پي آءِ اي جي جرمنيءَ ۾ موجود جهاز جو وڪرو اڃان تائين ڳجهارت بڻيل

0
1068

لاهور: پاڪستان جي قومي هوائي ڪمپني، پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين پنهنجي پاڻ کي ان وقت هڪ نئين اسڪينڊل وچ ۾ بيٺل ڏٺو جڏهن ايئربس 310 نالي جهاز غائب هجڻ جو معاملو سامهون آيو.

نئين تڪرار مطابق پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز پاران ڪمپنيءَ جي اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سِي اِي او) برنڊ هلڊنبرانڊ مٿان ايئربس 130 جرمني کڻي وڃڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. لاپته ٿي ويل جهاز بابت پي آءِ اي جي ترجمان مشهود تاجور مطابق جهاز پهريان هڪ فلم جي رڪارڊنگ خاطر مالٽا ڏانهن اڏام ڪئي، جنهن بعد هلڊنبرانڊ جهاز کي جرمني وٺي ويو. مشهود تاجوَر اهو پڻ چيو آهي ته پاڪستان پاران جهاز جو وڪرو ناهي ڪيو ويو ۽ پي آءِ اي طرفان دنيا جي ڪنهن ٻي ايئرلائين سان اهڙي قسم جو سودو به ناهي ڪيو ويو.

جهاز لاپتا ٿيڻ جي ڪهاڻي سڀ کان پهريان پارليامينٽ جي ايوان مان منظرعام تي آئي. متحده قومي موومينٽ سان تعلق رکندڙ سينيٽ جي ميمبر ڪرنل (ر) طاهر مشهديءَ پاران سينيٽ اجلاس دوران اهو معامو پارلياماني معاملن جي مملڪتي وزير شيخ آفتاب احمد آڏو اٿاريو ويو جنهن بعد ۾ قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران وضاحت ڪئي ته ”ڪنهن کي به پتو ناهي ته پي آءِ اي جو جهاز ڪيڏانهن غائب ٿي ويو آهي“. شيخ آفتاب احمد مطابق معاملي جي جاچ خاطر هڪ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي. هن برنڊ هلڊنبرانڊ تي الزام لڳايو ته جهاز هو پاڻ سان ساڻ ڪري ويو آهي.

نيوزلينز پاران برنڊ هلڊنبرانڊ سان رابطو ڪري انهيءَ معاملي بابت سندس موقف ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هلڊنبرانڊ نه صرف انهيءَ الزام کي رد ڪيو پر هن پي آءِ اي انتظاميا مٿان سندس ڪم ڪرڻ واري راهه ۾ رڪاوٽون وجهڻ جو الزام به لڳايو. هلڊنبراڊ چيو ته ”انهيءَ معاملي بابت مون تي الزام کِل جوڳو آهي“. هن اهو انڪشاف پڻ ڪيو ته ڪير به انهيءَ جهاز کي خريدڻ لاءِ تيار نه هيو ايتري تائين جو ڪير ان کي تربيتي مقصدن لاءِ به استعمال ڪرڻ تي راضي نه ٿيو.

هن موجب ته ”ڄاڻايل جهاز جرمنيءَ ڏانهن روانو ٿيو جتي هن کي لپزگ شهر ۾ وڪرو ٿيڻو هيو پر وڪري بابت ڳالهيون ڪامياب نه ٿي سگھيون. جهاز اڃان به ”ڊاڪ“ (جهاز بيهارڻ واري اڏي) تي بيٺل آهي ۽ هاڻي پي آءِ اي جي انتظاميا کي ان جي مستقبل بابت فيصلو ڪرڻو آهي. ان حوالي سان ڪا به ڌر قدم اڳتي نه پئي وڌائي ۽ جيڪو ليٽر مون گڏائي اماڻيو آهي اهو منهنجي چيل ڳالهين جي تصديق ڪندو“.

