ماهواريءَ بابت ڄاڻ نه هئڻ سبب ڇوڪريون بيمارين جي ور چڙهيل

0
1722

پشاور: صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ 79 سيڪڙو ڇوڪريون ماهواريءَ وارن ڏينهن ۾ صفائي سٿرائيءَ جو جوڳو بندوبست نه ڪري سگھڻ سبب خاموشيءَ سان عورتن کي ٿيندڙ بيمارين ۽ نفيساتي مسئلن جي وِر چڙهي صدمي ۽ شرمساريءَ واري ڪيفيت کي منهن ڏينديون رهن ٿيون.

ريئل ميڊيسن فائونڊيشن جي نيشنل رسرچ مئنيجر افشان ڀٽيءَ چيو آهي ته ماهواريءَ وارن ڏينهن ۾ صفائي سٿرائي نه رکڻ واري عمل سبب پيشاب جي نالين ۾ زخم UTI)) ٿي سگھي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ مثاني جي سوڄ ۽ جيوڙن ڦهلجڻ واري بيماري ٿي سگھي ٿي. اهڙين بيمارين سبب ئي عورتون ٻار ڄڻڻ جي صلاحيت کان محروم ٿي پونديون آهن.

افشان ڀٽيءَ نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته انهيءَ مسئلي جو اصل سبب عورتن ۾ ماهواريءَ بابت ڄاڻ جي اڻهوند آهي ڇو ته اسانجي معاشري ۾ اهڙن معاملن تي ڳالهائڻ کي سٺو ناهي سمجهيو ويندو.

28 مئي کي ”ماهواري دوران صفائي سٿرائيءَ بابت ڏينهن“ طور سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي، افشان ڀٽي ان حوالي سان ٿيل تقريب ۾ خيالن جو اظهار ڪرڻ وارن مهمانن مان هڪ هئي. ان ڏينهن جي مناسبت سان سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن پاران ”ماهواريءَ بابت ڄاڻ صورتحال کي مڪمل تبديل ڪري سگھي ٿي“ جي عنوان سان پشاور يونيورسٽيءَ ۾ منعقد ڪيل تقريب جو مقصد ماهواريءَ وارن ڏينهن ۾ عورتن کي صفائي سٿرائي رکڻ متعلق ڄاڻ ڏيڻ هيو.

مخصوص عورتاڻي عضوي وسيلي ٻچيدانيءَ مان رت ۽ ”پاڻياٺين جهَلين“ جي باقاعدگيءَ سان خارج ٿيڻ واري مينسٽروئيشن جي عمل کي عام طور تي ”پيريڊ“ يا ماهواري به سڏيو ويندو آهي. 08 کان 15 سالن جي ڄمار وارين ڇوڪرين کي ماهواري اچڻ شروع ٿي ويندي آهي جنهن کي بلوغت جي علامت به تصور ڪيو ويندو آهي.

افشان ڀٽيءَ چيو ته حد ته اها آهي جو ان معاملي بابت ماءُ ۽ ڌيءُ وچ ۾ بحث ناهي ڪيو ويندو، خاندان جي مرد ڀاتين جي ته ڳالهه ئي رهڻ ڏيو. هن اهو پڻ چيو ته ماهواريءَ کي عام معاملو تصور ڪرڻ گھرجي ۽ اهو خاندان جي عورت توڙي مرد ڀاتين سان بحث هيٺ آڻڻ گھرجي.

