ڊيرا اسماعيل خان: ويڙهه جي چيني فن ”ڪَنگ فُو“ ۾ ناقابل شڪست صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ سبب قبائلي علائقن جي نوجوان محمد عرفان محسود جو نالو گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. وُشو فيڊريشن آف پاڪستان اينڊ سائوٿ ايشيا جي صدر ملڪ افتخار ٻڌايو ته، عرفان محسود کي اهڙي غيرمعمولي ڪاميابي 2016 دوران لڳاتار  5 رڪارڊ ٽوڙڻ سبب حاصل ٿي آهي.

مختلف سرگرمين ۾ رڪارڊ قائم ڪرڻ ۽ رڪارڊ ٽوڙڻ وارن رانديگرن جي پڌرائي ڪرڻ متعلق گنيز ورلڊ رڪارڊ کي عالمگير حيثيت حاصل آهي، گنيز ورلڊ رڪارڊ پاران محمد عرفان محسود کي هن پاران ”هڪ منٽ دوران هڪ ڄنگھ استعمال ڪندي گوڏي سان 87 ضربون هڻڻ“ واري ڪامياب مشق ڪرڻ سبب قائم ڪيل رڪارڊ تسليم ڪيو ويو آهي.

Irfan Mehsud during practice

عرفان جي جن ٻين رڪارڊز کي تسليم ڪيو ويو آهي انهن ۾، سڀ کان گھڻا پش اپس لڳائڻ (هڪ ڄنگھ جي سهاري، 40 ڪلو وزن کڻي) هڪ منٽ دوران 31 پش اپس هڻڻ، هڪ منٽ دوران (40 ڪلو وزن سميت) 26 ڪَنڪل پش اپس لڳائڻ، سڀ کان گھڻا ڪنڪل پش اپس (هڪ ڄنگھ سهاري 40 ڪلو وزن سميت) هڪ منٽ دوران 21 پش اپس هڻڻ ۽ هڪ ڄنگھ سهاري 80 ڪلو وزن کڻي هڪ منٽ دوران سڀ کان گھڻا 21 پش اپس لڳائڻ وارا رڪارڊ به شامل آهن. هن اهي رڪارڊ هلندڙ سال جي جولاءِ کان آڪٽوبر مهينن دوران قائم ڪيا آهن.

پٽزبرگ ڪنگ فو جي ماهرانه صلاحيت ناردرن ڪنگ فو سسٽم جو حصو آهي جيڪا چيني مارشل آرٽ جي سوين نمونن تي مشتمل آهي. ڪنگ فو جي ويڙهه جي انهن نمونن کي انتهائي ڏکيو تصور ڪيو ويندو آهي. ڪنگ فو واري هڪ جسماني حرڪت کي جسم جي هڪ عضوي وسيلي سڌيءَ ريت حملي آور ٿيڻ قرار ڏنو ويندو آهي جنهن جا ڪيترائي طريقا ٿي سگھن ٿا.

26 سالن جو عرفان محسود، دهشتگرديءَ جي ستايل ڏکڻ وزيرستان ايجنسيءَ جي ڪچن رستن واري هڪ ڳوٺ لڌا جو رهواسي ۽ ايم فل جو شاگرد آهي. هن جون اهي ڪاميابون ملڪ افتخار لاءِ اوچتي خوشيءَ جو سبب بڻجي پيون آهن. ملڪ افتخار جو چوڻ آهي ته کيس جڏهن اها خبر پئي ته پاڪستان جي قبائلي علائقن جو اهو نوجوان جنهن جي خاندان کي ڏکين حالتن جي ڪري بي گھر به ٿيڻو پيو ان رڪارڊ قائم ڪيا آهن ته کيس تمام گھڻي خوشي ٿي.

نيوز لينز پاڪستان سان ڪچهري ڪندي محمد عرفان محسود ڪجهه پراڻين ڳالهين کي ياد ڪندي ٻڌايو ته هن جي والدين کي ڏکڻ وزيرستان سان لڳو لڳ واقع ڊيرا اسماعيل خان ڏانهن لڏپلاڻ ڪري اچڻو پيو ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ طالبان وچ ۾ شروع ٿيل ويڙهه ۾ تمام گھڻي شدت اچي وئي هئي.

