بس هڪ دفعو برطانيا ۾ مقرري ٿي وڃي ۽ پوءِ ملڪ موٽي نه اچن.
نادرا ذريعن اهو به چيو آهي ته مٿي ڄاڻايل مقصدن توڙي هن مهل تائين ظاهر نه ٿي سگھيل واقعن کان اداري جا اعليٰ عملدار چڱيءَ ريت باخبر آهن پر نتيجي ۾ ڪو به قدم نه ٿو کنيو وڃي. نادرا ذريعن ٻڌايو ته ”شڪايتون ۽ رپورٽون رڳو فائيلن ۾ بند پيل آهن ۽ قانون موجب اهڙن ماڻهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي“.

لنڊن ۾ قائم پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۽ اتي رهندڙ پاڪستاني برادريءَ سان تعلق رکندڙ ذريعن ڄاڻ ڏني آهي ته نادرا پاران ”غيرقانوني ايڊوائيز بيوروز“ قائم ڪيا ويا آهن جيڪي سڌيءَ ريت مني لانڊرنگ ۽ هر مهيني لکين پائونڊ برطانيا کان ٻاهر اماڻڻ واري سرگرميءَ ۾ ملوث آهي. عرفان قادر (هي نالو فرضي آهي) پاڪستاني شهرين جي شناخت لڪائڻ جو ماهر آهي ۽ هو نادرا ايڊوائيز بيورو سان به لاڳاپيل آهي ان جو چوڻ آهي ته ”اعليٰ سرڪاري عملدارن جي هدايتن مطابق نادرا پاران ابتدا ۾ اهڙا ايڊوائيز بيورو سموري برطانيا ۾ کوليا ويا ۽ نادرا جا تربيت يافته ماڻهو هتي رهندڙ پاڪستاني شهرين جا تفصيل انٽرنيٽ وسيلي جڙيل آن لائين سروسز لاءِ گڏ ڪندا رهندا هئا. بعد ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن پاران اهڙن سينٽرن کان لاتعلقي ظاهر ڪندي انهن کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو پر اهي سينٽر اڃان به هلي رهيا آهن“.

انهيءَ معاملي جا وڌيڪ تفصيل بيان ڪندي عرفان قادر ٻڌايو ته ”سمورن ايڊوائيز بيوروز وٽ برطانيا ۾ رهندڙ لڳ ڀڳ سمورن پاڪستانين جا تفصيل موجود آهن جن ۾ سندن ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊن جون ڪاپيون به شامل آهن ۽ هاڻي بيوروز وارا هر مهيني هر هڪ پاڪستانيءَ جي ڪارڊ جي مدد سان 02 هزار پائونڊ جي رقم برطانيا کان ٻاهر موڪليندا رهندا آهن ۽ اڪثر رقمون پاڪستان ڏانهن اماڻيون وڃن ٿيون“.

هن اها دعويٰ پڻ ڪئي آهي ته هر ايڊوائيز بيورو هر مهيني ٻه لک پائونڊن کان وڌيڪ رقم برطانيا کان ٻاهر موڪلي ٿو“. عرفان قادر اهو انڪشاف به ڪيو آهي ته ”اهڙي قسم جا ايڊوائيز بيورو سموري برطانيا ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ انهن بيوروز ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو مستقل طور تي لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۽ برطانيا جي ٻين شهرن ۾ قائم قونصليٽن سان رابطي ۾ به هوندا آهن“.

نيوزلينز پاڪستان پاران ڄاڻايل معاملي بابت جيڪي سوال اماڻيا ويا، اي ميل وسيلي باضابطه جواب ڏيندي لنڊن ۾ قائم پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ مقرر پريس اتاشي منير احمد جو چوڻ هو ته ”هڪ ڀيرو ٻيهر لنڊن ۾ قائم پاڪستان جي هاءِ ڪميشن جي ڄاڻ ۾ اها ڳالهه آئي آهي ته ڪجهه فرد ذاتي طور تي برطانيا جي مختلف علائقن ۾ نادرا ايڊوائيز بيوروز هلائي رهيا آهن. اهي بيوروز پاڪستاني شهرين کي آن لائين درخواستون جمع ڪرائڻ جي سلسلي ۾ مدد ڏيڻ عيوض کانئن پيسا وصول ڪن ٿا“.

هاءِ ڪميشن پاران وضاحت ڪندي چيو ويو آهي ته ”نادرا ايڊوائيز بيورو غيرقانوني آهن ۽ اهڙا بيورو قائم ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستاني هاءِ ڪميشن يا ان جي قونصليٽن پاران ڪا به اجازت جاري ناهي ڪئي وئي. اهڙن بيوروز کي قائم ڪرڻ جي حوالي سان جيئن ته ڪا به سرڪاري اجازت مليل نه آهي ان ڪري انهن بيوروز وسيلي درخواستون ڏيندڙ شهرين کي جيڪو مالي نقصان رسندو يا سندن معلومات جي چوري ٿيندي، پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۽ ان جا قونصليٽ ان حوالي کان ذميوار نه هوندا.

درخواستون ڏيندڙ ڪيترائي شهري سندن درخواستن ۾ انهن بيوروز پاران ڪيل ڌوڪيبازيءَ سبب ڪمپيوٽرائيزڊ قومي شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ واري سلسلي ۾ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن“.

پريس اتاشي منير احمد خبردار ڪيو ته ”انهن غيرقانوني نادرا ايڊوائيز بيوروز پاران حڪومت پاڪستان جا سرڪاري نشان يا نالا استعمال ڪرڻ به غيرقانوني فعل هوندو جنهن جي ڪري انهن خلاف قانوني قدم کنيا ويندا“. هن برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي صلاح ڏني آهي ته اهو سندن بهتر مفاد ۾ آهي ته هو اهڙي معاملي بابت خبردار رهندي احتياط کان ڪم وٺن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here