ان هوندي به، حقيقت اها آهي ته پشاور يونيورسٽيءَ جي جنهن هال ۾ اها تقريب منعقد ڪئي وئي ان ۾ تقريرون ڪرڻ واريون به عورتون هيون ۽ تقريرون ٻڌڻ لاءِ به شاگردياڻين کي ئي مدعو ڪيو ويو هيو، جن انهيءَ راءِ جو اظهار ڪيو ته ماهواريءَ بابت مرد ڀاتين سان لهه وچڙ ۾ اچڻ آسان نه آهي. تقريب ۾ شرڪت خاطر صرف عورتن کي مدعو ڪرڻ ڪو حادثاتي واقعو نه هيو پر اهو بندوبست سوچيل سمجهيل انداز سان ڪيو ويو. سماجي ۽ ثقافتي رواجن پٽاندڙ ماهواريءَ بابت کلئي عام خاص ڪري مردن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ مٿان اڻ اعلانيل پابندي پيل آهي.

ٻين کان علاوه اها حقيقت به نظر ايندي رهي ته تقريب جو اهتمام ڪرڻ وارن ميڊيا جي مرد رپورٽرن کي تقريب جي ڪوريج ڪرڻ لاءِ نه سڏايو هيو. تقريب جي تفصيلن بابت ميڊيا جي نمائندن کي تحريري پريس رليز مهيا ڪئي وئي ۽ آرگنائيزرن تقريب جي پڄاڻيءَ تي رسڻ کانپوءِ ئي ميڊيا کي انٽرويو ڏنا. تقريب ۾ اچي مقررن جا خطاب غور سان ٻڌڻ وارين شاگردياڻين لاءِ به اهڙي نوعيت جي تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ جو هي پهريون موقعو هيو.

افشان ڀٽيءَ ٻڌايو ته ”بهتر صحت لاءِ گھربل صفائيءَ ۽ سٿرائيءَ بابت اسڪولن جي استادياڻين ۽ ليڊي هليٿ ورڪرز (ايل ايڇ ويز) جو ڪردار انتهائي اهميت وارو آهي. صفائي رکڻ بابت ڄاڻ ڏئي، صفائي سٿرائيءَ سان تعلق رکندڙ بيمارين جي سلسلي ۾ اسپتالن مٿان پوندڙ بار کي گھڻائڻ جي سلسلي ۾ اهي اهم ڪردار ادا ڪري سگھن ٿيون“.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي افشان ڀٽيءَ چيو ته پيئڻ جي صاف پاڻيءَ ۽ گندگيءَ کي مناسب انداز سان ٺڪاڻي لڳائڻ جيان ئي باوقار زندگي گذارڻ خاطر ماهواريءَ وقت صاف سٿرو رهڻ به عورتن جي بنيادي ضرورت آهي. هن اهو پڻ چيو ته ”ماهواري ڇوڪرين جي بلوغت جي علامت آهي، پر ان جي ڪري گھرڀاتين توڙي ٻين ماڻهن سان سندن ميل جول متاثر ٿيندو آهي ان جي ڪري سندن تعليم تي به واضح اثر پوندا آهن“.

تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ رومين خان نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته، هن لاءِ هي پهريون موقعو هيو جو هن اهڙي معاملي، جنهن کي انتهائي گھٽ بحث هيٺ آندو ويندو آهي، متعلق ٿيل ڪنهن تقريب ۾ شرڪت ڪئي هجي. هن ٻڌايو ته تقريب ۾ جيڪي به ڳالهيون بحث هيٺ آنديون ويون اهي ڪارآمد آهن ۽ تقريب جو ماحول عورتن کي همٿائڻ وارو هيو.

پشاور جي هڪ مذهبي عالم محمد مشتاق جو چوڻ هو ته، قرآن پاڪ ۾ ماهواري (حيض) جو ذڪر ڪيترائي ڀيرا ٿيل آهي. هي مقدس ڪتاب آهي جيڪو مسلمانن کي زندگيءَ جي هر رخ متعلق رهنمائي مهيا ڪري ٿو. هن اهو به چيو ته ”ان (ماهواريءَ) کي بحث هيٺ آڻڻ کان منع ڪيل معاملو تصور نه ڪرڻ گھرجي ڇو ته هر هڪ مسلمان کي هدايت ڪيل آهي ته هو زندگيءَ جي هر هڪ رخ جي عڪاسي ڪندو رهي.