محمد عرفان محسود ”رڪارڊ قائم ڪرڻ واري شخص“ وارو اعزاز ملڻ کي سندس زندگيءَ تبديل ڪري ڇڏڻ واري واقعي طور ياد ڪري ٿو. هن جو چوڻ هو ته هڪ رانديگر لاءِ ڪنهن به مخصوص ڏهاڙي رڪارڊ ٽوڙڻ جون ڪي به حدبنديون لاڳو نه آهن. هن کان اڳ وارن رانديگرن هڪ ڏهاڙي رڪارڊ قائم ڪيا ۽ ان کان اڌ سال پوءِ هن اهي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. عرفان محسود هڪ پاڪستاني رانديگر پاران قائم ڪيل رڪارڊ به ٽوڙيا آهن. احمد امين بودلا هڪ منٽ دوران 79 اسٽرائيڪس هڻڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو جيڪو عرفان محسود هڪ منٽ ۾ 87 اسٽرائيڪس هڻي ٽوڙي ڇڏيو آهي. احمد امين بودلا جو تعلق پنجاب صوبي سان آهي.

گنيز ورلڊ رڪارڊ بوڪ پاران ساليانه بنيادن تي سموري دنيا جي رانديگرن پاران  قائم ٿيندڙ رڪارڊن جي تصديق ۽ رڪارڊ قائم ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ مشق جا دستاويز ترتيب ڏنا ويندا آهن. هڪ نئين رڪارڊ کي قائم ڪرڻ انتهائي پيچيده عمل هوندو آهي. گنيز ورلڊ رڪارڊ پڌرو ڪيو آهي ته انهيءَ اداري کي رڪارڊن قائم ڪرڻ لاءِ هر هفتي لڳ ڀڳ هڪ هزار درخواستون وصول ٿينديون آهن.

عرفان محسود پاران مستقبل ۾ رڪارڊ ٺاهڻ جي دلچسپي رکندڙن کي ڄاڻ ڏيڻ خاطر ٻڌايو آهي ته رڪارڊ جي رجسٽريشن خاطر سڀ کان پهريان هڪ خواهشمند کي گنيز ورلڊ رڪارڊ جي ويب سائيٽ تي اڪائونٽ ٺاهي درخواست جو فارم ڀرڻو پوندو آهي. ان بعد جي ڊبليو آر جي انتظاميا اهي تفصيل محفوظ ڪري رانديگر کي رڪارڊ ٺاهڻ جي اجازت ڏيندي آهي.

هن اهو پڻ ٻڌايو ته اهو سمورو عمل مڪمل ٿيڻ بعد گنيز ورلڊ رڪارڊ کي رڪارڊ ٽوڙڻ واري مشق جي سلوموشن واري ٻه رخي عڪسبندي ڪرڻي هوندي آهي. اها وڊيو رڪارڊنگ سامهون کان ۽ پاسن کان هڪ ئي وقت ڪئي ويندي آهي. هن ياد ڪندي ٻڌايو ته هن رڪارڊ ٽوڙڻ واري پنهنجي مشق ڊيرا اسماعيل خان ۾ واقع پنهنجي ننڍڙي ڪلب ۾ 30 ماڻهن جي موجودگي وقت ڪئي.

عرفان محسود يادگيرين کي ساريندي اهو پڻ ٻڌايو ته، هو ڪنگ فو مارشل آرٽ جي مشهور چيني رانديگر جيڪي چن کان متاثر ٿي هن سرگرميءَ طرف آيو. جيڪي چن کي اها مهارت حاصل آهي ته هر قسم جي مشڪل صورتحال ۾ به هو تحمل سان پنهنجي صلاحيت کي استعمال ڪري سگھندو آهي. عرفان محسود جو چوڻ هو ته هن پنهنجي فن جو اظهار ۽ سکيا ان وقت شروع ڪئي جڏهن کيس انهيءَ ڪم لاءِ مخصوص جڳهه يا ڪلب جي سهولت به حاصل نه هئي.

عرفان جو خواب آهي ته، هو پنهنجي صلاحيتن ۾ وڌيڪ نِکار آڻي ۽ مستقبل جي رانديگرن کي استاد طور سکيا ڏئي سگھي. عرفان جو چوڻ هو ته هو مارشل آرٽ جي اڪيڊمي کولڻ چاهي ٿو ته جيئن اتي جيڪي نوجوان تربيت وٺن انهن جو مقابلو ڪير به نه ڪري سگھي.