اي 130 جهاز کي پي آءِ اي جي اڏام ڪندڙ جهازن جي سٿ مان ”اَن فِٽ“ قرار ڏيڻ کانپوءِ ڌار ڪندي وڌيڪ استعمال نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اهو جهاز گذريل 30 سالن کان اڏامون ڀريندو رهيو ۽ قابليت مطابق انهيءَ جهاز کي جيترا ڪلاڪ پرواز ڪرڻي هئي اها ڪاميابيءَ سان پوري ڪرڻ بعد فضائن ۾ اڏامڻ جي لائق نه رهيو.

جرمنيءَ جي هڪ ڪمپنيءَ کي جهاز جي ”غيرقانوني وڪري“ واري ڪهاڻي ڊسمبر 2016 کان گردش ۾ آهي. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ پاران اهڙي سرگرميءَ خلاف سينيٽ ۾ هڪ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرايو ويو. هلندڙ سال جي مارچ مهيني ۾ پارليامينٽ ميمبرن پي آءِ اي انتظاميا طرفان ڄاڻايل جهاز جرمنيءَ جي ميوزيم کي وڪرو ڪرڻ واري فيصلي بابت اعتراضن وارو تحريري موقف پڻ اختيار ڪيو.
حيرت جي ڳالهه ته اها به آهي جو نيوزلينز سان ٽيليفون وسيلي ڳالهه ٻولهه ڪندي سول ايوي ايشن بابت وفاقي وزارت جي سيڪريٽري عرفان الاهيءَ انڪشاف ڪيو ته جهاز لاپتا ناهي ٿيو پر پي آءِ اي پاران جهاز جرمنيءَ جي هڪ ميوزيم کي 57 هزار يورو عيوض وڪرو ڪيو ويو آهي. هن اهو پڻ چيو ته مالٽا مان جهاز کي واپس ملڪ آڻڻ بجاءِ اسان دانشمندي ان ۾ سمجهي ته ان کي اتان کان ئي جرمنيءَ اماڻيو وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته ”جهاز جي وڪري واري معاملي جي جڏهن آڊٽ ڪئي وئي ته ان ۾ ڪيتريون ئي بي ضابطگيون نظر آيون. اسان کي پتو پيو ته جهاز جي وڪري بابت وصول ٿيل ٽينڊر جهاز جي وڪري بعد کوليا ويا. ٻئي طرف تاثر اهو پئي ڏنو ويو ته جهاز وڪرو ٿي چڪو آهي پر اسان وڪري واري آڇ کي حتمي طور تي قبول نه ڪيوسين ڇو ته اسان جهاز مان اڃان تائين انجڻ ناهي ڪڍي. هلڊنبرانڊ جهاز مان انجڻ نه ڪڍي وڏو ڏوهه ڪيو آهي ۽ ان کي اڃان تائين جرمنيءَ ۾ رکيو ويٺو آهي“.

جرمن شهري برنڊ هلڊنبرانڊ گذريل سال پي آءِ اي ۾ چيف آپريٽنگ آفيسر طور شامل ٿيو بعد ۾ کيس ترقي ڏئي سي اِي او مقرر ڪرڻ کان ڪجهه مهينا پوءِ ئي اپريل مهيني ۾ کيس ڪرپشن جي الزامن سبب عهدي تان هٽايو ويو.

ميڊيا پاران ان حوالي کان چوڌري نثار جي بيان جا حوالا ڏنا ويا جنهن هلڊنبرانڊ کي في ڪلاڪ 8 هزار ڊالر جي ڪرائي عيوض هڪ جهاز سري لنڪا مان حاصل ڪرڻ واري معاملي ۾ ڪرپشن جو ذميوار قرار ڏنو ڇو ته هڪ ٻي ايئرلائين ان کان اڌو اڌ اگھ تي ساڳي نوعيت جو جهاز مهيا ڪرڻ خاطر راضي هئي. ان هوندي به هلڊنبرانڊ خلاف اهڙي الزام تحت ڪا به قانوني ڪارروائي نه ڪئي وئي جيتوڻيڪ ايف آءِ اي پاران هن خلاف جاچ به شروع ڪئي وئي.