آر ايم ايف (RMF) پاران سڄي ملڪ مان ڪرايل هڪ سروي مطابق بلوغت جي عمر ٿي وڃڻ باوجود اڪثر ڇوڪرين کي ماهواريءَ بابت ڪا به ڄاڻ ناهي هوندي. ڇوڪرين کي ڄاڻ جي اڻهوند ۾ جڏهن پهريون ڀيرو ماهواري ايندي آهي ته اهي صدمي ۾ وٺجي وينديون ۽ شرمساري محسوس ڪنديون آهن. اهڙي شرمساريءَ جي ڪري هو اندروني صدمي کي ڀوڳينديون رهنديون آهن ڇاڪاڻ ته هو ان معاملي بابت ڪنهن سان ڳالهائي به ناهن سگھنديون.

افشان ڀٽي جو چوڻ هو ته ”ڪجهه ڇوڪريون ته ان کي موتمار بيماري سمجهي سخت خوفزده به ٿي پونديون آهن. مخصوص عضوي مان رت جاري ٿيڻ سبب پهچندڙ صدمي مان جان ڇڏائڻ خاطر ڪيتريون ئي ڇوڪريون خودڪشي ڪرڻ واري خيال تي به سوچينديون رهنديون آهن“.

ڄاڻ جي اڻهوند سبب عام ماڻهن، مردن توڙي عورتن ۾ ماهواري بابت ڪيتريون ئي ڏندڪٿائي ڳالهيون به ڦهليل رهن ٿيون. اهڙين ڏندڪٿائي ڳالهين ۾ چيو ويندو آهي ته ماهواريءَ دوران غسل نه ڪيو وڃي، ڀڄڻ کان پرهيز ڪئي وڃي، وزن نه کنيو وڃي يا ڪي خاص کاڌا نه واپرايا وڃن. افشان ڀٽيءَ چيو ته اهڙي ڪنهن به ڳالهه کي ميڊيڪل سائنس تسليم نه ٿي ڪري.

ماهواري سان لاڳاپيل ڏندڪٿائن جو خاتمو آڻڻ ۽ ماهواريءَ وارن ڏينهن ۾ صفائي رکڻ بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ آر ايم ايف پاران ”ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي بلوغت بابت ڪتاب“ متعارف ڪرايو ويو آهي.

اهو ڪتاب نيويارڪ جي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ سماجي طبي سائنس جي شعبي سان لاڳاپيل ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر مارني سومير جي تحقيق جو نچوڙ آهي. اهو ڪتاب بلوغت واري عمر کي پهچڻ کانپوءِ ڇوڪرين توڙي ڇوڪرن جي جسم ۾ ايندڙ نمايان تبديلين بابت بنيادي ڄاڻ مهيا ڪرڻ جي ارادي تحت تيار ڪيو ويو آهي. انهيءَ ڪتاب کي گھانا، ڪمبوڊيا ۽ ايٿوپيا ۾ انهن ملڪن جي مقامي زبانن ۾ شايع ڪيو ويو آهي.

آر ايم ايف سان لاڳاپيل افشان ڀٽيءَ ٻڌايو ته انهيءَ ڪتاب جو مقامي ڇاپو جلد ”بلوغت متعلق پاڪستان جو ڪتاب“ جي نالي سان پڌرو ڪيو ويندو. اهو ڪتاب ابتدائي طور تي چئني صوبن ۽ بعد ۾ فاٽا جي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم پرائيندڙ ٻارن ۾ ورهايو ويندو. افشان جو چوڻ هو ته آر ايم ايف پاران سڄي جو سڄو نه تڏهن به انهيءَ ڪتاب جا ڪجهه حصا نصابي ڪتابن ۾ شامل ڪرڻ خاطر چئني صوبن جي ٽيڪسٽ بوڪ بورڊن سان به رابطا ڪيا ويا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here