عرفان محسود جو خواب ان وقت ساڀيان جي انتهائي ويجهو پهچي ويو، جڏهن پاڪستان اسپورٽس بورڊ (پي ايس بي) پاران 2005 ۾ تيار ڪيل اسپورٽس پاليسيءَ جو نئين سِري سان جائزو وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو. انهيءَ پاليسيءَ تحت بورڊ پاران راندين جي سرگرمين کي مقامي سطح تي هٿي وٺرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پاڪستان اسپورٽس بورڊ طئي ڪيو آهي ته، ملڪ اندر راندين جا معيار تنزليءَ جو شڪار ٿي رهيا آهن ان ڪري حڪومت جي هدايتن تحت راندين جي سرگرمين کي موثر انداز سان هٿي وٺرائڻ خاطر جيڪي به ڪوتاهيون ۽ خاميون موجود آهن انهن کي ختم ڪري راندين بابت ادارن کي سگھارو ڪيو ويندو ۽ نوجوان رانديگرن کي ڀرپور موقعا ڏنا ويندا.

جڏهن ته عرفان محسود لاءِ ڳڻتيءَ جو هڪ پاسو اهو به موجود آهي ته پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي پاليسيءَ مطابق ڪنگ فو آرٽ کي سرڪاري سرپرستي حاصل نه آهي.

پاڪستاني فوج پاران ڏکڻ وزيرستان ايجنسيءَ کي دهشتگردن جو ڳڙهه ظاهر ڪندي سندن خلاف فوجي ڪارروائيءَ جو آغاز ڪرڻ کانپوءِ تمام گھڻي تعداد ۾ مقامي ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي، جيتوڻيڪ فوجي ڪارروائي مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ لڏي ويل ماڻهو واپس پنهنجي گھرن ۾ آباد ٿي رهيا آهن پر انهيءَ قبائلي علائقي کي اڃان به دنيا جو خطرناڪ ترين علائقو تصور ڪيو وڃي ٿو.

ملڪ افتخار جو چوڻ هو ته پاڪستان جي قبائلي علائقن متعلق دنيا کي صرف اها ڄاڻ هئي ته اتي دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ جو زور آهي پر عرفان محسود جهڙن پرجوش رانديگرن کي مليل ڪاميابيءَ سان اهو پيغام پڻ حاصل ٿيو آهي ته هن علائقي ۾ اهڙين صلاحيتن وارا ماڻهو به موجود آهن جن جو مقابلو ڪير نه ٿو ڪري سگھي پر انهن جي صلاحيتن کي ڳولهي لهڻ جي ضرورت آهي.

هڪ ٻئي ڪنگ فُو رانديگر حبيب الله جو چوڻ هو ته، عرفان محسود کي جيڪڏهن سٺي تربيت، ضروري ساز و سامان ۽ صلاحيتن جي اظهار جا ڀرپور موقعا ڏنا وڃن ته هو ڪنگ فُو جي ”عالمي ستاري“ طور اڀري سگھي ٿو. ڇو ته عرفان محسود ئي اهو نوجوان آهي جنهن وُشو ڪنگ فُو کي پاڪستان ۾ متعارف ڪرايو آهي.

محمد عرفان محسود جو چوڻ هو ته، ڪرائي تي حاصل ڪيل هڪ ڪچي گھر اندر هو روزانو مشق ڪندو آهي ۽ انهيءَ ڪوشش ۾ رڌل آهي ته دنيا آڏو پاڪستان جو مثبت پهلو پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي. جڏهن ته هن جي خواهش آهي ته بهتر تربيت خاطر ٻاهرين ملڪ وڃي پر سندس اها خواهش حڪومت جي سرپرستيءَ کانسواءِ پوري نه ٿي ٿي سگھي.

هن جو چوڻ هو ته هو هڪ ڏکي زندگي گهاري رهيو آهي ڇو ته کيس محدود وسيلا حاصل آهن ۽ حڪومت پاران ڪا به مدد نه پئي ڪئي وڃي. هن اميد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته کيس جن شين ۽ عمارت جي ضرورت آهي، اهي کيس فراهم ڪيون وينديون ته جيئن هو دنيا جي سطح تي ٿيندڙ مقابلن ۾ حصو وٺي پنهنجي ملڪ ڪامياب ٿي موٽي ۽ ملڪ لاءِ اعزاز حاصل ڪري.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here