جيئن ته هي چوريءَ جو هڪ معاملو آهي ان ڪري گذريل سال پي آءِ اي جي اڳوڻي سربراهه جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو ان باوجود کيس سفر ڪرڻ جي خاص اجازت ڏيندي کيس پاڪستان مان هلئي وڃڻ جي سهولت مهيا ڪئي وئي. ميڊيا جي خبرن مطابق هلڊنبرانڊ واپس پاڪستان اچي الزامن کي منهن ڏيڻ جي هام به هنئي آهي.

پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر سليم مانڊي والا ميڊيا کي ٻڌايو ته جهاز جي ماليت لکين ڊالرن ۾ آهي پر جرمنيءَ جي ميوزيم کي اهو جهاز صرف 5.3 ملين ڊالرن عيوض وڪرو ڪيو ويو آهي. ڳالهه مالٽا ۾ جهاز کي ڪمرشل بنيادن تي استعمال ڪري پيسا ڪمائڻ جي هجي يا سندس مبينا وڪري جي، اهڙين ڳالهيون سمجهه ۾ اچڻ کان ئي ٻاهر آهن. سليم مانڊي والا الزام هڻندي چيو ته ”جهاز جي وڪري بابت پي آءِ اي جا هيٺان کان مٿي تائين سڀ ذميوار غلط بياني ڪري رهيا آهن“.

نيوزلينز کي ڄاڻ ملي آهي ته اهڙي قسم جي جهاز کي وڪرو ڪرڻ کان اڳ ان مان انجڻ الڳ ڪئي ويندي آهي. سليم مانڊي والا مطالبو ڪيو آهي ته اسان اهو ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته انجڻ ڪڍي وٺڻ کان اڳواٽ ئي ڪهڙيءَ ريت جهاز کي جرمنيءَ پهچايو ويو. ميڊيا جي خبرن ۾ اهو الزام به سامهون آيو آهي ته اختيارين پاران هڪ موقعي تي جهاز کي ڪٻاڙ جي حيثيت ۾ وڪرو ڪرڻ وارو خيال به ويچار هيٺ آندو ويو هيو.

انهيءَ معاملي سان لاڳاپو رکندڙ ٻين هٿڪنڊن ۽ کٽل نقطن ڏانهن اشارو ڪندي سليم مانڊوي والا چيو آهي ته ”جهاز کي مالٽا مان هر صورت ۾ پاڪستان وٺي اچڻو هيو جنهن بعد ان کي غيرفعال ڪري جرمنيءَ تائين پهچايو وڃي ها. هوابازيءَ بابت سينيٽ جي ڪاميٽيءَ جي اجلاس دوران جڏهن پي آءِ اي جي اختيار ڌڻين کان پڇاڻو ڪندي کين جهاز جي وڪري واري ٺيڪي ۽ ٽينڊر جا دستاويز پيش ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته هو اهي دستاويز پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿابت ٿيا جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته جهاز غلط مقصدن ۽ ذاتي مفادن جي پورائي خاطر وڪرو ٿي چڪو آهي“.

هن گھوٽالي بابت پي آءِ اي انتظاميا جي تازي وضاحت مان پتو پئجي رهيو آهي ته هلڊنبرانڊ کان پڇاڻو ڪيو ويندو. ان هوندي به معاملي بابت مڪمل تحقيقاتي رپورٽ جيستائين منظرعام تي اچي نه ته عرفان الاهي ۽ نه ئي مشهود تاجور يا ڪنهن به ٻئي فرد وٽ اهڙي ڪا ترڪيب موجود آهي جنهن متعلق اهو پڪ سان چئي سگھجي ته انهيءَ ترڪيب کي استعمال ڪندي پي آءِ اي جي لاپتا يا وڪرو ٿيل جهاز جو معاملو مڪمل طور تي حل ٿي ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here